زراعت

سکر: ٽريڪٽر اسڪيم ڪامورن جي نظر ٿي وئي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
TRACTOR پيپلزپارٽي پاران زراعت جي ترقي ۽ آبادگارن کي خوشحال بڻائڻ لاءِ شروع ڪيل ٽريڪٽر اسڪيم ڪامورن جي نظر ٿي وئي، ڪيترائي آبادگار ڪڻا نڪرڻ توڙي پئسا جمع ڪرائڻ باوجود روزانو آفيسن ٻاهران قطارن ۾ بيهي بيهي واپس موٽڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن ان ڏس ۾ مختلف آبادگارن جان محمد عبدالحق، ، ۽ ٻين ٻڌايو ته بيورو ڪريسي ۽ ڪامورا شاهي ان اسڪيم کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مختلف بهانا ڪري رڪاوٽون وجهي رهي آهي ڪيترن ئي آبادگارن جا ڪڻن ذريعي نالا نڪتا جنهن کانپوءِ انهن ٽريڪٽر جي حاصل لاءِ گهربل رقم به جمع ڪرائي پر تنهن هوندي به کين قطارن ۾ بيهاري اهو چئي واپس ڪيو وڃي ٿو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button