خيرپور
-
روحاني طلبا جماعت پاران تعليم تي سيمينار
هنڱورجا روحاني طلبا جماعت ضلعي خيرپور پاران ڳوٺ حاجي بخشو خان سولنگي ۾ ”تعليم انسان ۾ شعور پيدا ڪري ٿي “ جي عنوان هيٺ سيمينار ۽ تقريب مقابلي جو پرگرام ٿيو جنهن ۾ ضلعي جي سڀني يونٽن جي عهديدار ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: اتر سنڌ ۾ انبن جا باغ ٻوڪجي ويا
نبن جهليا ٻور اتر سنڌ ۾ انبن جا باغ ٻوڪجي ويا انبن جا ٺيڪيدار ۽ واپاري ٺيڪا کڻڻ لاءِ زميندارن وٽ ديرا ڄمائي ڇڏيا هاڻي کان ئي باغن جا واڪ لڳڻ شروع ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو -
فشر فوڪ فورم جو قافلو ھنڱورجا پھتو، گلن جي ورکا
پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران دريائن تي ڊيم اڏڻ خلاف ڄامشورو کان فورم جي سربراهه سيد محمد علي شاهه ، غلاب شاهه، احمد الله شاهه بخاري، سامي ميمڻ ، حاجن سولنگي، جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد لاءِ نڪتل ڪاروان هنڱورجا پهتو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: عباس ٽائون سانحي ۾جسقم اڳواڻ ۽ ٺيڪيدار شهيد
ڪراچي عباس ٽائون سانحي ۾ هنڱورجا سان تعلق رکندڙ جسقم اڳواڻ ۽ ٺيڪيدار شهادت خلاف شهر ۾ شٽربند هڙتال ، جسقم اڳواڻ جو مڙهه هنڱورجا جي آبائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا:شاخن ۽ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جي ريلي
17 شاخن ۽ واهن جي 3 سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي جي چوري خلاف آبادگارن ۽ هارين مختلف ڳوٺن مان ريلين جي صورت ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ڪوئيٽا واقعي خلاف ھنڱورجا ۾ ڌرڻو
ڪوئٽه سانحي جي خلاف هنڱورجا ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند ڪيو ويو، مختلف شيعه تنظيمن مجلس وحدت المسلمين ، آءِ ايس او جي سوين ڪارڪنن مولوي منظور سولنگي، زنوار لياقت علي دايو، جواد ملاح، منور حسين شاهه ، زاهد شاهه ، ذاڪر حسين شاهه ، مبشر جهانگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنجهٽي چوڪ کان سخي ناصر شاهه گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي يا حسين جو صدائون بلند ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: پاڻي جي خلاف مظاھرو
هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار جي سڏ تي 200 کان وڌيڪ ٽيوب ويل گذريل 10 سالن کان ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي وڃڻ ۽ 17 شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف تعلقي جي چاليهه کان وڌيڪ ڳوٺن ڳوٺ ڪينجهر، ڳوٺ سهتا، ڳوٺ سولنگي، ڳوٺ مڱڻيجا، ڳوٺ خدا بخش سهتو، ڳوٺ پناهه سولنگي، ڳوٺ جونگل خان چانگ، ڳوٺ ڀونگل خان چانگ، گاجي ڳوٺ، مڱڻا پوٽا، سميت ٻين ڳوٺن جي آبادگار ۽ هارين ريلين جي صورت ۾ هنڱورجا جي سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ پهچي قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: سنڌ آبادگار اتحاد پاران پاڻي جي کوٽ خلاف مظاھرو
ھنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي تعلقي صوڀوديرو جي 200 اسڪارپ ٽيوب ويل ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ۽ برباد ٿي وڃڻ ۽ تعلقي جي 17 شاخن ۽ واهن جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري شاخون پورجي وڃڻ جي خلاف مظاھرو
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: نادرا جو ٽيمون مختلف علائقن جو دورو ڪنديون
نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر ڊپٽي ڊائريڪٽر موبائيل رجسٽريشن وينز نادرا موبائيل رجسٽريشن جو شيڊيول پڌرو ڪندي ڄاڻايو آهي ته خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن اندر مختلف يونين ڪائونسلن ۾ عام ماڻهن کي سندن مقامي علائقن ۾ قومي شناختي ڪارڊ جي فراهمي جي سهولت لاءِ 11 فيبروري 2013 کان 22 فيبروري 2013 تائين مختلف علائقن ۾ موبائيل وينون هلايون وينديون
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: استاد محمد جمن جي ياد ۾ 16 فيبروري تي ملھائي ويندي
خيرپور آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽر لعل بخش منگي ڄاڻايو آهي ته خيرپور آرٽس ڪائونسل پاران سنڌ جي سدا حيات راڳي ۽ موسيقار استاد محمد جمن جي ياد ۾ 16 فيبروري 2013 تي سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ هڪ يادگار ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو
وڌيڪ پڙھو