ھنڱورجا

صحافين مٿان ڪوڙن ڪيسن خلاف ھنڱورجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور پاران مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

صحافي اتحاد خيرپور پاران گمبٽ جي صحافي حاڪم ڀٽي،پيروسڻ جي صحافي منصور هاجاڻو ۽ مرتضيٰ جمالي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ تي صحافين هنڱورجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ، فياض سولنگي، هادي بخش خاصخيلي، شمن راڄپر، محمد صديق سولنگي، آفتاب ڀنڀرو، عبدالجبار چانگ،تسليم ڪوري،سجاد آرائين، فياض شيخ، حقنواز سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ صحافين خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي پوليس بااثر وڏيرن جي ونگارو بڻجي صحافين جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن جيڪو آزاد صحافت جي مٿان وار آهي هنن چيو ته گمبٽ جي سينئر صحافي حاڪم ڀٽي جو صرف اهو ڏوھ آهي هن حق ۽ سچ جون خبرون لکيون جنهن جي کيس سزا ڏني وئي.پيروسڻ پوليس بنا سبب جي صحافي مرتضيٰ جمالي ۽ منصور هاجاڻو خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن هنن پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ،آءِ جي سنڌ مشتاق مهر،ڊي آءِ جي سکر فدا مستوئي کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button