حيدر آباد

عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون، مولابخش چانڊيو

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
حيدرآباد: سياسي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر مولابخش چانڊيو هڪ دفعو ٻيهر ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون ۽ مخالفن جي سازشن جي باوجود صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪيل سمورا وعدا پورا ڪيا آهن ۽ اها سندس ڏاهپ ۽ سچائي سبب ئي ممڪن ٿيو آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪا جمهوري حڪومت پنهنجو 5 سالن جو آئيني مدو پورو ڪيو آهي ۽ صاف شفاف چونڊن لاءِ اثرائتا اپاءُ پڻ اختيار ڪيا آهن ته جيئن ايندڙ چونڊيل حڪومت کي اقتدار منتقل ڪري سگهجي اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ حسين آبا م پ پ پ جي يونٽ آفيس جي افتتاحي تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اهي ماڻهو جيڪي ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ ۽ جمهوريت جي پٽري تان لهڻ جون اڳڪٿيون ڪري رهيا هئااڄ انهن جا عزم خاڪ ۾ ملي چڪا آهن ۽ انهن جي زبان هاڻي بند ٿي وئي آهي هن چيو ته اهو پ پ پ پاران عوام کي فراهم ڪيل خدمتن جو ئي نتيجو آهي جو پ پ پ ملڪ جي نه صرف هڪ مقبول پارٽي آهي بلڪه مخالف پڻ گهٻراهٽ جو شڪار ٿي ان خلاف اتحاد قائم ڪري رهيا آهن هن چيو ته ان بوکلاهٽ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪي ماڻهو هڪ ٻئي پٺيان نماز پڙهڻ ته پسند نه ٿاڪن پر پ پ پ جي مخالفت ۾ اتحاد قائم ڪري رهيا آهن هن پ پ پ خلاف اتحاد قائم ڪندڙن کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن پ پ پ ايتري ئي غير مقبول آهي يا انهن جي پٺيان عوام آهي ته پوءِ کين پ پ پ خلاف اتحاد جي ضروت ڇو پئي ؟سونامي جو نعرو هڻندڙ هڪ پارٽي جو حوالو ڏيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته سونامي تباهي ۽ بربادي جي علامت آهي جيڪو هميشه انتهائي گهٽ وقت لاءِ ايندو آهي پر پ پ پ جنهن جون پاڙون عوام ۾ آهن ۽ اها ڪنهن کي اجازت نه ڏيندي ته اهي عوام لاءِ تباهي جو سبب بڻجن هڪ سوال تي هن چيو ته پ پ پ ۽ متحده وچ ۾ ڪا ڳجهي ڊيل نه ٿي آهي پر ٻئي جماعتون سياسي عمل مان گذري رهيون آهن هن چيو ته عوام جي خواهش سبب 2012 واري مڪاني نظام کي ختم ڪيو ۽ هن واضع ڪيو ته اهو فيصلو واپس نه ورتو ويندو ڇاڪاڻ ته ان کي سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويو آهي دهشتگردي بابت هڪ سوال تي هن چيو ته لاڳاپيل وازرت ۽ ادارا ان بابت وڌيڪ بهتر ٻڌائي سگهن ٿا تنهن هوندي اهو بلڪ واضع آهي ته پ پ پ ڪڏهن به دهشتگردن آڏو نه جهڪندي هڪ سوال ته هن چيو ته اهو پهريون دفعو نه آهي پر ماضي ۾ پڻ پ پ پ خلاف اتحاد جڙندا رهيا آهن جن کي هميشه پ پ پ هارايو آهي ۽ عوام کي خدمتن جي فراهمي سبب پ پ پ جي ووٽ بئنڪ ۾ ڪافي حد تائين اضافو ٿيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button