سکر
چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن مختلف ضلعن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئرن فلڊ ايمرجسني دوران فوڪل پرسن مقرر
3 جون ، 2011
چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن مختلف ضلعن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئرن فلڊ ايمرجسني دوران فوڪل پرسن مقرر
سکر: چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن آغا اعجاز احمد خان سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن ۾ سال 2011 لاءِ مختلف ضلعن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي پنهنجي اصل ذميوارين سان گڏ فلڊ ايمرجسني دوران فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. تفصيل مطابق ِآفتاب احمد کوسو ايگزيڪيوٽو انجنيئر بئراج ڊويزن سکر آفيس فون نمبر 5612432-071 رهائش فون نمبر 9310205-071 کي سکر ضلع لاء، نثار احمد لغاري ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايريگيشن ويسٽ ڊويزن خيرپور، آفيس فون نمبر 9280143-0243 کي ضلعي خيرپور لاءِ، حبيب الله ميمڻ ايگزيڪيوٽو انجنيئر روهڙي ڊويزن مورو آفيس فون نمبر 410457-0242 رهائش فون نمبر 412044-0242 کي ضلع نوشهروفيروز لاء ، سعيد احمد جاگيراڻي ايگزيڪيوٽو انجنيئر داد ڊويزن نواب شاهه فون نمبر 9370223-0241 رهائش فون نمبر 9370222-0241 کي شهيد بينظير آباد لاءِ ۽ اعجاز احمد قريشي ايگزيڪيوٽو انجنيئر هالا ڊويزن هالا آفيس فون نمبر 200238-0229 کي ضلع مٽياري لاءِ ترتيبوار فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي
سلطان شاهه ڪالوني جي رهواسڻ بيوه عورت مسمات نجمه انصاف لاءِ ٻاڏائيندي
3 جون ، 2011
سلطان شاهه ڪالوني جي رهواسڻ بيوه عورت مسمات نجمه انصاف لاءِ ٻاڏائيندي
)روهڙي جي علائقي سلطان شاهه ڪالوني جي رهواسڻ بيوه عورت مسمات نجمه پنهنجي پٽ عديل سان گڏجي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ شبانه جي شادي ميرپور ماٿيلو ۾ نائچ برادري جي نوجوان دوست محمد عرف عامر سان ٿي منهنجي ڄاٽي پنهنجي حصي جي زمين پنهنجي زال شبانه جي نالي تي ڪئي ته منهنجي ڌيءَ جي ساهرن منهنجي ڄاٽي ۽ ڌيءَ جي جان جا دشمن بڻجي چڪا آهن. ۽ ٻئي جان بچائي هتي پناه ورتي آهي. جنهن کان پوءِ اهي ماڻهو اسان جي جان جا به ويري بڻجي چڪا آهن. ۽ اسان جي گهر اچي ڪري سنگين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ان سلسلي ۾ ڊي پي او سميت ٻين پوليس آفيسرن کي آگاهه ڪيو آهي پر ڪو به آفيسر اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه آهي
منھنجي پٽ کي بچايو ،غريب عورت جي دانھن
3 جون ، 2011
منھنجي پٽ کي بچايو ،غريب عورت جي دانھن
سکر(رپورٽ:عمر سومرو) سکر جي علائقي مائيڪرو ڪالوني جي رهواسڻ غريب 0 7 سالن جي عورت مسمات زينب اوٺو دانهيندي ٻڌايو ته جيل اندر منهنجي پٽ جي زندگي کي خطرو آهي. ۽ جيل اندر تشدد ڪرڻ بعد کولي ۾ بند ڪيو ويو آهي. جتي زندگي کي سخت خطرو اٿس ۽ بيمار ٿي پيو آهي. سينٽرل جيل ۾ 8 هزار روپيا رشوت گهري وئي هئي رشوت نه ڏيڻ تي روزانو تشدد بعد کولي اندر بند ڪيو پيو وڃي. ان کان اڳ به جيل پوليس منهنجي پٽ کي قتل ڪري چڪي آهي ۽ منهنجي قتل ٿيل پٽ جي صدمي ۾ منهنجو ٻيو پٽ فوت ٿي ويو جڏهن ته جيل پوليس کي قتل معاف نه ڪرڻ تي پوليس منهنجي ٽئين پٽ کي ڌاڙيلن جو ساٿاري ڏياري سزا ڏياري جيل موڪليو ويو آهي. هن چيو ته 2 1 سال اڳ ڳاڙهي موري ويجهو فيض واه وٽ منهنجي پٽ بخشڻ اوٺو کي ٽيڪسي سميت اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس جو انسپڪٽر ۽ هڪ ڌاڙيل مارجي ويا ۽ منهنجو پٽ ٽيڪسي ڊرائيور هو. اهو ٽيڪسي وٽ بيٺو هو ته پوليس مارجي ويل ڌاڙيل وارو اسلحو منهنجي پٽ جي پويان…
گهر شماريءَ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ کي معاوضو اڃان تائين نه ملي سگھيو
3 جون ، 2011
گهر شماريءَ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ کي معاوضو اڃان تائين نه ملي سگھيو
سکر(بيورورپورٽ)گهر شماريءَ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ استادن کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود معاوضو نه ملي سگهيو جنهن ڪري تعلقي روهڙي جا 0 0 1 کان وڌيڪ استاد معاوضو نه ملڻ سبب سخت پريشان آهن. ان سلسلي ۾ پرائمري استادن شهمير ٻرڙو، ٺارو خان ۽ عبدالخالق تنيو ، غلام رسول، دوست علي منگي، الطاف قرشي ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته کين جلد معاوضو ڏنو وڃي.
بندر وال جي رهائشي ماڻهن کي مجبوري جي حالت ۾ بي گھر ڪرڻو پئي ٿو: نعمان اسلام شيخ
22 مارچ ، 2013
بندر وال جي رهائشي ماڻهن کي مجبوري جي حالت ۾ بي گھر ڪرڻو پئي ٿو: نعمان اسلام شيخ
)ريلوي جي پارليماني سيڪريٽري نعمان اسلام شيخ چيو آهي ته بندر وال جي رهائشي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ نه ٿا چاهيون مگر 0 1 لک شهرين جي مفاد جي خاطر مشڪل حالتن ۾ اهڙو فيصلو ڪرڻو پيو آهي. تاجر ۽ شهري بندر وال وارو علائقو خالي ڪرائڻ لاءِ تعاون ڪن ماضي ۾ سکر جي نالي تي اربين روپيا حاصل ڪندڙن هن شهر لاءِ جهالت کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. جنهن جي ڪري سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر موهن جو دڙو جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. اڄ شهر ۾ جيڪي ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن ان سان شهري تبديلي محسوس ڪندا، اهڙن خيالن جو اظهار سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. هن چيو ته پراڻي بس اسٽينڊ تي 6 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان فيملي پارڪ ٺاهيو پيو وڃي
بندر وال خالي ڪرائڻ خلاف مردن ، عورتن ۽ ٻارن جو مظاھرو
3 جون ، 2011
بندر وال خالي ڪرائڻ خلاف مردن ، عورتن ۽ ٻارن جو مظاھرو
حڪومت پاران بندر وال خالي ڪرائڻ ۽ طاقت جي استعمال بعد بندر وال جي سوين مردن، عورتن ۽ ٻارن پاران نٽهڻ اس ۾ هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي بندر وال کان شروع ٿي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي سعيد سرهندي روڊ تي پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪندي بندر وال جا رهائشي سراپا احتجاج بڻجي ويا. ۽ انتظاميه ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندي رهائشي چيو ته اسان پنهنجن جانين جو نذرانو ڏئي ڇڏينداسون مگر بندر وال خالي ڪو نه ڪنداسون، جڏهن ته حڪومت پاران اسان کي بندر وال خالي ڪرڻ لاءِ متبادل جڳهه ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو مگر حڪومت پاران واعدي تان پاڻ ڦري ويا آهن هنن چيو ته اسان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ويٺا آهيون. هتان جا چونڊيل نمائنده ووٽ وٺڻ ايندا آهن ته اسان سان وڏا وڏا واعده ڪري ويندا آهن.
اي پي اي سنڌ ماحول جي گدلاڻ گهٽائڻ لاءِ سکر ۾ 04 ۽ 05 جون 2011 تي واڪ اھتمام ڪيو ويندو
3 جون ، 2011
اي پي اي سنڌ ماحول جي گدلاڻ گهٽائڻ لاءِ سکر ۾ 04 ۽ 05 جون 2011 تي واڪ اھتمام ڪيو ويندو
سکر: ماحوليات جي تحفظ جي اداري حڪومت سنڌ ريجنل آفيس سکر پاران ماحول جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عوامي جاڳرتا لاءِ مختلف پروگرام رٿيا ويا آهن انهيءَ موقعي تي اي پي اي سنڌ ماحول جي گدلاڻ گهٽائڻ لاءِ سکر ۾ 04 ۽ 05 جون 2011 تي واڪ، سيمينار ۽ صفائي جي مهم جو انعقاد ڪيو ويندو
موجوده عوامي حڪومت اليڪشن دوران جيڪي به واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪري رهي آهي: نصرالله بلوچ
22 مارچ ، 2013
موجوده عوامي حڪومت اليڪشن دوران جيڪي به واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪري رهي آهي: نصرالله بلوچ
ايم اين اي نعمان اسلم شيخ ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر نصر الله بلوچ فينلي پارڪ بس ٽرمينل ملٽري روڊ سکر جو سنگ بنياد رکيو جيڪو 60 ملين روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو ان موقعي تي سنگ بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي نعمان اسلم شيخ چيو ته حڪومت ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ شهر اندر مختلف ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي جنهن ۾ گرين بيلٽ، چوڪن کي بهتر ڪرڻ جهڙيون اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن ته جيئن ماڻهن کي گهٽ واري ماحول مان ڪڍي صحتمند تفريح فراهم ڪرڻ آهي هن چيو ته ماضي جي حڪومتن شهر جي ڊرينيج نظام تي ڪوبه توجهه نه ڏنو جنهن سبب ڪابه ترقياتي اسڪيم ڪامياب ٿي نه سگهي
هن وقت تائين 90 سيڪڙو ٻوڏ جو پاڻي سڪايو ويو آهي ۽ 10 سيڪڙو جون تائين پورو ڪيو ويندو.: چيف انجينئر گڊو بيراج
2 جون ، 2011
هن وقت تائين 90 سيڪڙو ٻوڏ جو پاڻي سڪايو ويو آهي ۽ 10 سيڪڙو جون تائين پورو ڪيو ويندو.: چيف انجينئر گڊو بيراج
چيف انجينئر گڊو بيراج قاضي ظهور الحسنين پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت تائين 90 سيڪڙو ٻوڏ جو پاڻي سڪايو ويو آهي ۽ 10 سيڪڙو جون تائين پورو ڪيو ويندو. جڏهن ته گڊو ڪمانڊ ايريا ۾ ڪڻڪ جو فصل سٺو ٿيو ۽ ٻوڏ وارن علائقن ۾ 01 مئي کان خريف شروع ٿي ويو آهي. جنوري کان خريف جي فصل تائين تباهه ٿيل هڪ هزار گهارن کي بند ڪيو ويو آهي. وڏو گهارو بي ايس ايف 219 تي هڪ ميل جو گهارو بند ڪيو ويو آهي. جيڪو ٻنهي پاسن کان هو. بيگاري ڪئنال ۾ 78 مين گهارا مڪمل طور تي بند ڪيا ويا. خريف جو پاڻي 25 مئي تي ڇڏيو ويو آهي . هن وڌيڪ ٻڌايو ته 10 جون تائين واهن جي سوڪنگ لاءِ پاڻي روڪيو ويندو
ڪپهه وڌيڪ اپايو جي عنوان تي هڪ سيمينار 2، جون تي سکر ۾ ٿيندو
1 جون ، 2011
ڪپهه وڌيڪ اپايو جي عنوان تي هڪ سيمينار 2، جون تي سکر ۾ ٿيندو
سکر: ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ سکر پاران ڪپهه وڌيڪ اپايو جي عنوان تي هڪ سيمينار 2، جون 2011 تي صبح جو 10 وڳي مهراڻ هوٽل پنوعاقل ۾ منعقد ڪيو ويندو