سکر

موجوده عوامي حڪومت اليڪشن دوران جيڪي به واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪري رهي آهي: نصرالله بلوچ

Nasrullah Balouch
سکر: ايم اين اي نعمان اسلم شيخ ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر نصر الله بلوچ فينلي پارڪ بس ٽرمينل ملٽري روڊ سکر جو سنگ بنياد رکيو جيڪو 60 ملين روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو ان موقعي تي سنگ بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي نعمان اسلم شيخ چيو ته حڪومت ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ شهر اندر مختلف ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي جنهن ۾ گرين بيلٽ، چوڪن کي بهتر ڪرڻ جهڙيون اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن ته جيئن ماڻهن کي گهٽ واري ماحول مان ڪڍي صحتمند تفريح فراهم ڪرڻ آهي هن چيو ته ماضي جي حڪومتن شهر جي ڊرينيج نظام تي ڪوبه توجهه نه ڏنو جنهن سبب ڪابه ترقياتي اسڪيم ڪامياب ٿي نه سگهي هن وقت عوامي حڪومت ضلعي حڪومت سان گڏ ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي هاڻي ترقياتي ڪم ماڻهن کي نظر اچي رهيا آهن ان موقعي تي ايم اي اي ڊاڪٽر نصر الله بلوچ ڳالهائيندي چيو ته موجوده عوامي حڪومت اليڪشن دوران جيڪي به واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪري رهي آهي ان کان علاوه ميڊيڪل ڪاليج جي سائيٽ تي سرجيڪل يونٽ منظور ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڊي سي او سکر انعام الله ڌاريجو آجياڻي تقرير ڪندي ٻڌايو ته لب مهراڻ جي باقي حصي ۾ 2 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان پراجيڪٽ منظور ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button