سنڌ سماچار

  • ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشن آف نارٿ آمريڪا ڪوٽ ڏجي ۾ برسات متاثرن لاءِ هڪ ڏينهن جي لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

    ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشن آف نارٿ آمريڪا (اپنا) پاران ڪوٽ ڏجي ۾ برسات متاثرن لاءِ هڪ ڏينهن جي لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ آمريڪا جيJFK ميڊيڪل يونيورسٽي جي پين مئنيجمينٽ شعبي جي پروگرام ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر اقبال حُسين جعفري (ايم ڊي) جي اڳواڻي ۾ ٻين ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ٻن هزار کان وڌيڪ مختلف برسات متاثر مريضن جو مفت طبي معائنو ڪيو ۽ مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي پُروفيسر ڊاڪٽر اقبال حُسين جعفري ٻُڌايو ته اپنا پاران صوبي اندر مختلف ضلعن ۾ برسات متاثر ماڻهن جي لاءِ مفت طبي ڪئمپون لڳايون ويون آهن هن ٻُڌايو ته 6 آڪٽوبر تي بدين، 31 آڪٽوبر تي ٺري ميرواهه، پهرين نومبر تي رورل هيلٿ سينٽر پڪاچانگ تعلقه فيض گنج ۾ طبي ڪئپمون لڳايون ويون

    وڌيڪ پڙھو
  • عيد کان پهريان ۽ عيد جي ٽن ڏينهن دوران ٺٽي جي روڊن ۽ ڳلين کي صاف سٿرو رکيو وڃي: ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال

    ضلعي انتظاميه ٺٽو پاران ٽائون ميونسپل انتظاميه وغيره کي عيدالاضحٰي جي موقعي تي صفائي، حفاظتي ۽ ٻين انتظامن جي هدايت ڪئي ويئي آهي. ان ڏس ۾ اڄ دربار هال اڪلي ۾ اي ڊي او روينيو ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال ضلعي عملدارن جي اجلاس جي صدارت ڪندي عيد جي موقعي تي صفائي وغيره جي انتظامن بابت جائزو ورتو ۽ ان کي آخري شڪل ڏني. هن ضلعي جي 9 تعلقن جي ٽائون ميونسپل انتظاميه کي هدايت ڪئي ته عيد کان پهريان ۽ عيد جي ٽن ڏينهن دوران روڊن ۽ ڳلين کي صاف سٿرو رکيو وڃي ۽ پاڻي جي نيڪال واري نظام کي بهتر رکيو وڃي جنهن سان گڏو گڏ قرباني جي جانورن جو گند ڪچرو فوري طور تي هٽائڻ جا خاص انتظام ڪيا وڃن.

    وڌيڪ پڙھو
  • پيپلزپارٽي طرفان 13 نومبر تي ڪراچي ۾ دفاع جمهوريت ريلي ڪڍي ويندي

    پيپلزپارٽيءِ ڪراچي ڊويزن جي جنرل باڊي جو هڪ اهم اجلاس ڊويزنل صدر سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ پيپلزسيڪريٽريٽ ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ۽ ڊاڪٽر قيصربنگالي خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جنرل باڊي اجلاس ۾ ڊويزنل، ضلعي ۽ سٽي ايريا جي عهديدارن سميت ذيلي تنظيمن جي ڊويزنل عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 13 نومبر تي آچر واري ڏينهن 2 وڳي ٽاور کانءِ بندر روڊ جامع ڪلاٿ تائين هڪ عظيم الشان “دفاع جمهوريت ريلي” ڪڍي ويندي، جنهن کانپوءِ جامع ڪلاٿ تي جلسو عام ٿيندو جنهن کي پيپلزپارٽيءِ سنڌ جو صدر سيد قائم علي شاھ، سيد خورشيد شاھ، رضارباني سميت ٻيا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ زرداري ريلي پنهنجي دهشتگردي جا رستا کولڻ لاءِ ڪڍي:جماعت اسلامي سنڌ

    جماعت اسلامي سنڌچيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ زرداري ريلي پنهنجي دهشتگردي جا رستا کولڻ لاءِ ڪڍي .گهرو وزير رحمان ملڪ پنهنجي کل ايم ڪيو ايم کي ڏيڻ جو اعلان ڪري قرباني جي کلن لاءِ ٿيندڙ دهشتگردي کي يقين بڻائي ڇڏيو آهي.آصف زرداري سان متحده جي اقتداري محبت جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ جي امن ڪوشش کي نقصان پهچندو.حڪومت قرباني جي جانورن جي کلن ڦرڻ واري دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ڀرپور اقدامات ۽ رينجرز سميت مڙني قانون لاڳوڪندڙ ادارن کي عيد جا ٽيئي ڏينهن امن قائم ڪرڻ لاءِ فري هينڊ ڏنو وڃي.اهڙو مطالبو جماعت اسلامي سنڌ جي مجلس شوريٰ جي هڪ اجلاس ۾ منظور ٿيندڙ هڪ ٺهراءَ ۾ ڪيو ويو جيڪو جماعت اسلامي سنڌ جي امير اسدالله ڀٽو جي صدارت هيٺ قباءَ آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • مسلم ليگ ن سنڌ ۾ فعال ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي هر شهر ۾ آفيسون آهن. سنڌ ۾ آفيسون ساڙڻ اها جمهوريت نه پر غنڊه گردي ۽ دهشتگردي آهي: غوث علي شاھ

    پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي رهنما سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ غنڊا گردي ۽ دهشتگردي آهي ۽ هن سسٽم کي هلڻ نه ڏيندي سکر ۾ پارٽي جي ذميوارن کي همت ڏيڻ لاءِ آيو آهيان مخالفن کان گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي انهن سان ڄمي ڪري مقابلو ڪن، سکر ۾ ضلعي صدر سرور لطيف جي رهائش گاهه تي هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت دوران ڪنهن هڪ به ماڻهو کي نقصان نه پهتو ۽ اسان حڪومت به ڪئي آهي ۽ مارشل لا دور به ڏٺا آهن مگر ڪنهن کي به ان وقت تائين نقصان نه پهچايو آهي، حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙن واقعن تي ڪنٽرول ڪري، اهڙن واقعن تي ڪنٽرول نه ڪرڻ حڪومت جي ناڪاميءَ جو باعث بڻجندي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • تعلقي دوڙ ۾ پاڪستان ڪارڊ جي حصول ۽ ان کي ڪيش ڪرائڻ شهرين لاءِ آزار بڻجي ويو

    پاڪستان ڪارڊ جي حصول ۽ ڪيش ڪرائڻ ۾ شهرين کي ڏکيائيون بينڪ عملي هٿان شهري پريشان، دوڙ شهر ۾ ڪارڊ ڪيش ڪرڻ جي سهولت بند تفصيل موجب ضلعي شهيد بينظيرآباد جي تعلقي دوڙ ۾ پاڪستان ڪارڊ جي حصول ۽ وري ان کي ڪيش ڪرائڻ شهرين لاءِ آزار بڻجي ويو آهي، پاڪستان ڪارڊ سينٽر تي جيالن ۽ مقامي پوليس اهلڪارن جي ملي ڀڳت سان ايجنٽ مافيا سرگرم آهي، شهري توڙي ڳوٺاڻا سڄو ڏينهن قطارن ۾ بيٺا رهن ٿا، جڏهن تي ٻئي پاسي رشوت ڏيندڙن کي بينڪ عملي جي ملي ڀڳت سان جلدي ڪارڊ ٺهي ملي وڃي ٿو

    وڌيڪ پڙھو
  • پ پ جي حڪومت ھوندي به پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ڳوٺاڻڻ جو پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

    ٺري ميرواهه پريس ڪلب اڳيان ڳوٺاڻن جو احتجاجي ڌرڻو مظاهرو ڳوٺ ظفر علي شر جي ڳوٺاڻن ۽ جهونن پ پ ڪارڪنن بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف احتجاج ڪيو . ٺري ميرواهه لڳ يونين ڪائونسل صبڙ رند جي ڳوٺ ظفر علي شر جي ڳوٺاڻن ۽ جهونن پ پ ڪارڪن، معصوم ٻارڙن بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف مظاهرا ڪيا. پ پ قيادت پاران نظر انداز ڪرڻ بنيادي سهوليون روڊ، اسڪول، ڊسپنسري وغيره نه هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،ان موقعي تي ڳوٺ جي نيڪ مردن غلام قادر شر، جمشيد احمد شر، سليم رضا شر ، ممتاز علي شر، سڪندر علي شر ۽ غلام علي شر ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته اسان هر آمريت ۽ جمهوريت جي دئورن ۾ پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيو ۽ جيل ڀوڳيا مخالفن جو سختيون برداش ڪيو، هن وقت پنهنجي پارٽي جي حڪومت هوندي به ڪارڪنن ۽ ڳوٺ کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو پيو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • ملڪ کي آزاد ٿئي 70 سال ٿيڻ وارا آهن، پر نه اسلامي نظام نافذ ٿيو ۽ نه ئي عوام جا مسئلا حل ٿيا: سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري

    جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ صوبائي سيڪريٽري جنرل سينيٽر علامه خالد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، ملڪ ڪنهن به قسم جي سياسي محاذ آرائي برداشت نه ڪري سگهندو، سياسي قوتون تدبر جو مظاهرو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار ڳوٺ دين پور مهر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو هنن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ کي آزاد ٿئي 0 7 سال ٿيڻ وارا آهن، پر نه اسلامي نظام نافذ ٿيو ۽ نه ئي عوام جا مسئلا حل ٿيا، نا اهل حڪمرانن جي ملڪ جا مسئلا حل ٿيڻ بدران ڏينهن ڏينهن سنگين کان سنگين تر ۽ حالتون بد کان بدتر ٿينديون پيون وڃن

    وڌيڪ پڙھو
  • مسلم ليگ ن عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪندي سرڪاري وسيلن کي غير قانوني طور تي استعمال ۾ آندو: پي پي اڳواڻ

    )پيپلز پارٽي جي تعلقه روهڙي جي اڳواڻ ذيشان ڀٽو چيو آهي ته مسلم ليگ ن عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪندي سرڪاري وسيلن کي غير قانوني طور تي استعمال ۾ آڻي ريلين وسيلي جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪاميابي نه ماڻيندي، پيپلز پارٽي جي حڪومت کي مسلم ليگ ن مان ڪو به خطرو نه آهي ڀلي شوق پورو ڪري وٺن. هن چيو ته مسلم ليگ ن عوامي راءِ جو احترام ڪرڻ بدران ڪامورا شاهي وسيلي ڏنڊي جي حڪمراني تي يقين رکي ٿي. مسلم ليگ ن جو مقصد رڳو ريليون ڪڍي آمريت جي راهه هموار ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ جو انهن جي پرورش آمريت جي هنج ۾ ٿي آهي، هن چيو ته مسلم ليگ ن جي دور حڪومت ۾ قرض اتارو ملڪ سنوارو ۽ پيلي ٽيڪسين ۾ کربين روپين جي خرد برد ڪئي وئي

    وڌيڪ پڙھو
  • مسلم ليگ ن جي آفيس کي باهه ڏيڻ آمريت جي نشاني آهي: پاڪستان مسلم ليگ (ن)

    ڪوٽڙيءَ ۾ مسلم ليگ ن جي آفيس کي ساڙڻ جي خلاف شڪارپور روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري امام الدين کوسو، اڳوڻو سيڪريٽري انفارمشين دلاور خان، اڳوڻ سٽي صدر سعيد حسين مغل، رمضان ڪمبوه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪوٽڙيءَ ۾ مسلم ليگ ن جي آفيس کي باهه ڏيڻ آمريت جي نشاني آهي، جمهوريت جي نالي تي حڪمرانن اٺن سالن واري آمريت جا رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيا آهن، هنن چيو ته حڪمران عوام کي ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻائي ڪري انهن کي پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد جو حق به ڇنڻ چاهي ٿي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button