خبرون
-
هنڱورجا: صحافي جي گهر تي پوليس جي چڙھائي خلاف ڌرڻو
هنڱورجا ۾ پي پي اڳواڻ عاشق راڄپر جي گهر ۾ پوليس چڙهائي ڪري ڀنڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ ڦر لٽ ڪرڻ واري عمل جي خلاف پي پي ، جسقم ۽ 10 کان وڌيڪ مختلف برادرين جي سوين ماڻهن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون، پنج ڪلاڪ روڊ بند ، گاڏين جون قطارون لڳي ويون
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت مشرف جي پاليسين کي ختم ڪرڻ بجاءِ جاري رکيو،شفقت حسين انڙ
پ پ حڪومت پنجن سالا حڪومتي دور ۾ پاڪستان کي ايترو نقصان پهچايو جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، سنڌ مفاد پرست ۽ ڌرتي دشمن وڏيرن کي ضلعا ۽ تعلقا ورهائي ڏنا ويا، جن اتي پنهنجي اسٽيٽ قائم ڪري ورتي، دهشتگردي جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن
وڌيڪ پڙھو -
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس جي امتحاني مرڪزن جو دورو
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ميرس ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر پاران ڪئمپس ۾ هلندڙ پهرئين، ٽئين ۽ پنجين ٽرم جي سپليمينٽري ۽ مڊ ٽرم امتحاني مرڪزن جو دورو.
وڌيڪ پڙھو -
مشهور راڳي غلام علي سنديلو لاڏاڻو ڪري ويو
سنڌ جو مشهور راڳي غلام علي سنديلو ڦڦڙن ۾ ڪينسر هجڻ بعد لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ 52 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت، زندگي ۾ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
سکر:ضلعي ۾ ارڙيءَ کان پوءِ مليريا زور پڪڙي وئي
سکرضلعي ۾ ارڙيءَ جي وبا کان پوءِ مليريا جي وبا ۾ ساڳي صالح پٽ علائقي جي7 سالن جي نينگري سکر سول اسپتال ۾ فوت ،ضلعي اختيارين خبرن باوجود ڪن لاٽار ڪئي ،علائقي ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارڙا مليريا ۾ ورتل
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران لاھور ۾ مسيحي برادري تي حملي جي نندا
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر ضلعي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن جي صدارت فنڪشنل مسلم ليگ سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري نديم قادر ڀٽو ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه:صفائي واري عملي پاران 3 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف بک هڙتال
باڊهه ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري عملي پاران 3 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون هال اڳيان ڪوڙل ملاح، خادم بروهي، رستم ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ملازمن چيو ته گذريل 3 مهينن کان وٺي پگهارون ناهن ڏنيون ويو، جنهن ڪري اسان ۽ اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور:سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ تربيت وٺندڙ آفيسرن جي وفد ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات
سول سروسز اڪيڊمي لاهور جي 40 ڪورس جي مختلف گروپن ۾ تربيت وٺندڙ آفيسرن جي وفد ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. جڏهن ته وفد درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: قتل ٿيل اياز جلباڻي جي ڪيس ۾ فرار ٿي ويل مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس هٿان پنهنجي امڙ اڳيان بيدردي سان قتل ٿيل اياز جلباڻي جي ڪيس ۾ فرار ٿي ويل مک جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او باڊهه امير بخش پٺاڻ ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف قومپرست تنظيمن پاران ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه:علم جي هٿيار سان بهتر معاشرو قائم ڪري سگھجي ٿو، حاڪم چانڊيو
باڊهه جي ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ چانڊيا برادري جي چڱي مڙس رئيس حاڪم چانڊيو کي برادري جي چڱي مڙس جي پڳ ٻڌائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ٻين برادرين جي چڱن مڙسن ۽ چانڊيا برادري جي ماڻهن سرائي محمد وارث سرگاڻي، فدا حسين سيهڙ، گلاب خان ڪولاچي، اسلام الدين جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو