خيرپور
-
ٽارگيٽ ڪلر ، ڀتا خورن ، لينڊ مافيا ، خلاف آپريشن جاري رهندو:منظور وساڻ
صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي اندر ٽارگيٽ ڪلر ، ڀتا خورن ، لينڊ مافيا ، خلاف آپريشن جاري رهندو سندس وزارت سنڀالڻ دوران امن امان بگڙيل صورتحال هئي جنهن تي مڪمل ضابطو آندو ويو آهي امن امان جي حوالي سان ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو هن وقت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ سنڌ جي عوام جي خواهشن تي ڪراچي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ اهو آپريشن ڪنهن مخصوص علائقن اندر ڪرڻ بجائي ڏوهارين جي سرگرمين وارن علائقن اندر ڪيو پيو وڃي جتي به ضرورت پوندي اتي آپريشن ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ملائشيا جي پنج ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان ٽن سان تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو
مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ملائشيا جي پنج ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان ٽن سان تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو، معاهدي ٿيل يونيورسٽين ۾ پترا يونيورسٽي، پيٽروناس يونيورسٽي ۽ ملايا يونيورسٽي، جيڪا يو ايس ورلڊ رينڪنگ ۾ 161 هين نمبر تي آهي، شامل آهن. اهڙو معاهدو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اسلم عقيلي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پاران ملائشيا جي ڄاڻايل يونيورسٽين جي دوري دوران عمل ۾ آيو. معاهدي موجب ملائيشيا جي ٽاپ رينڪنگ ملايا، پيٽروناس ۽ پترا يونيورسٽي سان مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج گڏيل تحقيقي ۽ تعليمي سرگرميون ڪري سگهندو، جن ۾ اسڪالر شپ تحت استادن ۽ شاگردن جي مٽا سٽا، تحقيقي جرنلن سميت ٻئي تحقيقي مواد جي ڏي وٺ ۽ گڏيل ڪورسن جي ترتيب، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ليڪچر وغيره ڪرائڻ شامل آهن.
وڌيڪ پڙھو -
ڊي سي او خيرپور ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو
ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي جي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ برسات متاثر جي بحالي واري ڪم جو سراسري طور تي جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي سي او ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري مختلف علائقن جي برسات متاثرن ماڻهن کان سندن حال احوال ورتا جڏهن ته کين ضروري شين جي فراهمي جي حوالي سان ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ڊي سي مختلف ماڻهن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته تازو سانوڻي واري برساتن جي نتيجي ۾ ضلعي جا ٽي تعلقاجنهن ۾ ٺري ميرواهه، فيض گنج ۽ نارا مڪمل طور تي متاثر ٿيا آهن جڏهن ته باقي ٻين تعلقن ۾ پڻ وڏو نقصان ٿيو آهي. ڊي سي او ٻُڌايو ته صوبائي توڙي ضلعي حڪومت پاران تمام وسيلا برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڪتب آندا پيا وڃن جڏهن جلد حڪومت پاران برسات متاثرآبادگارن کي مفت ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ضلعي جي 136 مختلف اسڪولس کي ڪئمپس اسڪول بڻائي ٻيا اسڪول ضم ڪيا پيا وڃن: اِي ڊي او ايجوڪيشن
اِي ڊي او ايجوڪيشن خيرپورغلام اصغر ميمڻ هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ضلعي خيرپور اندر تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته حڪومتِ سنڌ جي تعليم کاتي جي “ اسڪول ڪنساليڊيٽيڊ پاليسي” مطابق ضلعي اندر مختلف ساڳين علائقن جي 500 ميٽر اندر هلندڙ مختلف اسڪول کي هڪ مرڪزي اسڪول سان ڳنڍي ڪري حڪومت جي وسيلن کي موثر انداز سان ڪتب آندو پيو وڃي. هن پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته استاد تنظيمن جي اڳواڻن جا ان سلسلي ۾ خدشات دور ڪرڻ جي لاءِ ڊي سي او خيرپور پاران کين گڏجاڻي ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو هو پرانهن احتجاج جو رستو اختيار ڪريو. اِي ڊي او ايجوڪيشن واضح ڪيو ته اهڙي پاليسي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران جوڙي وئي آهي ته جيئن صوبي اندر تعليم جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي جڏهن ته استاد تنظيمن جي اڳواڻن اسڪول ڪنساليڊيٽيڊ پاليسي کي ضلعي حڪومت جي پاليسي سمجهڻ غلط فهمي جو نتيجو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
فقير غلام رسول شر ٺري ميرواه جي مختلف متاثر ٿيل ڳوٺن جو دورو ڪيو امداد جي غير منصفانه ورڇ تي احتجاج
) فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلع خيرپور جي اڳوڻ فقير غلام رسول شر ٺري ميرواهه جي مختلف ٻوڏ متاثر ڳوٺن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ چيو آهي ته حڪومت ۽ حڪومتي ڪامورا امداد جي نالي تي ٻوڏ ستايل سان سنگين مذاق ڪري رهيا آهن. حڪومتي عملدار امداد مستحق ماڻهن کي ڏيڻ بداران پارٽي ورڪن جي نمائندن کي ڏئي رهيا آهن جيڪي غريبن جي مدد ڪرڻ بدران امدادڏيڻ کي سياسي بڻائي رهيا آهن اهي صرف پهنجي پارٽي ورڪرن يا ووٽرن کي ورهائڻ پيا ۽ ٻين پارٽين سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثر بي يارور مددگار آهن ۽ آفيسرن جي درن ۽ جيالن جي اوطاقن تي دربدر ٿي رهيا آهن اسان حڪومت جي اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته بنا فرق جي جي حقدارن کي امداد ورهاست کي يقيني بڻايو وڃي ۽ هن ڏکي مهل ۾ هن عمل کي سياسي بڻائڻ بدران مجبور ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ قومي پوليو مھم اڄ کان شروع
اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر احسان الله سيال هڪ اعلان ذريعي ڄاڻايو آهي ته قومي پوليو مهم جي سيپٽمبر 26 کان سيپٽمبر 28 تائين جي ڏينهن ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦُڙا پياريا ويندا جنهن لاءِ والدين کي گذارش ڪئي وئي آهي ته 5 سالن تائين پنهنجن گُلڙن جهڙن ٻارن کي مقرر ڏينهن ۾ پوليوکان بچاءُ جا ڦُڙا پيارڻ لاءِ صحت کاتي مقرر پوليو ٽيم سان رابطي ۾ اچن يا ايِ ڊي او هيلٿ آفيس جي نمبرن 9280151 ۽ 9280152 تي رابطو ڪري مدد وٺي سگهن ٿا.
وڌيڪ پڙھو -
صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ سان امن ،پيار، ۽ ڀائيچاري جو درس ملي سگهي ٿو؛ فقير درمحمد جلباڻي
فقير درمحمد جلباڻي چيو آهي ته صوفين هميشه حق سچ جو درس ڏنو آهي اڄ جي دور ۾ صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ سان امن،پريم، ڀائيچارو انسانيت برقرار رهي سگهي ٿي. سنڌ بزرگن ولين، درويشن ۽ فقيرن جي ڌرتي آهي جن جو فيض صدين گذرڻ بعد به ساڳيو نظر اچي ٿو جتي اڄ به روحاني رهبري ۽ فيض جو سلسلو جاري آهي ان فيض جو هڪ چشمو مرشد هادي شهنشاه فقير مهدي سائين جهانيان سرڪار آهي جنهن جو فيض مان هزارين فقير، طالب مريد ،فيضاب ٿيا آهن ۽ اڄ به سلسلو جاري آهي . مهدي نالو حق جو آهي اڄ جي دنيان ، حق ڇڏي ڪوڙ جي پٺيان ڪاهي پئي آهي، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سڄي دنيان صرف ٻه جملن تي قائم آهي
وڌيڪ پڙھو -
ايمرجنسي واري صورتحال ۾ سياست ڪرڻ سان وڌيڪ ايمرجنسي پيدا ٿيندي: ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه
ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته ايمرجنسي واري صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو سياست ڪندو ته وڌيڪ ايمرجنسي پيدا ٿيندي ۽ برسات متاثر جي بحالي وارو ڪم متاثر ٿيندو. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڪاميٽي کي وڌيڪ فعال بڻايو پيو وڃي ته جيئن برسات متاثرن جي لاءِ هڪ ٽيم ورڪ جي صورت ۾ هڪ جامع پلان تحت موثر انداز ۾ خدمت ٿي سگهي. هن اهڙو اظهار ڊي سي او هائوس خيرپور جي ڪاميٽي روم ۾ ضلعي جي برسات متاثرن جي بحالي واري ڪم جي مجموعي جائزي وٺڻ واري گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه چيو ته ضلعي حڪومت پاران برسات متاثرن جي ڀرپور مدد ڪئي پئي وڃي جڏهن ته اڃان وڌيڪ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي.
وڌيڪ پڙھو -
فهد علي شاه جيلاني اين جي او جي وفد سان گڏ ٺري ميرواھ جي 11 يوسيز جو دورو
پ پ پ اگواڻ سيد جاويد علي شاه جيلاني جي هدايت تي سندس فرزند سيد فهد علي شاه جيلاني جي 11يوسيز متاثرن علائقن جو دورو ورڊ ليول جي NGO ورلڊ وين پاڪستان جي ٽيم ساڻن گڏ هئي محتلف يوسيز ۽ ڳوٺين گھرن جي سروي ڪئي انھڻ ٻڌايون ته اسان برسات متاثرن سان هر وقت گڏ آهيو ڳوٺ ملڻ فقير جانوري، ڳوٺ کبڙ جوڳي ، نندي ٺري ، مروڙو، ميرس ڪالوني ۽ ڊيڊاڻو ۾ برسات متاثرين جي ٽيل نقصان جي ورلڊ ليول جي NGOکان سروي ڪرائي وئي ان موقعي تي سيد فھد علي شاھ جيلاني چيو ته هي قدرتي آفتون آهن جن کي سڀ گڏ جي منهن ڏينداسين پ پ پ حڪومت هميشه غريب جي بهچ عوام جي ڀرجهلائو رهي آهي هن وقت حڪومت ڪافي چيلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي بعد ۾ ٺري ميرواھ شهر ۾ رٽائرڊ ڪمشنر ظفر علي شر جي رهائش گاھ تي مانجهاندي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جئي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ميرواھ تعلقه کي 90% نقصان ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
پاڪ فوج هميشه ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ رهي آهي: ميجر جنرل اصغر نواز
پنو عاقل ڇانوڻي جو جي او سي ميجر جنرل اصغر نواز چيو آهي ته پاڪ فوج هميشه ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ رهي آهي ۽ هاڻي به تازو برساتن ۾ صوبي اندر چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق احمد ڪياني ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي خاص هدايتن تي برسات متاثرن جي بحالي لاءِ پاڪ فوج وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي. هن چيو ته ضلعي حڪومت جي سهڪار ۽ تعاون سان پاڪ فوج خيرپور ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي خدمت ڪري رهي آهي. هن اهڙو اظهار ٺري ميرواه تعلقي جي ڳوٺ صبڙ رند ۾ آرمي ميڊيڪل ڪئمپ ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج هميشه ملڪ جي ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ رهي آهي ۽ قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر وڌ ۾ وڌ نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج پاران تازو برساتن ۾ صوبي جي مختلف ضلعن بدين، نوشهروفيروز ، خيرپور ۽ ٻين ضلعي جي برسات متاثر علائقن جي ماڻهن جي بحالي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.
وڌيڪ پڙھو