سنڌ سماچار
-
عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون، مولابخش چانڊيو
سياسي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر مولابخش چانڊيو هڪ دفعو ٻيهر ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون ۽ مخالفن جي سازشن جي باوجود صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪيل سمورا وعدا پورا ڪيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ٻوڏ متاثرن جي آيل دوائون ۽ سامان ساڙڻ جي ڪوشش، پوليس جو ڇاپو
روهڙيءَ ڀرسان سرسو اداري پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي آيل امداد جو سامان ڪروڙين روپين جون دوائون، اٽو، ڪمبل ۽ ٻيو سامان چوريءَ لڪائي رکڻ ڪري خراب ٿي وڃڻ بعد ساڙي رهيا هئا پوليس جو ڇاپو، سرسو ڊرائيور سرڪاري گاڏي سميت گرفتا
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ: پوليس وردي پهريل هٿياربند ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا
شهدادڪوٽ ويجهو پوليس وردي پهريل هٿيار بند مارڪـٽ ڪري ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا سندس پيءَ وجهه وٺي گهر پهتو
وڌيڪ پڙھو -
فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ جو جلسو ڪوئيٽا جي سانحي سبب ملتوي
پيرسائين پاڳاري جي حڪم تي ڪوئيٽا سانحي سبب سکر ۾ رٿيل فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ جو جلسو ملتوي، ڪارڪنن جا آيل قافلا واپس تيار ڪيل بنڊال ۾ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
ڪوئيٽا واقعي خلاف ھنڱورجا ۾ ڌرڻو
ڪوئٽه سانحي جي خلاف هنڱورجا ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند ڪيو ويو، مختلف شيعه تنظيمن مجلس وحدت المسلمين ، آءِ ايس او جي سوين ڪارڪنن مولوي منظور سولنگي، زنوار لياقت علي دايو، جواد ملاح، منور حسين شاهه ، زاهد شاهه ، ذاڪر حسين شاهه ، مبشر جهانگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنجهٽي چوڪ کان سخي ناصر شاهه گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي يا حسين جو صدائون بلند ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: پاڻي جي خلاف مظاھرو
هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار جي سڏ تي 200 کان وڌيڪ ٽيوب ويل گذريل 10 سالن کان ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي وڃڻ ۽ 17 شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف تعلقي جي چاليهه کان وڌيڪ ڳوٺن ڳوٺ ڪينجهر، ڳوٺ سهتا، ڳوٺ سولنگي، ڳوٺ مڱڻيجا، ڳوٺ خدا بخش سهتو، ڳوٺ پناهه سولنگي، ڳوٺ جونگل خان چانگ، ڳوٺ ڀونگل خان چانگ، گاجي ڳوٺ، مڱڻا پوٽا، سميت ٻين ڳوٺن جي آبادگار ۽ هارين ريلين جي صورت ۾ هنڱورجا جي سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ پهچي قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
شيعه تنظيمن پاران شهدادڪوٽ ۾ مڪمل طور شٽر بند ھڙتال
شهدادڪوٽ ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل پاران ڪوئيٽا سانحي خلاف شهر ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ، هڙتال سبب شاهي بازار ، ريشم گهٽي ، ڪوٽوموٽو چوڪ ، جمع کرل چوڪ ، ڊرٻ پاڙي ، ڪپڙي بازار سميت شهر جا ننڍا ، وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا
وڌيڪ پڙھو -
سکر :ڪوئٽه واقعي جي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي
سڄي ملڪ وانگر سکر ۾ به ڪوئٽه واقعي جي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ٻٻرلو پائي پاس ۽ سکر پريس ڪلب چوڪ تي شيعه تنظيم پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا
وڌيڪ پڙھو -
مولائي شيدائي تڪليفون برداشت ڪري علمي پورهيو ڪيو، ورسي کي خطاب
ولائي شيدائي غربت واري ان دور ۾ تڪليفون برداشت ڪري علمي پورهيو ڪيو ۽ سخت جان بڻجي تحقيق کانپوءِ جنت السنڌ سميت 50 ڪتاب لکيا
وڌيڪ پڙھو -
نگران سيٽ اپ لاءِ مشاورت نه ڪئي وئي، مخدوم شاهه محمود قريشي
اڳوڻي وزير خارجه،۽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ تمام سياسي پارٽيون اليڪشن چاهين ٿيون
وڌيڪ پڙھو