ميرپور خاص
بندر وال واسين پاران علائقو نه ڇڏڻ جو اعلان، رهواسي پاڻ هليا وڃن نه ته ڪارروائي ڪنداسين: وڏو وزير
6 جون ، 2011
بندر وال واسين پاران علائقو نه ڇڏڻ جو اعلان، رهواسي پاڻ هليا وڃن نه ته ڪارروائي ڪنداسين: وڏو وزير
سکر بندر وال جي رهواسين علائقو نه ڇڏڻ جو اعلان ڪندي ڀرپور مزاحمت جو فيصلو ڪيو آهي،جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته هو علائقو خالي ڪرائڻ لاءِ انتظاماايڪشن کڻندي ۽ ڪجهه ماڻهن جي ڪري لکين ماڻهن جي زندگيون داءَ تي نه ٿا لڳائي سگهن،بندروال جي رهواسين کين لڏائڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.بندر وال جي رهواسين مرد ۽ عورتن احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومتي فيصلي خلاف نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رهواسين چيو ته ڊي ڊي او روينيو پاران ڪيل سروي وارو ڪم بهتر آهي، پر امداد ڏيڻ وارو طريقڪار غلط آهي.هنن چيو ته اي ڪيٽيگري لاءِ پنجاهه ، بي لاءِ 25 ۽ سي لاءِ 5 لک رپيا ڏنا وڃن.اڳواڻن چيو ته جيستائين سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويندا تيستائين هو پنهنجا گهر نه ڇڏيندا.ٻئي طرف وڏو وزير سيد قائم علي شاهه معاملي جي حل لاءِ سکر پڻ پهچي ويو آهي،ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هلندڙ سال به ٻوڏ جو پاڻي تمام گهڻو آهي، جيڪو سکر بئراج وٽان ئي گذرندو
ميرپورخاص پريس ڪلب جو صدر ۽ سينيئر صحافي محمود سلطان چانڊيو قتل، شهربند، ڌرڻو
22 مارچ ، 2013
ميرپورخاص پريس ڪلب جو صدر ۽ سينيئر صحافي محمود سلطان چانڊيو قتل، شهربند، ڌرڻو
ڪراچي (نيوز ڊيسڪ) ميرپورخاص پريس ڪلب جو صدر ۽ هڪ خانگي سنڌي ٽي وي جي رپورٽر محمود سلطان چانڊيو کي ڇنڇر ڏينهن 12 بجي ڌاري سندس گهر العمران ٽائون ميرپورخاص تي ٻن موٽر سائيڪل سوار نامعلوم ماڻهن گهران سڏ ڪري گهرجي دروازي تي کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا، محمود سلطان چانڊيو طبي امداد ملڻ کان اڳ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو، واقعي جي خبر ٻيلي ۾ باهه جيان شهر ۾ پکڙي وئي ۽ سول اسپتال ۾ سوين ماڻهو پهتا، ڊي پي او ميرپورخاص ذوالفقار مهر ۽ ڊي سي او ميرپورخاص غلام حسين ميمڻ، ميمبر صوبائي اسيمبلي شميم آرا پنهور، ايم پي اي فهيم الطافي، زونل انچارج متحده عظيم دانش سميت سياسي سماجي تنظيمن جي مقامي عهديدارن جو به وڏو انگ سول اسپتال ۾ پهچي ويو، واقعي جي ردعمل ۾ شهر مڪمل بند ٿي ويو، ثقافتي ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ٿيندڙ تقريبون فوري طور ختم ڪيون ويون