خبرون
-
مورو: بي بي زينب سلام الله عليها جي روضي تي حملي خلاف مظاھرو
بي بي زينب سلام الله عليها جي روضي تي حملي خلاف مرڪزي امام بارگاه حسيني مان انجمن حسيني،ايم ڊبليو ايم،اصغريه،شيعا علماء ڪائونسل پاران هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي مورو ميڊيا آفيس پهتي
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران سندن پگھارون نه ملڻ خلاف مظاھرو
ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي ملازمن پاران سندن پگھارون نه ملڻ خلاف امداد شهبوزئي، قربان شيخ ۽ امام بخش شيخ جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل پنجن مهينن کان پگھارون نه ٿيون ڏنيون وڃن
وڌيڪ پڙھو -
مورو: رمضان آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪندڙن ۽ منافا خوري ڪندڙن خلاف آپريشن
ورو شهر ۾ رمضان آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪندڙن ۽ منافا خوري ڪندڙن خلاف اسپيشل مئجسٽريٽ الطاف گوهر ميمڻ جا شهر جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي منافا خورن ۽ رمضان آرڊيننس جي ڀنڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
سانگهڙ: نامياري صوفي بزرگ فقير محب علي ٽالپر جو 15 هون ساليانو عُرس مبارڪ سڀاڻي شروع ٿي رھيو آھي
سانگهڙ جي نامياري صوفي بزرگ فقير محب علي ٽالپر جو 15 هون ساليانو عُرس مبارڪ سڀاڻ (اڄ) کان شهدادپور ويجهو ڳوٺ مهر علي ٽالپر ۾ شروع ٿيندو ، ان سلسلي ۾ سندس عرُس جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ، درڳاهه جو گادي نشين اعجاز فقير ٽالپر ، سجاده نشين ڊاڪٽر حاتم ٽالپر ميلي جو افتتاح ڪندا ، عُرس جي موقعي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان صوفي فقير شرڪت ڪندا ،
وڌيڪ پڙھو -
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ويلفيئر سوسائٽي تنظيم جي ليڊي سوشل موبلائيزر کي حراسان ڪرڻ خلاف پريس ڪانفرنس
سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سماجي ڪم ڪندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ويلفيئر سوسائٽي جي جنرل ميئنيجر رحيمان ڀٽي پريس ڪانفرنس ذريعي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه ڌريون تنظيمي ساک کي متاثر ڪرڻ لاءِ اخلاق کان ڪريل حرڪتون ڪري رهيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: ٻارهوئي ٻرندڙ سرن جي بٺن رهواسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏي
باڊهه ۾ ٻارهوئي ٻرندڙ سرن جي بٺن رهواسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو. درگاهه شريف محله، ڦلپوٽه محله، ڀٽي چوڪ، پيارو ڳوٺ، انب پور، ذڪريه ڪالوني ۽ ٻين هنڌن تي شهري آبادي ويجھو ٻرندڙ سرن جي بٺن مان تيز هوائن سبب زهريلو دونهون ۽ سڙيل خاڪ اڏامي اچي آساپاس جي گھرن ۾ کاڌ خوراڪ جي شين ۾ پوڻ سبب ڪيترائي ماڻهو توڙي چوپايو مال پيٽ، چمڙي، ڇاتي ۽ اکين جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
سکر: آءِ ايس آءِ دفتر جي ٻاھران ڌماڪا، ٻه ڄڻا مارجي ويا
سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ چار ڌماڪن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 38 زخمي ٿي پيا آھن. پوليس مطابق اھي ڌماڪا اربع جي شام ڪو بئراج ڪالوني ۾ ٿيا. جنھن جڳھ تي ڌماڪا ٿيا آھن اتي پاڪستان جي انٽيليجنس جي اداري آءِ ايس آءِ جي دفتر کان علاوه ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ججن جو رھائشون آھن.
وڌيڪ پڙھو -
موري جي نوجوان ڊاڪٽر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان پھرئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي
مورو شهر سنڌ جي دل آهي جنهن جي مٽي مان جنم وٺندڙ مورو شهر جو شان ۽ مان وڌائيندڙ ۽ مورو شهر جي نئين تاريخ جوڙيندڙ موري شهر سان تعلق رکندڙ نوجوان ڊاڪٽر غلام مرتضى ڏاهري پنهنجي ذهانت سان ميڊيڪل پوسٽ جو امتحان ڏئي پهرئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: ڀلاري مهيني ۾ مهانگائي عروج تي، دڪاندارن جا جاوا لڳي ويا
لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏيڍ لک آبادي واري باڊهه شهر ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، هتان جا دڪاندار گيهه، کنڊ، دال، اٽو، چانور، سبزي، فروٽ، گوشت، مڇي سميت عام واهپي جي شين جا اگهه پنهنجي پسند موجب وصول ڪري عوام کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
گوپانگ برادري جي جھيڙي ۾ قتل ٿيل ٻڻ مٽي ماءُ حوالي
ٻه ڏينهن اڳ باڊهه ويجھو ڳوٺ ٻاٻوري ۾ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڌر جي قتل ٿيل ٻن ڄڻن هاشم گوپانگ ۽ شاهد گوپانگ کي ڪالهه سوين آلين اکين آڏو باڊهه جي درگاهه شريف قبرستان ۾ مٽيءِ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو