سکر

سکر: رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل سزا خلاف مظاھرو

سکر: رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل سزا خلاف مظاھرو

پاڪستان فيڊ رل يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي سکر يونين آف جرنلسٽ طرفان اي آر واءِ جي رپورٽر فيض الله خان کي افغان حڪومت پاران ڏنل چئن سالن جي سزا خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري افغان حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي،
ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪنڌڪوٽ جي رهواسي ٽن نابين ڀائرن عبدالڪريم، حافظ عبدالرحمان، همت علي بلو صحافين کي ٻڌايو ته سندن علائقي جي با اثر جوابدارن ببلو پٺاڻ، مختيار، فيروز ۽ ٻين سندن ٻه ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن
سمورا ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجون ذميواريون ڀرپور طريقي سان ادا ڪن، قائم علي شاھ

سمورا ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجون ذميواريون ڀرپور طريقي سان ادا ڪن، قائم علي شاھ

وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورن ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجون ذميواريون ڀرپور طريقي سان ادا ڪن هر ضلع ۾ نساسڪ جي ڪمن، واٽر سپلاءِ، نڪاسي آب ۽ تعليم سان گڏو گڏ صحت جي حوالي سان سمورن اُپائن تي ڀرپور توجه ڏني وڃي
حڪومت ۽ عمران خان پنهنجا پنهنجا شوق پورا ڪن، کين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، خورشيد احمد شاه

حڪومت ۽ عمران خان پنهنجا پنهنجا شوق پورا ڪن، کين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، خورشيد احمد شاه

پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه چيو آهي ته عمران خان ۽ حڪومت ڌر 14 آگسٽ کي سياست جو حصو نه بڻائين ڇاڪاڻ ته اهو قومي ڏهاڙو آهي، حڪومت طرفان ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي ته ان وقت سوچيو ويندو
اتر وزيرستان جا آپريشن متاثرن سان ھمدردي آھي، انھن کي ڪيمپن ۾ ترسايو ويندو، قائم علي شاهه

اتر وزيرستان جا آپريشن متاثرن سان ھمدردي آھي، انھن کي ڪيمپن ۾ ترسايو ويندو، قائم علي شاهه

سنڌ جي وڌي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اتر وزيرستان جا آپريشن متاثر اگر قوامي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ آهن ته کين همدردي ڪندا سين ۽ انهن کي ڪئمپن ۾ ترسايو ويندو ايندڙ متاثرن جي چيڪنگ دوران ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري مختلف جيلن ڏانهن اماڻيو ويو آهي
سنڌ دشمن فيصلا قبول نه ڪنداسين۽ آخري ساهه تائين مزاحمت ڪنداسين، سنڌ بچايو ڪاميٽي

سنڌ دشمن فيصلا قبول نه ڪنداسين۽ آخري ساهه تائين مزاحمت ڪنداسين، سنڌ بچايو ڪاميٽي

سنڌ جي عاشقن نٽهڻ اس ۽ سخت گرمي باوجود سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ ۾ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سکر ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پنجاب ويندڙ رستا بند ڪري احتجاجي ڌرڻو هڻي حڪمرانن کي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري بند ڪئي ڃي ،سنڌ جا وارث ڪي به سنڌ دشمن فيصلا قبول نه ڪندا
سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو
سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ جي قومپرست ۽ سياسي ڌرين پاران اڄ کان احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ جي قومپرست ۽ سياسي ڌرين پاران اڄ کان احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ جي قومپرست ۽ سياسي ڌرين پاران 12 تنظيمن تي مشمتل سنڌ بچايو ڪميٽي اتحاد جوڙي اڄ کان احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي
سکر: ڊاڪٽر نصر الله بلوچ عوام جي شڪايتن کي ٻڌڻ لاءِ مختلف علائقن جو دورو ڪيو

سکر: ڊاڪٽر نصر الله بلوچ عوام جي شڪايتن کي ٻڌڻ لاءِ مختلف علائقن جو دورو ڪيو

پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر نصر الله بلوچ ۽ ٻين شهرن اندر وڌندڙ مسئلن ۽ عوام جي شڪايتن کي ٻڌڻ لاءِ مختلف علائقن جو دورو ڪيو، گذريل ڏينهن ڊاڪٽر نصر الله بلوچ، پ پ اڳواڻ عامر مغل، جاويد شيخ، امان الله ڀٽي ۽ ٻين پ پ ورڪرن سان گڏجي واريتڙ ۽ پاڪ ڪالوني واري علائقي ۾ رهواسين ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقات ڪري مسئلا معلوم ڪيا
سکر: ملت ايڪسپريس جو پاور پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، مسافر پريشان

سکر: ملت ايڪسپريس جو پاور پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، مسافر پريشان

سرگوڌا کان ڪراچي ويندڙ ملت ايڪسپريس روهڙي ريلوي اسٽيشن تي جيئن ئي پهتي ته پاور پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو جنهن جي ڪري سخت گرمي ۾ پکا ۽ اي سي بند ٿيڻ سبب مسافرن ۾ پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي، اڪثر مسافرن اسٽيشن ماستر آفيس ۾ شڪايت ڪئي پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو جنهن جي ڪري مسافرن احتجاج ڪري اسٽيشن مسافر جي آفيس جو گهيراءُ ڪيو
Back to top button