خبرون
-
آزاد اميدوار صحافي رميش ڪمار بي ايم پنهنجي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي
پي ايس 7 ڏهرڪي، ميرپورماٿيلوتڪ تي بيٺل آزاد اميدوار صحافي رميش ڪمار بي ايم پنهنجي اليڪشن مهم جي باقائده شروعات ڪندي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ ڏهرڪي جي سماجي تنظيم لاٽ هيومن ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي آفيس ۾ ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پي ايس 7 جي آزاد ميدوار صحافي رميش ڪمار چيو ته ڏهرڪي ۽ ميرپورماٿيلو تڪ جي عوام کان چونڊيل نمائيندن ڪوڙن لالچن ۽ ڏٽن عيوض ووٽ وٺي هنن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو
وڌيڪ پڙھو -
چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ
عام چونڊون صاف ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سرڪاري عملدار پنهنجيون ذميواريون ايمانداري سان ادا ڪن جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، اليڪشن دوران امن امان جي صورتحال تي ضابطي لاءِ هر ممڪن اُپاءُ ورتا پيا وڃن.
وڌيڪ پڙھو -
مشرف گرفتاريءَ خلاف ھنڱورجا ۾ مظاھرو
هنڱورجا ۾ آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه جنرل پرويز مشرف جي گرفتاري خلاف مسلم ليگ جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سرائي نياز حسين خاصخيلي، فواد حسين ، اصغر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مڇريل مظاهرين حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون.
وڌيڪ پڙھو -
صاف ۽ شفاف نموني سان چونڊون ڪرائڻ لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوششون پئي ڪري، غلام قاسم جسڪاڻي
ماهيگيري ۽ لائيواسٽاڪ جو نگران صوبائي وزير غلام قاسم جسڪاڻي چيو آهي ته نگران حڪومت جي پهرين ترجيح ملڪ اندر صاف ۽ شفاف نموني عام چونڊون ڪرائڻ آهي جنهن لاءِ نگران حڪومت ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبائي نگران حڪومت جي مختصر عرصي دوران اها ڪوشش هوندي ته عوام مسئلن کي حل ڪجي
وڌيڪ پڙھو -
بوسٽن ڌماڪا: مفرور ملزم جو تعلق چيچنيا سان آھي
آمريڪي پوليس سومر جو بوسٽن ميراٿن ۾ ٿينڙ بم ڌماڪن ۾ ملوث شخص کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪاروائي شروع ڪري ڏني آھي. جڏھن ته بوسٽن جا ڀرواس علائقن ۾ ٽئرفڪ مڪمل طور تي ته بند ڪئي ويئي اھي، اتي ڪنھن گاڏي کي اچڻ يا وڃڻ جي اجازت ناھي.
وڌيڪ پڙھو -
سراج دراني پاران صحافي کي ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاھرو
باڊهه ۾ ڳڙهي ياسين جي صوبائي تڪ تي پ پ اميدوار آغا سراج دراني ۽ سندس ڀاءُ آغا مسيح مهراڻ ٽي وي جي رپورٽر امداد ککراڻي کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف صحافين ۽ قومپرست تنظيمن پاران مهراڻ چانڊيو، خادم سومرو، مجيد جهتيال، نظام ڪولاچي، فقير فياض ڪانڌڙو، وحيد ڳاهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،
وڌيڪ پڙھو -
سڀني تي اها ذميواري آهي ته عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪن، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺياڻي ڊي سي آفيس درٻار هال ۾ خوراڪ ۽ روينيو کاتي جي عملدارن سان هڪ تعارفي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ ڊي سي خيرپور ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداني جي ورهاست، پوليو، ايندڙ اليڪشن جي انتظامن، حدد دخلين، زرعي ٽئڪس، ڍل جي اُڳاڙي، ٽي ايم ايز جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزو ورتو.
وڌيڪ پڙھو -
جتوئي خاندان جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي، عرفان عباسي
مهراڻ سٽيزن ڪلب، سگا مورو، سنڌ رويو ڊولپمينٽ سوسائٽي مورو، انڊس رولر ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ ٻين سماجي تنظيم جي مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾ اين پي پي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عرفان عباسي سان گڏجاڻيون ،جتوئي خاندان سان ساٿ ڏيڻ جا وچن جتوئي خاندان ٻٽي نظام ختم ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو سنڌ کي جتوئي خاندان جي ضرورت آهي ـ
وڌيڪ پڙھو -
عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي پيرن ميرن ۽ وڏيرن کي هر گز ووٽ نه ڪندو،غازي امان الله منڱڻيجو
هنڱورجا ۾ سهتا منڱڻيجا ناريجا اتحاد پاران اليڪشن ۾ حصو وٺندڙن آزاد اميدوارن جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ٽيليفون ايڪسچينج ڀرسان عوامي جلسو منعقد ڪيو ويو جنهن کي منڱڻيجا برادري جي سردار غازي امان الله منڱڻيجو ، عزيزالله خان ناريجو، يار محمد خان منڱڻيجو، ايڊوڪيٽ علي داد ناريجو، وڏيرو انور الدين سهتو خطاب ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو غريب عوام سياسي پارٽين جي اميدوارن کان بيزار ٿي متحد ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقيرچونڊمھم جو آغاز ڪري ڇڏيو
سکر جي فقير به چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي سکرجي تڪ پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقير ڪالهه سکر جي درگاهه شيخ شيهن تي چادر چاڙهي پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ کان منهنجو ۽ منهنجي ساٿين جي آزمائش جو ڏينهن شروع ٿي ويو آهي گهر گهر وڃي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي قائل ڪنداسين
وڌيڪ پڙھو