زراعت
-
بلوچستان کي 300 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي، ارسا ٽيم
بلوچستان سرڪار طرفان پٽ فيڊر ۽ کيرٿر ڪئنالن مان ورڇ کان گهٽ حصي ملڻ جي شڪايت تي ارسا جي ٽيم شهدادڪوٽ ويجهو گڙنگ ريگيوليٽر وٽ پاڻي جي ماپ ڪئي ارسا ٽيم جي ڪيل ماپ مان ظاهر ٿيو ته بلوچستان کي 300 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: ضلعي ۾ سارين جي پوکائي تي پابندي باوجود سارين جو ٻيجارو پوکجڻ وارين خبرن جو وزيراعلي سنڌ نوٽيس ورتو
خيرپور ضلعي ۾ سارين جي پوکائي تي پابندي باوجود سارين جو ٻيجارو پوکجن وارين خبرن جو وزيراعلي سنڌ نوٽيس ورتو ، ضلعي ۾ ڊي سي خيرپور جي ڪم تي زراعت کاتي ۽ روينيو کاتي جي عملدارن پوليس سان گڏجي سارين جو ٻيجو ساڙڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: ڪاٽن فيڪٽرين جي زهريلي دزي ماڻهن جي لاءِ عذاب بڻجي وئي
خيرپور ضلعي ۾ 70کان وڌيڪ ڪاٽن فيڪٽريون شهري آبادي جي وچ ۾ قائم هجڻ ڪري زهريلي دزي ماڻهن جي لاءِ عذاب بڻجي وئي. فيڪٽري مالڪن چند ٽڪا بچائڻ جي لاءِ فلٽر پلانٽ لڳائڻ کان لاچار، ضلعي انتظاميه ڪوبه نوٽيس نه ورتو، دزي سبب شهري دم ، ٽي بي، کنگهه سميت خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
اتر سنڌ ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ ٿيندڙ ساريالو فصل تيار
اتر سنڌ ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ ٿيندڙ ساريالو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پهچي چڪو آهي جڏهن ته ڪارخاني دارن پاران عيد ويجھو ايندي ئي سارين جا اگھ ڪيرائي ڇڏيا آهن. ٽي ڏينهن اڳ 980 رپين ۾ وڪرو ٿيندڙ سارين جو في مڻ هاڻي 900 رپين ۾ خريد ڪيو وڃي پيو
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: ڪاٽن فيڪٽري مالڪن عيد کان هڪ ڏينهن اڳ ڦٽين جو ريٽ 500 سئو گهٽائي ڇڏيو
تعلقي صوڀوديرو ۾ ڪاٽن فيڪٽري مالڪن عيد کان هڪ ڏينهن اڳ ڦٽين جو ريٽ 500 سئو گهٽائي ڇڏيو. ناجائز ڪڻتو هڻڻ جو سلسلو پڻ جاري آبادگار ڦرجڻ لڳا، انتظاميه به ڪاٽن فيڪٽريز جي مالڪن سان ٻٽ بڻجي وئي.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا ۽ ڀرپاسي ۾ ووئنڻن جي فصل تي ملي بگ جو خطرناڪ حملو
هنڱورجا ۽ ڀرپاسي ۾ ووئنڻن جي فصل تي ملي بگ جو خطرناڪ حملو سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ، زراعت کاتي جي ڪامورن اک به نه پٽي آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسڻ جو خدشو ملي بگ جي خاتمي لاءِ استعمال ٿيندڙ سڀئي زرعي دوائون بي اثر بڻجي ويون.
وڌيڪ پڙھو -
تعلقي صوڀوديرو ۾ وونئڻ جي فصل تي اڇي مک جو حملو
تعلقي صوڀوديرو ۾ وونئڻ جي فصل تي اڇي مک جو حملو هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل متاثر، سڀئي زرعي دوائون اڇي مک کي ختم ڪرڻ لاءِ بي اثر بڻجي ويون، آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ذراعت کاتي پاران اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي آه
وڌيڪ پڙھو -
لنڊڪي مائينر کي آر ڊي يوسف شاھ وٽ 50 فوٽ گهارو
لنڊڪي مائينر کي آر ڊي يوسف شاھ وٽ 50 فوٽ گهارو، ڪيترائي ڳوٺ ۽ ايڪڙن ۾ بيٺل فصل پاڻي هيٺ، آبپاشي عملو اطلاع باوجود نه پهتو، ڳوٺاڻا گهاري کي پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪرڻ ۾ مصروف، آبپاشي ايس ڊي او خلاف احتجاجي مظاهرو
وڌيڪ پڙھو -
گرڪڻو واهه جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري واهه جي پورجي وڃڻ خلاف مظاھرو
گرڪڻو واهه جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري واهه جي پورجي وڃڻ ۽ پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سوين آبادگارن جو پنجين ڏهاڙي به سڳيون ڀرسان لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ، ڌرڻو ، ٽائرن کي باهيون
وڌيڪ پڙھو -
ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو خلاف ڳوٺاڻن جو مظاھرو
ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو پاران نولکي واهه مان نڪرندڙ واٽر ڪورس کي بند ڪرڻ ۽ اريگيشن جي ريسٽ هائوس جو لوهه ۽ ڪاٺ وڪرو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ايس ڊي او خلاف پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان
وڌيڪ پڙھو