خبرون
-
ڀرچونڊي جي پيرن جي جسقم ڪارڪنن مٿان فائرنگ، ٻه ڪارڪن زخمي
جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڪالھ سڄي سنڌ جيان ڏهرڪي شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي جنهن سبب ڏهرڪي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ته دوڪان بند ڪرائڻ تان جسقم جي ڪارڪنن ۽ ڀرچونڊي شريف جي پيرن ۾ منهن ماري پڻ ٿي
وڌيڪ پڙھو -
مورو:جتوئي ڀائرن کان پڇڻ گهرجي ته انهن ڪامياب ٿي عوام کي ڇا ڏنو، پ پ اڳواڻ
اين اي 211 جي اميدوار ذوالفقار علي بهڻ، پي ايس 23 جي اميدوار فيروزا خان جمالي پنهنجي اليڪشن مهم روڪ تيز ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ مورو شهر جي لطيف ڪالوني ۾ اڪرم آرائين پاران هڪ جلسي عام جو بندوبست ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
مورو :پسند جو پرڻو ڪندڙ تحظ لاءِ اپيل ڪندي
مورو شھر جي باءِ پاس واري علائقي وارڊ نمبر 19 جي نوجوان زبير احمد سولنگي دادو شھر جي نوجوان ناري ڪنول عرف گوما سان سول ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ بدين جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ کانپوءِ نوجوان ناري ڪنول عرف گوما سولنگي پنھنجي مڙس سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منھنجي پيءُ منھنجي مڱ پئسن عيوض ذبير احمد سولنگي سان ڪرائي ھئي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: پ پ جو پراڻو جيالو اين پي پي ۾ شامل، پ پ وارن وٽ قدر ناھي
پ پ جو تعلقي صدر ۽ پي ايس 23 جو آزاد اميدوار حاجي خان ڀٽي جي پارٽي مان ڳوڙھن سان الوداع، اين پي پي اڳواڻ ۽ پي ايس 23 جي اميدوار مسرور احمد جتوئي جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو، چيئرمين نيشنل پيپلز پارٽي غلام مرتضا جتوئي تي اعتماد ڪندي اين پي پي ۾ شامل،
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: سنڌ جو عوام چونڊن ۾ ڪوڙا نعرا هڻندڙن کي ووٽ هر گز نه ڪندو، بروھي ڀائر
پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي سيهڙ، يارو لاکير، ويهڙ، سامٽيا، وڳڻ، لالو رائنڪ، نصيرآباد، باڊهه، وڏي وهڻي، ننڍي وهڻي، نئون ڳوٺ، ٻاٻوري، بٺ شاخ، سائين داد جوڻيجو، ۽ ٻين ڳوٺن جو دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ته پ پ پنهنجي 5 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ٽنڊو محمد خان ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي
سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن پاران ايندڙ الڪيشن 2013 جي سلسلي ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي، آفيسر ڪلب ٽندو محمد خان ۾ منقعد ڪيل کلي ڪچهري ۾ مختلف تڪن جي اميدوارن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ، سول سوسائٽي جي نمائندن ، وڪيلن ، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
پ پ جا موجوده اڳواڻ ڀٽو جي نظريي تان هٽي ويا آھن، ڊاڪٽر صفدر عباسي
ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ بينظير ڀٽو پارٽي کي زندهه رکيو شهيد راڻي جي وڇوڙي بعد پ پ جا موجوده اڳواڻ ڀٽو جي نظريي تان هٽي ويا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار اين اي 205 جي آزاد اميدوار اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ رٽائرڊ ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر غلام سرور چنه پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
پ پ واران ماڻهن کان مرڪون ئي کسي ورتيون، ميرغيبي خان مغيري
مسلم ليگ (ن) جي پي ايس 40 شهدادڪوٽ جي اميدوار ميرغيبي خان مغيري شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان جي مختلف ڳوٺن جو دؤرو ڪيو ۽ برادرين جي چڱن مڙسن سان ملاقاتون ڪري حمايت حاصل ڪري ورتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: پي پي جي 12 ڪارڪنن پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
اين اي 216 ، پي ايس 33 ۽ 31 جي پولنگ اسٽيشنن تي سياسي بنيادن تي عملو مقرر ڪرڻ واري عمل خلاف ٻڌايل تڪن جي پي پي ورڪرن ۽ ووٽرن فقير سبز علي هيسباڻي، عاشق راڄپر، عبدالقيوم راڄپر جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي شاهه جي مشين اسٽاپ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
سکر: پ پ سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ اڳوڻي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ ٻين خلاف نعرا
سکر ۾ عوامي شهري اتحاد جي هفتي کان پوءِ ٻيهر سرگرمي شهر ۾ ريلي ڪڍي شهر مان چونڊيل پ پ جي چونڊيل نمائندن خلاف نعري بازي ڪندي پ پ جي اعليٰ قيادت کان ڏنل ٽڪيٽن تي نظر ثاني جي گهر خبر موجب سکر جي سينيئر صحافي لالا اسد پٺاڻ پاران سکر مان ڪرپٽ چونڊيل نمائندن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ جوڙيل عوامي شهري اتحاد طرفان پراڻي سکر کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي
وڌيڪ پڙھو