لاڙڪاڻو

صحت کاتي جا عملدار پوليو مهم کي ڪامياب ڪن، اسدالله ابڙو

ڊي سي لاڙڪاڻو
ڊي سي لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو(بيور رپورٽ ) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جناب اسدالله ابڙو صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ضلعي جي اندر پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري نڀائن ۽ هن قومي ڪاز ۾ قوم جي اولاد کي پنهنجي اولاد سمجھي ۽ انهن کي زندگي ڀر معذور ٿيڻ کان بچائن ۽ بي سهارا ماڻهن جي هڪ سال کان پنجن سالن جي عمر وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن جيڪا 18 فيبروري کان 20 فيبروري 2013 تائين هلندي ته جيئن ڪو به ٻار هن مهم دوران ڦڙن پيئڻ کان رهجي نه وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ پوليو جي پاڙ پٽڻ واري ضلعي ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ضلعي جي مذهبي اڳواڻن، استادن ، شاگردن، اين جي اوز ، يونيسيف جي نمائندن ۽ مسجد جي پيش امامن کي پڻ چيو ويو ته هن مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ گھر گھر پيغام پهچائن ۽ پوليو کان بچاءَ جي لاءِ قائم ڪيل سينٽرن تي وڃي ٻارن کي ڦڙا پيارن ۽ مقرر ڪيل ٽيمن سان تعاون ڪن. گڏجاڻي ۾ ڊي ايڇ اوصحت ڊاڪٽر عبدالفتاح ٻگھيو ٻڌايو ته گذريل مهم دوران لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻارن جو ٽارگيٽ 307203 هو. جڏهن ته اسان جي ٽيمن 316631 ٽارگيٽ حاصل ڪيو. هن چيو ته سڄي ضلعي ۾ 707 ٽيمون هن موضي مرض جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. جڏهن ته انهن ۾ 589 گشتي ٽيمون پڻ شامل آهن جيڪي ريلوي اسٽيشن، بس اسٽاپن ۽ بازارن ۾ وڃي ٻاهران آيل ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارينديون. ان موقعي تي صحت کاتي جي عملدارن گھربل ضرورتن ۽ پيش ايندڙ مسئلن متعلق ڄاڻ فراهم ڪئي. گڏجاڻي ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 15 فيبروري 2013 تي صبح جو 09 وڳي پراڻي ڊي ايڇ او آفيس کان پريس ڪلب لاڙڪاڻو تائين واڪ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ هر مڪتب و فڪر جا ماڻهو شامل هوندا. هن واڪ جو مقصد عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي. گڏجاڻي ۾ تعلقه صحت آفيسرن کان علاوه ڊاڪٽر عنايت الله ڪانڌڙو، خليل الله شيخ ، عبدالستار شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button