خبرون
-
پي ايس 2 لاءِ جي يو آءِ اميدوار منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو، عبدالقادر گهمرو
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ سکر پي ايس 2 جي اميدوار عبدالقادر گهمرو چيو آهي ته 10 جماعتي اتحاد طرفان پي ايس 2 لاءِ بيهاريل جي يو آءِ اميدوار عبدالغني کوسو منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو جيڪڏهن هن هٿ نه کنيو ته آءٌ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندس ڇاڪاڻ تي هينئر عوام کي سٺي قيادت جي ضرورت آهي
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت نوناري برادري جي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو، نوناري برادري
سکر ۾ پريس ڪلب تائين نوناري برادري جي ماڻهن ڳوٺ الله نواز نوناري بچل شاهه مياڻي کانريلي ڪڍي نعرا هڻندي پهتا جنهن ۾ برادري جي وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪري يڪتهجي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي قادر بخش، جادل ، محمد نواز ، حاجي محمد هاشم، بخشڻ نوناري ۽ ٻين چيو ته هر حڪومت نوناري برادري جي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار ۽ تڪليفن ۾ مبتلا رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
پي ايس 4 تان وڏي اڪثريت ۾ آءَ ئي سوڀارو ٿيندس، يار محمد خان ڀنڀرو
صالح پٽ پي ايس 4 جي آزاد اميدوار يار محمد خان ڀنڀرو جو والد اڳوڻو تعلقه ناظم سمون خان ڀنڀرو ايران کان صالح پٽ پهتو سکر ايئرپورٽ کان سون جي تعداد ۾ موٽر سائيڪل ۽ سوين موٽر ڪارين جي ڪافلي سان ڳوٺ سمون ڀنڀرو پهتو ، ريگستاني علائقي ڳوٺ سمون ڀنڀرو ۾ پهچڻ تي هزارين ماڻهن سندس استقبال ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ڳجهي اطلاع تي ڪوٽ ڏيجي کان سکر ايندڙ ڪاري رنگ جا 6 ناياب نسل جا هرڻ هٿ ڪري
جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم غلام محمد گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪوٽ ڏجي کان سکر ايندڙ شهزور گاڏي تي ڇاپو هڻي گاڏي ۾ رکيل ڪاري رنگ جا 6 ناياب نسل جا هرڻ هٿ ڪري محمد سليمان سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو
وڌيڪ پڙھو -
سکر: پ پ اميدوار عوام کان ھٿ ٻڌي ووٽ گھرڻ لڳو
سکر اين اي 198 جو اميدوار نعمان اسلام شيخ چونڊ مهم لاءِ ميدان تي لهي پيو، بئراج ڪالوني جي رهواسين پاران مسئلا حل نه ٿيڻ ۽ سالن کانپوءِ تڪ ۾ اچڻ تي ڇتي تنقيد، اميدوار تنقيد باوجود هٿ ٻڌي ووٽ گهرندو رهيو
وڌيڪ پڙھو -
محمد ميان سومرو، اعجاز خان جکراڻي، رافع اڪبر راشدي، سيف الله ڌاريجو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت
اڳوڻو سينيٽ چيئرمين محمد ميان سومرو، اعجاز خان جکراڻي، رافع اڪبر راشدي، سيف الله ڌاريجو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت، سندن خلاف داخل اعتراض واريون درخواستون رد، تفصيل موجب الڪيشن ٽربيونل ۾ مختلف اميدوارن خلاف داخل اعتراضن جي ٻڌڻي واري آخري ڏينهن تي اڳوڻي سينيٽ جي چيئرمين محمد ميان سومرو ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اعجاز جکراڻي پيش ٿي وڪيلن معرفت پنهنجن اعتراضن تي جواب ڏنا
وڌيڪ پڙھو -
ڏھربرادري برادري جي زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاج
هنڱورجا جي ڏهر برادري جي عورتن ۽ مردن علائقي جي بااثر پاران مبينا طور زرعي زمين تي قبضو ڪري ڪڻڪ جو پوکيل فصل زبردستي کڻي وڃڻ خلاف الله بخش ڏهر، الطاف حسين ڏهر جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي
وڌيڪ پڙھو -
درگاهن تي امن ، پيار ۽ محبت جو پيغام ملي ٿو، ڪاظم علي شاهه
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه سڳيون جي درگاهه دادلو سائين جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي 3 ڏينهن واري سالياني عرس مبارڪ جي تقريبات جو افتتاح ڪيو. ان موقعي جي پير ڪاظم علي شاهه چيو ته سنڌ صوفين ، بزرگن ۽ درويشن جي زمين آهي.
وڌيڪ پڙھو -
پڪاچانگ: 40 سالن کان پ پ پ جا ڪارڪن ساٿ ڇڏي ويا
پي ايس 31 تي پ پ پ مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي 40 سال پ پ پ کي ڏيندڙ به ساٿ ڇڏي ويا . پي ايس 31 تي پ پ پ مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي ڌڙا بندي کانپوءِ هاڻي پ پ پ سان 40 سالن کان هلندڙ به ساٿ ڇڏي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ڊويزنل ڪمشنرپاران لعل شهباز قلندر رحه جي درگاهه جي ڪم سست رفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ڊاڪٽر رياض احمد ميمڻ حضرت لعل شهباز قلندر رحه جي درگاهه سميت سيوهڻ شهر جي مختلف ترقياتي منصوبن ۾ سست رفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي
وڌيڪ پڙھو