خبرون
-
رسول آباد: خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر پاران مدي خارج سيون هڻي غلط علاج ڪرڻ خلاف مظاھرو
رسول آباد جي ڳوٺ خيرمحمد ٽانوري جي ڳوٺاڻن جو خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر پاران مدي خارج سيون هڻي غلط علاج ڪري نوجوان جاويد ٽانوري کي مرڻينگ ڪرڻ خلاف عبدالحڪيم ، حاجي خان ٽانوري، محمد صديق ، لطيف ، طالب حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
جسقم ڪنهن به ريت سنڌي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ، جسقم
جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي خيرپور جي چيف آرگنائيزر علي عثمان ميمڻ، ايوب لاشاري ، رحيم سهتو، پرويز لنجار هنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تعلقي ڪوٽڏيجي جي ۾ هلندڙ خوني تقرار ۽ قبيلائي جهيڙن خلاف 14 جون تي ڪمب شهر ۾ اڇا ۽ ڳاڙها جهنڊا تي شاهه جو رسالو ساڻ ڪري امن ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
پ پ جون پاڙون غريب عوام ۾ آهن، آمر پارٽي جو ڪجھ به بگاڙي نه سگھيا، نثار احمد کهڙو
پ پ اڳواڻ ۽ سابقه سنڌ اسمبلي جو اسپيڪر ۽ سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ هن پارٽي جون پاڙون غريب عوام ۾ آهن هن پارٽي کي ڪيترن ئي آمرن جابرن ڊڪٽيرن مٽائڻ جون ڪوششون ڪيو پر پارٽي جو ڪجھ به بگاڙي نه سگهيا
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خيرپور آمد تي شاندار استقبال
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وڏي وزير جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پهريون دفعو خيرپور پهتو جنهن جو سکر ايئر پورٽ تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سکر ايئرپورٽ کان شاندار ريلي جي صورت ۾ خيرپور روانو ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ: جسمم ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف احتجاجي مظاھرو
شهدادڪوٽ ۾جسمم پاران ساگر سنڌي ۽ الاهي بخش مرکنڊ جي گمشدگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي،جسمم ڪارڪنن آصف مگسي،آصف لاشاري،فياض مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي بک هڙتال ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
معذور نوجوان جو قدر ڪندي انهن جي صلاحيتن کي اجاڳر ڪيو وڃي، سيمينار کي خطاب
يوٿ سائڪو شوشل هيلٿ اشو ، يوٿ افئير ڊپارٽمينٽ جي تعاون سان شمع سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ڪميونٽي هال مين پرائمري اسڪول ۾ هڪ سيمينار منقعد ڪرايو ويو، جنهن جو نفسياتي مسئلن ۽ الجهنن کي حل ڪرڻ ڪرائڻ لاءِ مؤثر حل ڳولڻو هو
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي جي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف هنڱورجا ۾ مظاھرو
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي جي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف هنڱورجا ۾ جسقم جي ڪارڪنن يوسف ميمڻ، ظهور دايو، منعان ميمڻ، شاهد سومرو، عتيق سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا جي عيسائي محلا ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين ۽ گٽرن جو پاڻي اٿلي پيو
هنڱورجا جي عيسائي محلا ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين ۽ گٽرن جو پاڻي اٿلي پيو گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو صفائي وارو عملو گهر ويٺي پگهارون کائڻ ۽ وڏن ماڻهن جي بنگلن ۾ ٻهاري ڏيڻ ۾ پورو آهي شهرين پاران صفائي نه ٿيڻ واري عمل خلاف مظاهرو ۽ ڌرڻو سفيد پوش ڀنگين جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو
وڌيڪ پڙھو -
ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل هنڱورجا واسي گسٽا اڳواڻ ۽ جسقم اڳواڻ اڃان آزاد نه ٿيا
ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل هنڱورجا واسي گسٽا اڳواڻ ۽ جسقم اڳواڻ 33 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين پوليس کين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام سندن جي گهرن ۾ اڃا تائين ڪهرام متل ، ڌاڙيلن پاران 40 لک ڀنگ طلب وارث پئسا نه هئڻ ڪري سخت پريشان
وڌيڪ پڙھو -
ڄامشورو: پوليوخلاف مھم جي سلسلي ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ پيش رفت جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏجاڻي
پوليوخلاف مھم جي سلسلي ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ پيش رفت جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ساجد جمال ابڙو طرفان مسلسل اجلاس طلب ڪيا پيا وڃن، ته جيئن پوري ضلع مان ان موذي مرض جو مڪمل صفايو ڪرڻ ۽ ڪامياب مھم لاءِ بھتر حڪمت عملي مرتب ڪري سگھجي.
وڌيڪ پڙھو