خبرون
-
چونڊيل نمائندن جو ايندڙ چونڊن ۾ گهرن جو گهيراءُ ڪنداسين، شڪيل احمد شيخ
سنڌ دوست اتحاد پارٽي سکر سٽيءَ جي صدر شڪيل احمد شيخ چيو آهي ته سکر جي چونڊيل نمائندن جو ايندڙ چونڊن ۾ انهن جي گهرن جو گهيراءُ ڪنداسين، ۽ ڌرڻا هڻداسين، ۽ انهن کان پنجن سالن جو حساب ڪتاب وٺنداسين
وڌيڪ پڙھو -
ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ چئلينجن کي موقعن ۾ تبديل ڪيو وڃي: وزيراعظم راجا پرويز اشرف
وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ چئلينجن کي موقعن ۾ تبديل ڪيو وڃي، معيشت جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ تيزي آندي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
ڪالا باغ ڊيم هڪ صوبي جو معاملو نه سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، راجا ظفر الحق
پاڪستان مسلم ليگ ن جو چيئرمين راجا ظفر الحق چيو آهي ته اميد آهي ته عدالت اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ وڌيڪ وقت نه وٺندي ته جيئن اليڪشن شيڊول متاثر نه ٿي، اسان جي دعا آهي ته اهڙو فيصلو ٿي جو سڄي قوم لاءِ بهتر هجي
وڌيڪ پڙھو -
شڪارپور:ضلعي ۾ اليڪشن ويجھو ايندي سياستدانن پنھنجون سرگرميو تيز ڪري ڇڏيون آھن
شڪارپورضلعي ۾ اليڪشن ويجھو ايندي سياستدانن پنھنجون سرگرميو تيز ڪري ڇڏيون آھن ۽ ايندڙاليڪشن ۽ وڏي خونا ريزي جو خطرو وڌي ويو آھي، خاص طور تي غوث بخش مھر جوفنڪشنل ليگ ۾ شموليت سان ضلعي ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آھي
وڌيڪ پڙھو -
عمران خان ۽ طاهر القادري کانپوءِ هاڻي اسان کي ٽئين جو انتظار آهي، نواز شريف
مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته عمران خان ۽ طاهر القادري کانپوءِ هاڻي اسان کي ٽئين جو انتظار آهي، صدر زرداري مون وٽ اچي رهيو آهي، ان جومون کي علم ڪونهي توهان ٻڌائي رهيا آهيو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ خلاف جسمم احتجاجي مظاهرو
شهدادڪوٽ ۾ جسمم پاران سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪارڪنن مجيب چولياڻي، عبدالله مستوئي، فياض مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي مظاھرو
شهدادڪوٽ ۾ شهدادڪوٽ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي شهر اندر سرڪاري ملڪيتن تي قبضن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال جاري رکي وئي
وڌيڪ پڙھو -
سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ان جي روح مطابق عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ ۾صاف ۽ شفاف چونڊن واري دعوى ڪوڙي ثابت ٿيندي، ممتاز سهتو ۽ ٻين جو خطاب
بوگس ووٽر لسٽن جي خاتمي ۽ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني هيٺ تصديقي عمل نه ڪرائڻ خلاف اڄ جماعت اسلامي سميت مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست ڌرين طرفان جناح باغ چوڪ تي زبردست احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون پيون وڃن ، طاهر حُسين سانگي
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي چيو آهي ته پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته صحت، روينيو، تعليم کاتي جي ملازمن کي پوليو مهم سان لڳايو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
صحت کاتي جا عملدار پوليو مهم کي ڪامياب ڪن، اسدالله ابڙو
ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جناب اسدالله ابڙو صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ضلعي جي اندر پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري نڀائن ۽ هن قومي ڪاز ۾ قوم جي اولاد کي پنهنجي اولاد سمجھن
وڌيڪ پڙھو