زراعت

هنڱورجا: ضلعي ۾ سارين جي پوکائي تي پابندي باوجود سارين جو ٻيجارو پوکجڻ وارين خبرن جو وزيراعلي سنڌ نوٽيس ورتو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
خيرپور ضلعي ۾ سارين جي پوکائي تي پابندي باوجود سارين جو ٻيجارو پوکجن وارين خبرن جو وزيراعلي سنڌ نوٽيس ورتو ، ضلعي ۾ ڊي سي خيرپور جي ڪم تي زراعت کاتي ۽ روينيو کاتي جي عملدارن پوليس سان گڏجي سارين جو ٻيجو ساڙڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. صوڀوديرو تعلقي ۾ بااثرن جي زمينن تي بيٺل ٻيجارو ساڙڻ بدران ننڍن آبادگارن ۽ هارين جي زمينن تي پوکيل ٻيجارو کي اسپري جي ذريعي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
پيرائتي رپورٽ موجب وزيراعلي سنڌ خيرپور ضلعي ۾ غيرقانوني طور تي هزارين ايڪڙن تي ساريون پوکجڻ وارين خبرن جو نوٽيس وٺندي ڊي سي خيرپور کي سارين جا ٻيجا ساڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڊي سي خيرپور منور علي مٺياڻي جي هدايتن تي مختيارڪار صوڀوديرو اقبال جنڊاڻ ، زراعت کاتي جي ڊي او محمد ايوب سولنگي پوليس جي نفري ساڻ ڪري سارين جي خلاف وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪري هنڱورجا ، رسول آباد، سڳيون، سمي، راڻيپور، پير حيات شاه، مڏ، گڏيجي، سيٺارجا بالا سميت ٻين علائقن ڪيترن ئي زميندارن ۽ آبادگارن ضمير شاهاڻي، شڪيل شاهاڻي، ميان اختر ، سخيرو حاجي ، سيد مريد علي شاه، اسماعيل سهتو، آندل سهتو سميت 30 کان وڌيڪ آبادگارن ۽ زميندارن جي پوکيل سارين جي ٻيجارن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته علائقي جي وڏن بااثر زميندارن جي زمينن تي پوکيل سارين جي ٻيجاري کي ساڙڻ جي آپريشن جي لاءِ نڪتل عملدارن ڪابه ذحمت نه ڪئي. هن ڏس ۾ مختيارڪار صوڀوديرو اقبال جنڊاڻ ٻڌايو ته خيرپور ضلعي ۾ سارين جي پوکي تي 144 قلم لاڳو آهي جنهن جي ڪري ڊي سي جي حڪم تي سارين جي ٻيجاري خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. سارين جي پوکجڻ سان زمين سم جي ور ڇڙهي وڃي ٿي جنهن ڪري آبادگارن جي زرعي زمين تباه ٿي وڃي ٿي. زراعت کاتي جي آفيسر ايوب سولنگي ٻڌايو ته ساريون پوکڻ وارو عمل غيرقانوني آهي ڊي سي جي حڪم تي روينيو کاتي جي عملدارن سان گڏجي تعلقي صوڀوديرو جي مختلف ديهن ۾ پوکيل سارين جي ٻيجاري کي ساڙيو ويو آهي جيڪڏهن ته آبادگارن ٻيهر ٻيجارو پوکي ساريون پوکيو ته انهن خلاف قانوني قدم کنيو ويندو. هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سارين جي ٻيجاري کي ساڙڻ لاءِ آپريشن جي نالي تي لکين روپين جي بجيٽ هڙپ ڪرڻ لاءِ نالي ماتر اسپري ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button