سنڌ سماچار
-
مشهور راڳي غلام علي سنديلو لاڏاڻو ڪري ويو
سنڌ جو مشهور راڳي غلام علي سنديلو ڦڦڙن ۾ ڪينسر هجڻ بعد لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ 52 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت، زندگي ۾ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
سکر:ضلعي ۾ ارڙيءَ کان پوءِ مليريا زور پڪڙي وئي
سکرضلعي ۾ ارڙيءَ جي وبا کان پوءِ مليريا جي وبا ۾ ساڳي صالح پٽ علائقي جي7 سالن جي نينگري سکر سول اسپتال ۾ فوت ،ضلعي اختيارين خبرن باوجود ڪن لاٽار ڪئي ،علائقي ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارڙا مليريا ۾ ورتل
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران لاھور ۾ مسيحي برادري تي حملي جي نندا
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر ضلعي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن جي صدارت فنڪشنل مسلم ليگ سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري نديم قادر ڀٽو ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه:صفائي واري عملي پاران 3 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف بک هڙتال
باڊهه ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري عملي پاران 3 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون هال اڳيان ڪوڙل ملاح، خادم بروهي، رستم ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ملازمن چيو ته گذريل 3 مهينن کان وٺي پگهارون ناهن ڏنيون ويو، جنهن ڪري اسان ۽ اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور:سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ تربيت وٺندڙ آفيسرن جي وفد ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات
سول سروسز اڪيڊمي لاهور جي 40 ڪورس جي مختلف گروپن ۾ تربيت وٺندڙ آفيسرن جي وفد ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. جڏهن ته وفد درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: قتل ٿيل اياز جلباڻي جي ڪيس ۾ فرار ٿي ويل مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس هٿان پنهنجي امڙ اڳيان بيدردي سان قتل ٿيل اياز جلباڻي جي ڪيس ۾ فرار ٿي ويل مک جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او باڊهه امير بخش پٺاڻ ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف قومپرست تنظيمن پاران ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه:علم جي هٿيار سان بهتر معاشرو قائم ڪري سگھجي ٿو، حاڪم چانڊيو
باڊهه جي ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ چانڊيا برادري جي چڱي مڙس رئيس حاڪم چانڊيو کي برادري جي چڱي مڙس جي پڳ ٻڌائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ٻين برادرين جي چڱن مڙسن ۽ چانڊيا برادري جي ماڻهن سرائي محمد وارث سرگاڻي، فدا حسين سيهڙ، گلاب خان ڪولاچي، اسلام الدين جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
جسقم ۽ مستوئي برادري پاران ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ مظاھرو
شهدادڪوٽ ۾ جسقم ۽ مستوئي برادري پاران ٻه هفتا اڳ اغوا ٿي ويل ٽن جسقم ڪارڪنن جي بازيابيءَ لاءِ لاڙڪاڻي ۽ سکر روڊ تي ڌار،ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا
وڌيڪ پڙھو -
موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي،فنڪشنل ليڊيز ونگ
شهدادڪوٽ:شهدادڪوٽ ۾ فنڪشنل ليڊيز ونگ پاران ڪارنر گڏجاڻي ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ يوسي 2 يونٽ جو بنياد وڌو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سماجي تنظيم (روز) پاران عورتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب
شهدادڪوٽ ۾ سماجي تنظيم (روز) پاران عورتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪري عورتن جي حقن بابت آگاهي ڏني وئي، رورل آرگنائيزيشن فار سوشل امپاورمينٽ ( روز) پاران ڳوٺ رحيم بخش جمالي ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي
وڌيڪ پڙھو