زراعت

لنڊڪي مائينر کي آر ڊي يوسف شاھ وٽ 50 فوٽ گهارو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
Moro pixs shigaaf (640x201)لنڊڪي مائينر کي آر ڊي يوسف شاھ وٽ 50 فوٽ گهارو، ڪيترائي ڳوٺ ۽ ايڪڙن ۾ بيٺل فصل پاڻي هيٺ، آبپاشي عملو اطلاع باوجود نه پهتو، ڳوٺاڻا گهاري کي پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪرڻ ۾ مصروف، آبپاشي ايس ڊي او خلاف احتجاجي مظاهرو، ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، ڳوٺاڻا، تفصيل موجب:- مورو ڀرسان ٽمُوڙ وٽ لنڊڪي مائينر کي آر ڊي سيد يوسف شاھ وٽان 50 فوٽ گهارو پئجي ويو، مائينر کي گهارو پوڻ سان ڪيترائي ڳوٺ محمد چٽل زرداري، ڳوٺ يوسف شاھ، ڳوٺ غلام علي، ڳوٺ ڪالو فقير، ڳوٺ تاج محمد ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته بيٺل فصل جنهن ۾ ڪمند، ڪيلو، جوار، ساريون ۽ ٻيو فصل پاڻي هيٺ اچي ويا هوڏانهن گهارو پوڻ سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب گهرن جون ڀتيون ڪِري پيون ڀتون ڪرڻ سبب ٻه معصوم ٻارڙا شديد زخمي ٿي پيا گهارو پوڻ جي بروقت اطلاع ڏنو پر آبپاشي عملو اطلاع ڏيڻ باوجود ڪير به نه پهتو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر گهارو وڏو هئڻ ڪري بند نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن ڳوٺاڻن ايس ڊي او آبپاشي جي غفلت ڪرڻ تي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي وزير، احمد، عاشق، انور ۽ معشوق شيخ ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته مائينر کي پيل گاهري جو اطلاع اسان انهي وقت آبپاشي عملدار ايس ڊي او کي ڏنو پر انهن مان ڪير به نه پهتو جنهن جي ڪري اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي هنن چيو ته هن مهل تائين پيل گهاري کي بند ڪرڻ جي لاءِ آبپاشي عملدار نه پهتو آهي جنهن سبب پاڻي تيزي سان ٻين ڳوٺن جي طرف وڌي رهيو آهي خدشو آهي ته پاڻي ڪٿي ٻين ڳوٺن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ نه آڻي ڇڏي هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ واقعي جو ڪيس آبپاشي عملدار روهڙي ڊويزن مورو خلاف داخل ڪيو وڃي هوڏانهن روهڙي ڊويزن مورو جي انجنيئر غلام حسين اڄڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته علائقي جي بااثر ماڻهن ريگيوليٽر جي دروازي کي بند ڪري پاڻي چوري ڪري رهيا هئا جنهن جي ڪري مائينر کي گهارو پيو آهي هن چيو جيڪي به ماڻهون يا عملدار ملوث آهن انهن خلکاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button