سنڌ سماچار
-
غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ سول اسپتال سکر جي ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران جيڪب آباد کان 2 ڊاڪٽرن جي اغوا جي خلاف ٽئين ڏينهن به روڊن تي اچي ويا
غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ سول اسپتال سکر جي ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران جيڪب آباد کان 2 ڊاڪٽرن جي اغوا جي خلاف ٽئين ڏينهن به روڊن تي اچي ويا، اسٽيڊيم چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي ڊاڪٽرن پاران اسپتالن ۾ او پي ڊي ۽ آپريشن ٿيٽرن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اسپتال ايندڙ سوين مريضن کي پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ سول اسپتال سکر جي ٻن ڊاڪٽرن جي اغوا جي خلاف ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا ملازم ٽئين ڏينهن به روڊن تي نڪري آيا ۽ اسٽيڊيم چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو شهر جي مختلف شاهران کان گشت ڪندو ميناره روڊ تي احتجاجي مظاهري ۾ تبديل ٿي ويو، ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مطالبا انهن جي حق ۾ تحرير ٿيل هئا
وڌيڪ پڙھو -
سڄي سنڌ وانگر سکر ۾ به وڏي تعداد ۾ ماڻهو تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيا آهن.: ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ
پاڪستان تحريڪ انصاف سکر ريجن جي صدر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيو آهي ته سڄي سنڌ وانگر سکر ۾ به وڏي تعداد ۾ ماڻهو تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيا آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سوين ماڻهو پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪري عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ان مان ثابت ٿي چڪو آهي. ته سکر تحريڪ انصاف جو شهر آهي. ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ شهر جي مختلف علائقن نيوپنڊ، شاهه خالد ڪالوني، فريئر روڊ، ريس ڪورس روڊ، پراڻو سکر، نئون ڳوٺ کان آيل ماڻهن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي تحريڪ انصاف سکر جي عهديدارن محفوظ اختر سيد عبدالرب هاشمي ۽ عرفان احمد مغل به موجود هئا.
وڌيڪ پڙھو -
مقامي حڪومت جي نظام سان جيترو فائدو شهري علائقن کي ٿيندو اوترو ئي ٻهراڙي علائقن کي ٿيندو عوام کي گهراهه ڪرڻ لاءِ مقامي حڪومت نظام جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي: دانيال عزيز
لوڪل ڪونسل الائنس جي مرڪزي چيئرمين دانيال عزيز ۽ سنڌ جي صدر سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته مقامي حڪومت جي نظام سان جيترو فائدو شهري علائقن کي ٿيندو اوترو ئي ٻهراڙي علائقن کي ٿيندو عوام کي گهراهه ڪرڻ لاءِ مقامي حڪومت نظام جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هنن سکر ۾ يونين ڪائونسل تعلقه ۽ ضلع ۾ مقامي حڪومتن جو قلعو جي عنوان سان منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن ۾ سڄي پاڪستان سان تعلق رکندڙ اڳوڻن ضلعي ناظمن ۽ لوڪل ڪونسل الائنس جي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. دانيال عزيز جو چوڻ هو ته موجوده حڪمران عوام کي سهولتن جي فراهميءَ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن
وڌيڪ پڙھو -
خيروپور ھڪ مھيني 52 ڌاڙيل، 260 روپوش ۽ 34 اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪيا آهن: ايس ايس پي خيرپور
ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ آڪٽوبر مهيني 2011 جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني دوران پوليس مختلف ڪارروايون ڪندي 52 ڌاڙيل، 260 روپوش ۽ 34 اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪيا آهن جڏهن ته رپورٽ مطابق گذريل مهيني دوران ٻه ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي پوليس خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي 10 ڪلاشنڪووز، 17 عدد بندوقون، 15 عدد پسٽل، 04 عدد رائيفل، 03 عدد ريوالور، 156 ڪارتوس ۽ 835 گولين جا رائونڊ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ 25 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ آبادگارن کي مفت ٻج ۽ زرعي ڀاڻ پڻ ڏنو ويندو: ڊي سي خيرپور
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ پنهنجي آفيس ۾ ضلعي آبادگار ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊي سي خيرپور ٻُڌايو ته ضلعي جي برسات متاثر علائقن جي آبادگارن کي زرعي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جنهن ۾ 25 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ آبادگارن کي مفت ٻج ۽ زرعي ڀاڻ پڻ ڏنو ويندو. گڏجاڻي ۾ ڊي سي خيرپور وڌيڪ چيو ته زرعي ٻج ۽ زرعي ڀاڻ جي زخيرا اندوزي ڪندڙ دوڪاندارن خلاف سخت قدم کنيا ويندا جڏهن ته ڊي سي محمد عباس بلوچ لڳاپيل تعلقي اسسٽنٽ ڪمشنرس، اي ڊي او ايگريڪلچر ۽ زراعت کاتي جي ٻين آفيسرن کي زخيره اندوزي ڪندڙن دوڪاندارن تي اوچتو ڇاپا هڻي ۽ سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
وڌيڪ پڙھو -
ڪمشنري نظام جي بحالي سنڌي عوام جي پراڻي خواهش هئي جيڪا هن عوامي حڪومت ۾ پوري ٿي آهي: سسئي پليجو
ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جي تعمير لاءِ 5 لک روپيا ۽ سنڌي ادب جي9 صنفن تي بهترين ڪتاب تحرير ڪندڙ ۽ سنگت ايوارڊ حاصل ڪندڙ بهترين ليکڪن کي مجموعي طور تي هڪ لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ ي ادب توڙي سنڌي ثقافت جي بقا لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو – اهڙو اظهار هن اڄ سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدر آباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران منعقد ڪيل سنگت ايوارڊ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو – هن چيو ته ثقافت کاتي پاران ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جي تعمير لاءِ اڳواٽ ئي 5 لک روپيا جاري ڪيا ويا آهن جڏهن وڌيڪ 5 لک روپين جي رقم پڻ تمام جلد جاري ڪئي ويندي هن چيو ته کاتي پاران تازين برساتن کان پوءِ متاثر ٿيل ڪيترن ئي فنڪارن جي وس آهر مالي سهائتا ڪئي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ ثقافت توڙي ادب سان وانجهيل ماڻهن جي مدد ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان هلا احمر طرفان مڪلي تي تقريب منعقد ڪئي ويئي
پاڪستان هلا احمر طرفان مڪلي تي تقريب منعقد. پاڪستان هلال احمر ضلعي ٺٽي طرفان مڪلي پريس ڪلب ۾ متاثرين جي سهائتا جي سلسلي ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي تقريب ۾ قمبل، مڇردانيون ۽ رد بچاءُ لاءِ سامان ورهايو ويو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد حنيف ميمڻ چيو ته پاڪستان هلال احمر ضلعي ٺٽي ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي وڌ کان وڌ ڪوشش آهي ته متاثرين جي سهائتا ڪريون، هن چيو ته پاڪستان هلال احمر ضلعي ٺٽي ۾ پڻ صحت جي حوالي ڪم ڪري رهي آهي جنهن تحت اسان جون موبائيل هيلٿ يونٽ ٽيمن پاران ضلعي جي اڪثر متاثر علائقن ۾ وڃي مفت صحت جون سهوليون فراهم ڪيون پيون
وڌيڪ پڙھو -
وفاقي ڪابينه پاران ڀارت کي پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ خلاف جماعت اسلامي جو ملڪ گير احتجاج
ڪراچي: امير جماعت اسلامي پاڪستان سيد منور حسن جي اپيل تي وفاقي ڪابينه پاران ڀارت کي پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف جماعت اسلامي پاران ملڪ گير احتجاج جي سلسلي ۾ اڄ سڄي سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپور احتجاج ڪيو ويو . صوبائي ترجمان مطابق ان سلسلي۾ڪراچي،سکر،لاڙڪاڻو،ڪنڌڪوٽ،جيڪب آباد ميرپورخاص۽ نوابشاه سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ مسجدن ۽ پريس ڪلب جي ٻاهران ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن کي جماعت اسلامي جي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪشمير واري مسئلي کي هڪ طرف رکي ڀارت کي پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ ۽ واپار وڌائڻ جون ڳالهيون نظريه پاڪستان کي دفن ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جاري جدوجهد جي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ جيبرابر آهي.
وڌيڪ پڙھو -
هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته عوام هن حڪومت مان پنهنجي جان ڇڏائي: ميان نواز شريف
مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته اسيمبلين جي سيٽن تان استعيفائن بابت اڃان فيصلو نه ڪيو ويو آهي، پر هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته عوام هن حڪومت مان پنهنجي جان ڇڏائي، استعيفائن جو فيصلو پاڪستان جي عوام جي مفاد ۽ جمهوريت کي مدي نظر رکندي ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار سکر ايئرپورٽ تي چڪ روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزير خارجه شاهه محمود قريشي سان رابطو ٿيو آهي ۽ ان کان پهريان به ملاقات ٿي چڪي آهي، هاڻي 2 2 نومبر تي ملاقات ٿيندي، هن چيو ته هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته پاڪستان جو عوام هن حڪومت کان پنهنجي جان آجي ڪرائي استعيفائن جو فيصلو پاڪستان جي عوام جي مفاد ۽ جمهوريت کي مدي نظر رکندي ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ اسڪولن جون 10 سيڪڙو بلڊنگون خطرناڪ حد تي پهتل آهن، جڏهن ته استادن جي اڻاٺ سبب تعليم کي وڏو نقصان پهتو آهي: تعليمي ماھر
ناميارن تعليمي ماهرن، دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن چيو آهي ته حڪومت جي بي ڌياني ۽ ڪرپشن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ اسڪولن جون 10 سيڪڙو بلڊنگون خطرناڪ حد تي پهتل آهن ۽ استادن جي اڻاٺ سبب تعليم کي وڏو نقصان پهتو آهي، موجوده تعليم جي بجيٽ ۾ 30 سيڪڙو واڌارو ڪري ضرورت مطابق تعليم جو ڍانچو ٺاهيو وڃي. اهڙو اظهار ڪالهه ايڪشن ايڊ، انسٽيٽوٽ آف سوشل ۽ پاليسي سائنسز طرفان آر ڊي ايڇ آر جي سهڪار سان بجيٽ بابت حيدرآباد ۾ ڪوٺايل ورڪشاپ ۾ ڪيو ويو. ورڪشاپ ۾ ڳالهائيندي اسلام آباد کان آيل نامياري دانشور ۽ بجيٽ جي ماهر صديق ترين چيو ته تعليم بابت بجيٽ نه هجڻ برابر آهي، موجوده تعليم جي بجيٽ ۾ 30 سيڪڙو واڌارو ڪيو وڃي ۽ ضرورتن مطابق تعليم جو ڍانچو ٺاهيو وڃي. هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ اسڪولن جون 10 سيڪڙو بلڊنگون خطرناڪ حد تي پهتل آهن، جڏهن ته استادن جي اڻاٺ سبب تعليم کي وڏو نقصان پهتو آهي.
وڌيڪ پڙھو