ڪراچيميرپور خاص

ميرپورخاص پريس ڪلب جو صدر ۽ سينيئر صحافي محمود سلطان چانڊيو قتل، شهربند، ڌرڻو

Mirpurkhas Mehmood Sultan Chandioڪراچي (نيوز ڊيسڪ) ميرپورخاص پريس ڪلب جو صدر ۽ هڪ خانگي سنڌي ٽي وي جي رپورٽر محمود سلطان چانڊيو کي ڇنڇر ڏينهن 12 بجي ڌاري سندس گهر العمران ٽائون ميرپورخاص تي ٻن موٽر سائيڪل سوار نامعلوم ماڻهن گهران سڏ ڪري گهرجي دروازي تي کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا، محمود سلطان چانڊيو طبي امداد ملڻ کان اڳ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو، واقعي جي خبر ٻيلي ۾ باهه جيان شهر ۾ پکڙي وئي ۽ سول اسپتال ۾ سوين ماڻهو پهتا، ڊي پي او ميرپورخاص ذوالفقار مهر ۽ ڊي سي او ميرپورخاص غلام حسين ميمڻ، ميمبر صوبائي اسيمبلي شميم آرا پنهور، ايم پي اي فهيم الطافي، زونل انچارج متحده عظيم دانش سميت سياسي سماجي تنظيمن جي مقامي عهديدارن جو به وڏو انگ سول اسپتال ۾ پهچي ويو، واقعي جي ردعمل ۾ شهر مڪمل بند ٿي ويو، ثقافتي ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ٿيندڙ تقريبون فوري طور ختم ڪيون ويون، ميرپورخاص ضلعي جي باقي شهرن ۾ به واقعي جي اطلاع تي صحافين گڏجاڻيون ڪري واقعي جي مذمت ڪئي ۽ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪندي شهرن جي ڪاروباري حلقن سان رابطا ڪري شهر بند ڪرايا، مرحوم محمود سلطان چانڊيو شهيد پونيئرن ۾ 70 سالا والده، 4 پٽ، 2 نياڻيون آهن، مرحوم محمود جي ٻه شاديون هيون. صدر پريس ڪلب جي قتل خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ميرپورخاص پريس ڪلب جي عهديدارن ميمبرن پاران حيدرآباد روڊ تي رتن آباد لڳ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ٻه ڪلاڪ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ بلاڪ رهيو، سوين گاڏيون گڏ ٿي ويون بعد ۾ ڊي پي او ذوالفقار مهر ڌرين واري هنڌ پهچي احتجاجي صحافين سان ڳالهايو ۽ قاتلن جي جلد گرفتاري جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو. واقعي بعد ميرپورخاص ۾ صحافين جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ 8 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا محمود سلطان جي قتل ڪيسن جي سلسلي ۾ انتظاميه سان رابطي ۾ رهندي. ٻئي طرف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ محمود سلطان چانڊئي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ٽنڊي باگي ۾ عثمان راهوڪڙي، انور عباسي، اسحاق ميمڻ، محمد سليمان خاصخيلي، مظهر خواجه، اشفاق ميمڻ، يوسف ملاح ۽ جڙيل شاهه جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. نصيرآباد ۾ صحافي اتحاد پاران ممتاز علي لنجواڻيءَ جي اڳواڻي ۾ صحافين جلوس ڪري فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي رفيع لغاري، ايس ٽي پي جي خدا بخش سانگهري، جسقم جي شاهد کوکر، پ پ يوٿ جي منظور اوڍاڻي، گسٽا جي اشفاق ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو، سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ صحافين ي هنگامي اجلاس ۾ حيدر جويي، شفقت نوناري، قائم علي، ممتاز شيخ، گلشن شيخ ۽ ٻين قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو. ڪنڊياريءَ ۾ عقيل احمد وساڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏهن ته واقعي بعد سوڳ ۾ شهربند ٿي ويو، پيرونمل، نئين آباد، دلشاد شاخ ۽ 18 ميل پريس ڪلبن تي به ڪارا جهنڊا چاڙهي سوڳ ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ صحافين ۽ عوامي تحريڪ احتجاجي مظاهرو ڪري لائبريري چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن کي خطاب ڪندي پير بخش ڀنگوار، حفيظ ملڪ، غالب بلوچ ۽ ٻين قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو، موري ۾ صحافين پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙهي علي اصغر ڪورائي، محمد بخش عالماڻي، صالح کوسي، اعجاز ڪورائي، غازي خان، شمس ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. کڏڙي جي صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب تي ڪارا جهنڊو چاڙهيو ۽ رفيق منصوري، اختر علي ماري، افتخار علي هوندل، مشتاق نوري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو، جماعت اسلامي جي اڳواڻن مشتاق عادل، عبدالعزيز ۽ ٽريڊ يونين اڳواڻ عبدالعزيز غوري به واقعي جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو. حيدرآباد جي صحافين پريس ڪلب جي صدر محمد حسين خان، جنرل سيڪريٽري اسحاق مڱرئي، سينيئر صحافي اقبال ملاح، جعفر ميمڻ، لطيف ملاح، حامد شيخ، سرفراز وسطڙي، نياز وگهئي، غلام قادر، امتياز چانڊئي، ارشد انصياري، ياسر راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو. مٺياڻيءَ ۾ صحافين الهڏني چانڊئي، مختيار سهتي، الطاف حسين چانڊئي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. سچوا پاران به محمد بخش چانڊئي، آصف علي چانڊئي، مجنو خان چانڊئي جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو ويو. هنڱورجا ۾ صحافي سنگت جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ، محمد بچل هنڱوري، غلام حسين چانگ محمود سلطان چانڊئي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ هڪ هفتو سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، ان دوران مظاهرا ۽ ڌرڻا به هنيا ويندا، جاتي ۾ صحافين علي اڪبر ٿهيم، احمد شاهه بخاري ۽ بابو رحيم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. محمود سلطان چانڊئي جي قتل خلاف پريس ڪلب ملير جو اجلاس حنيف سومري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ناز شر، حمزي پنهور، مير ذوالفقار، آصف جتوئي، طارق پٺاڻ، علي محمد گبول، وحيد مراد سيال، آصف قريشي، اياز ڀاڳت، فدا شيخ، جميل چانڊئي ۽ ٻين هڪ هفتو سوڳ جو اعلان ڪيو ۽ صحافين کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. قمبر جي صحافين حاجي مولا بخش مغيري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو. عمرڪوٽ ضلعي جي چئني تعلقن عمرڪوٽ، پٿوري، ڪنري ۽ ساماري ۾ واقعي خلاف صحافين، سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ضلعي جي سمورن شهرن جي پريس ڪلب تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا ويا. عمرڪوٽ جي صحافين پاڻي شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو آهي، پنگرئي جي صحافين پاران راجا فرحان، قائم کوسي، نور حسن ڀونئري، مقصود ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو. هالا ۾ به سينيئر صحافي گلشن ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڇور جي صحافين پرٿوي سوڍي، نور محمد نهڙئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو. ڇور ۾ پ ٽ الف اڳواڻن رتن سنگهه سوڍي، ايم ڏني ڪنڀر ۽ ٻين به قاتلن جي ترت گرتاريءَ جو مطالبو، ٽنڊي محمد خان ۾ غلام علي چانگ، مظفر رند، رمضان شوري، شهزاد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ صحافين مظاهرو ڪيو، نواب شاهه ۾ صحافين ذوالفقار ميمڻ، حڪام خاصخيلي، اسماعيل ڊومڪي ۽ سينيئر صحافي صالح بلو جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو. دادو ۾ پريس ڪلب تي ڪارو جهنڊو چاڙهي طارق لغاري، سرور جلال سولنگي، اصغر لغاري، سردار چارڻ، گلڻ ڀنڊ، قربان خشڪ ۽ ٻين صحافين احتجاجي مظاهرو ڪيو، شهدادڪوٽ ۾ صحافين رفيق ڀٽي، خادم ننگواڻي، گلزار چانڊئي ۽ فدا ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو. هالاڻيءَ ۾ صحافين بچل هنڱوري جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڀريا ۾ راڻا سرور شريف، عبداللطيف ڀٽي، غلام سرور راجپوت، ارشد پٺاڻ، راڻا شير محمد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، گهاري ۾ صحافين جو احتجاجي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ذوالفقار خاصخيلي امر لال ٽڪياڻي، سيد عمران شاهه، قادر پنهور ۽ ٻين قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو، ڪڪڙ جي صحافين غلام رسول ٻٻر، شيخ محمد جهنجهي، سڪندر سارئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميهڙ جي صحافين جميل مهيسر، بابو سومري، مرتضيٰ پنهور، جاويد سرمدي، رياض چانڊئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو. خيرپور ناٿن شاهه ۾ عقيل نذير سومري، رياض چانڊئي، ڪاشف ٻگهئي، اصغر شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نئين ديري ۾ عبدالرشيد ابڙي، رحمت مورائي، منصور سومري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ صحافين پاران مظاهرو ڪيو ويو. ٺل ۾ خدا بخش دايي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. راڻيپور ۾ اظهر مولائي، ياسين راڄپر، گدا حسين ۾ گهانگهري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو. تلهار ۾ سنجي لال، راڻي مل، نور علي، رزاق ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٺارو شاهه ۾ صحافين جو احتجاجي ميڙاڪو علي اصغر ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿيو، جنهن ۾ محمود سلطان چانڊئي جي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو، مقصودي رند ۾ صحافين بهادر رند، خير محمد رند، سڪندر، شريف علي رند ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر ابرار قاضي، نور نبي راهوجي، ڊاڪٽر عبدالرحمان رند قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو، دوڙ جي صحافين عبدالهادي سومري، حاجي فيروز پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جهڏي جي صحافين شوڪت خاصخيلي، شاهد مجيد ۽ ٻين قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاريءَ جي گهر ڪئي. شهدادپور جي صحافين نور سنڌي، ارشاد بخاري ۽ ٻين قتل جي مذمت ڪئي آهي. نئين ڪوٽ جي صحافين عظيم راجپوت، آسن ميگهواڙ، شڪيل مجاهد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊي آدم جي صحافين شير علي بهڻ، علي ٿهيم، عمران غوري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، اسلام ڪوٽ جي صحافين پاران ڪيل مظاهري کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ اشوڪ مکي، اسماعيل ۽ ٻين صحافي جي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو، ساماري ۾ صحافين پاران سيد جاويد حسين شاهه، خان محمد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو، کپري ۾ به صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري هڙتال ڪئي وئي، ڪراچيءَ جي صحافين زلف پيرزادي، محمد علي نقرچ، حسين منصور ۽ ٻين پڻ قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو. محمود سلطان چانڊئي جي قتل واري واقعي خلاف سکر جي صحافين ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو، سکر جي صحافين عمر سومري، پرويز خان، زمان باجوا، عبدالرشيد رضا، اظهر دايي، فريد سومري ۽ ٻين جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button