پرڏيھي خبرون

بوسٽن ڌماڪا: مفرور ملزم جو تعلق چيچنيا سان آھي

انڊس نيوز ميڊيا واچ
BOSTON-SUSPECTآمريڪي پوليس سومر جو بوسٽن ميراٿن ۾ ٿينڙ بم ڌماڪن ۾ ملوث شخص کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪاروائي شروع ڪري ڏني آھي. جڏھن ته بوسٽن جا ڀرواس علائقن ۾ ٽئرفڪ مڪمل طور تي ته بند ڪئي ويئي اھي، اتي ڪنھن گاڏي کي اچڻ يا وڃڻ جي اجازت ناھي.
بوسٽن مان ايندڙ رپورٽن ۾ چيو ويو آھي ته مفرور ملزم جو تعلق روسي علائقي چيچنيا سان آھي، حڪومتي اھلڪار چيو ته ان 19 سالن جي شخص جو نالو ذوخار سارني يف آھي ۽ اھو آمريڪا ۾ گھٽ مان گھٽ ھڪ سال کان قانوني طور رھندو رھيو آھي.
حڪومتي اھلڪار آمريڪي ٽي وي چينل اين بي سي کي ٻڌايو ته زوخار (جوھر) ڪرغستان ۾ پيدا ٿيو ھيو ۽ ان وٽ ميسا چوسٽن جو ڊرائيونف لائسنس به آھي.
مارجي ويل ملزم جو نالو تيمرلان سارني يف ھيو، جيڪو جوھر جو ڀاءُ ھيو، ان جي عمر 26 سال ھئي ۽ ھو روس ۾ پيدا ٿيو ھئو، ھي ٻئي ڀائر چيچن آھن ۽ ڪافي وقت کان ان علائقي ۾ رھندا ھئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button