سنڌ سماچار
-
اٽو لٽو، اجهو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جو پروگرام ھو، اسان عمل ڪري رھيا آھيون، وڏو وزير
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيوآهي ته بجلي ملڪ جي ترقي جو وسيلو آهي جنهن سان ملڪ ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي پر پيپلز پارٽي جي مخالف جمهوريت کان وڌيڪ بجلي کي سمجهن ٿا جن ماضي ۾ آمر حُڪمران جي دور ۾ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا هاڻي ان وقت بجلي جو کوٽ لاءِ ڪجهه نه ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
بجيٽ لفظن جي ھير ڦير آھي، جمعيت علماءِ اسلام
جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري اطلاعات اسلم غوريءَ چيو آهي ته حڪومت جيڪو 5 بجيٽ پيش ڪيو آهي اهو الفاظن جي هير ڦير آهي. حڪومت عوام کي صرف تسلي ڏني آهي. اصل بجيٽ ته بجيٽ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اچي چڪي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
محترمه غنويٰ جي 50 هين سالگره بچل شاهه مياڻي ۾ ملھائي ويئي
پاڪستان پيپلز پارٽي(ش ڀ)ضلعي سکر پاران پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو)جي قائد شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي وني محترمه غنويٰ جي 50 هين سالگره بچل شاهه مياڻي ۾ جتوئي هائوس تي 50 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽي ملهائيڻ سان گڏو گڏ قائد محترمه غنويٰ ڀٽو جي وڏي ڄمار لاءِ دعا گهري وئي
وڌيڪ پڙھو -
ٺري ميرواهه: نا معلوم جوابدارن ھڪ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي
سئي گئس ڀرسان ڳوٺ در محمد ٽالپر ۾ نا معلوم جوابدارن پاران هڪ ڳوٺاڻي نياز حسين ٽالپر جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي ، گهر ڀاتي معجزانه طور بچي ويا جڏهن ته گهر ۾ پيل سمورو سامان ڪڻڪ ، ڪلر ، گهر جو سامان ڪپڙا ڏاج سڙي راک ٿي ويو ڳوٺاڻن پاران ٺري ميرواهه پوليس کي اطلاع ڏنو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سيوهڻ ۾ 18 ڪلاڪن تائين غير اعلانيه لوڊشيڊنگ،گرمي سبب شهر واسي پريشان
درگاهه لعل شهباز قلندر لاءِ حيسڪو ڄام شورو 11000 ڪي وي جي الڳ لائين ڏني ويئي. سيوهڻ شريف ۾ ڪجهه ڏينهن پهرين حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاه لاءِ 11000 ڪي وي جي لائين الڳ لڳائي ويئي آهي، ان بعد سيوهڻ ۾ 18 ڪلاڪن تائين غير اعلانيه لوڊشيڊنگ،گرمي سبب شهر واسي پريشان.
وڌيڪ پڙھو -
مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ضلعي زڪوات ڪاميٽي پاران مالي سائتا 2۽ 3 جون تي ڪئي ويندي
چيئر مين ضلعي زڪوات ۽ عُشر ڪاميٽي فقير شير علي ڏيٿو ڄاڻايو آهي ته ضلعي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ضلعي زڪوات ڪاميٽي پاران مالي سائتا ڪئي پئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
اتر سنڌ جا ڪيترا ئي شهر گرميءَ جي شديد لپيٽ ۾ اچي ويا
سکر سميت اتر سنڌ جي ڪيترا ئي شهر گرميءَ جي شديد لپيٽ ۾ اچي ويا ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ گرمي پد 0 4 کان 7 4 تائين پهچي ويو. جنهن جي ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. ۽ روڊ رستا ويران ٿيڻ لڳا، تيز گرمي پوڻ جي ڪري ڪاروباري زندگي مفلوج ٿي ويئي.
وڌيڪ پڙھو -
ڪنهن به مريض کان ڪنهن به قسم جي فيس نه ورتي وڃي، انعام الله خان ڌاريجو
ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ دل جي شعبي، گڙدن جي شعبي، ايمرنجسي وارڊ، چائلڊ ڪيئر سينٽر ۽ آپريشن ٿيٽر جو معائنو ڪيو ان موقعي تي هن ايم ايس کي سختي سان هدايت ڪئي ته ڪنهن بي مريض کان ڪنهن به قسم جي فيس نه ورتي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌي ريڪروٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب سان پنوعاقل ۾ منعقد ڪئي
سنڌي ريڪروٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب شاندار نموني سان پنوعاقل ڇانوڻيءَ ۾ منعقد ڪئي ويئي. ان تقريب جو مهمان خاص 6 1 ڊويزن جو ڪمانڊو ميجر جنرل اصغر نواز هو. ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي جي او سي پاران ڪامياب تربيت حاصل ڪندڙن ريڪروٽس کي مبارڪباد ڏني
وڌيڪ پڙھو -
لعل شھباز قلندر جي درگاھ جي وڌائڻ تي ڪافي دڪاندرا روزگار کان محروم
حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاه جو احاطو وڌائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيترئي دڪاندار روزگار کان محروم. خبر موجب صدر آصف علي زرداري جي حڪم تي حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاه جو احاطو وڌائڻ لاءِ ترقياتي ڪم جاري آهي
وڌيڪ پڙھو