سيوهڻ

سيوهڻ ۾ 18 ڪلاڪن تائين غير اعلانيه لوڊشيڊنگ،گرمي سبب شهر واسي پريشان

Loadshadingسيوهڻ: درگاهه لعل شهباز قلندر لاءِ حيسڪو ڄام شورو 11000 ڪي وي جي الڳ لائين ڏني ويئي. سيوهڻ شريف ۾ ڪجهه ڏينهن پهرين حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاه لاءِ 11000 ڪي وي جي لائين الڳ لڳائي ويئي آهي، ان بعد سيوهڻ ۾ 18 ڪلاڪن تائين غير اعلانيه لوڊشيڊنگ،گرمي سبب شهر واسي پريشان.
واپڊا موجب قلندر شهباز جي درگاه لاءِ 11000 ڪي وي جي لائين الڳ لڳائي ويئي آهي جيڪا صرف شهباز قلندر جي درگاه لاءِ ئي آهي ۽ ان ۾ لوڊشيدنگ نه ٿيندي 24 ڪلاڪ هلندڙ لائيٽ جي لاءِ سڃاڻ ڌريون درگاهه مان چوري جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن،هوڏانهن جڏهن لعل شهباز قلندر جي درگاهه ۽ سيوهڻ جي بجلي هڪ ئي فيز هجڻ ڪري لوڊشيدنگ ۾ ڪمي هئي پر هاڻي 14 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيدنگ ٿيڻ ڪري سخت گرمي ۾ پکي جي هوا لاءِ به محروم آهن.
راشد حسين ميمڻ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button