سنڌ سماچار
-
ٺٽو: الھڏنو پليجو ۽ گل ضميران مسڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو ڌرڻو
ٺٽي ۾ 2 هفتا اڳ قتل ٿيل نوجوان جوڙي الھڏنو پليجو ۽ سندس وني گل ضميران مسڻ جي رهيل قاتلن جي گرفتاري لاء مقتولن جي وارثن پاران مڪلي باء پاس تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
ڪوٽڙي: ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آڏو مدي خارج دوائون ڍير تي اڇلايون ويون
ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال انتظاميه لکين روپين جون دوائون مدي خارج ڄاڻائي روڊ تي اڇلي ڇڏيون، مختلف قسم جون دوائون ۽ انجيڪشنس اسپتال جي اڳيان روڊ تي گند جي ڍير تي اڇلايون ويون آهن
وڌيڪ پڙھو -
فريدآباد: ٻن سڳن ڀائرن جي آزادي لاءِ وائيس فار مسنگ پرسنز جي سڏ تي ھڙتال
فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنز جي سڏ تي ڪاڇي جي ٻن سڳن ڀائرن رياض حسين ۽ امتياز خاصخيلي سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن ۽ قومي ڪارڪنن جي آزادي لا بک ھڙتال ٻئي ڏينهن به جاري.
وڌيڪ پڙھو -
فريدآباد: مقتول حضور بخش چانڊيو جا قاتل گرفتار ڪريو، وارثن پاران مظاھرو
مقتول حضور بخش چانڊيو جا قاتل گرفتار ڪريو،مقتول جي وارثن ڀاء محمد وارث جي اڳواڻي ۾ فريدآباد پل تي ٽائر ساڙي ڌرڻو ھڻي احتجاج، 8 ڏينهن گذرڻ باوجود شاھ گودڙيو پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، جوابدار وڌيڪ نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس خيرپور ڪرپشن جو ڳڙھ بڻجي ويئي، سنڌ پيرا وٽنري اسٽاف ايسوسيئشن جو الزام
سنڌ پيرا وٽنري اسٽاف ايسوسيئشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر امداد حسين منگي، وزير حسين ٻانڀڻ ،همت علي سولنگي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ خيرپور وئڪسين ۽ دوائن ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آھي
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽو: سنڌ ۾ بجلي ناھي، آنلائن ڪلاس ڪيئن ھلندا، خانگي اسڪولن جي مالڪن اسلام آباد ۾ ميڙاڪي جو اعلان
ملڪ جي خانگي اسڪولن جي مالڪن اسڪولن کي هلائڻ لاء لائه عمل جوڙڻ خاطر 20 جولاء تي اسلام آباد ۾ اهم ميڙاڪو سڏائڻ جو اعلان ڪيو آھي
وڌيڪ پڙھو -
قبوسعيدخان: پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا، پاڻي کوٽ خلاف مختلف پارٽين جو مظاھرو
قبوسعيدخان ۾ سيف الله مگسي ڪئنال مان نڪرندڙ 8 کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبپاشي عملي خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا آپباشي عملي خلاف ماڻھون سئون جي تعداد روڊن تي نڪري آيا
وڌيڪ پڙھو -
صحافين مٿان ڪوڙن ڪيسن خلاف ھنڱورجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور پاران مظاھرو
صحافي اتحاد خيرپور پاران گمبٽ جي صحافي حاڪم ڀٽي،پيروسڻ جي صحافي منصور هاجاڻو ۽ مرتضيٰ جمالي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ تي صحافين هنڱورجا ۾ صحافين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
وزيران ڇڇر قتل ڪيس، خون لوڙھڻ جي ڪوشش، وومين ايڪشن فورم جو الزام
وزيران جي قتل ڪيس جي داخل ايف آئي آر سندس والدين پاران داخل ڪرايل آھي جنھن ۾ داخل ڪيل ڏوھہ جي مناسبت سان ڪيس جي بيان جا لاڳاپيل سيڪشن لڳل ناھن
وڌيڪ پڙھو -
ڪوٽڙي: پلاٽ جي مسئلي تي هلندڙ تڪرار نه نبريو
ڪوٽڙي سائيٽ جي غريب آباد ڪالوني ۾ ملاح ۽ ڏاوڇ برادري وچ ۾ پلاٽ جي مسئلي تي هلندڙ تڪرار نه نبريو ، گذريل ڏينهن جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ڏاوڇ برادري پاران ملاح برادري کي جوابدار قرار ڏيندي مٿن سائيٽ ڪوٽڙي ٿاڻي تي ايف آء آر داخل ڪرائي ورتي
وڌيڪ پڙھو