مورو

مورو: بي بي زينب سلام الله عليها جي روضي تي حملي خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
SANYO DIGITAL CAMERAبي بي زينب سلام الله عليها جي روضي تي حملي خلاف مرڪزي امام بارگاه حسيني مان انجمن حسيني،ايم ڊبليو ايم،اصغريه،شيعا علماء ڪائونسل پاران هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي مورو ميڊيا آفيس پهتي، ان موقعي تي مولانا گل محمد طاهري،سيد ڪاظم علي شاه،سيد رياض علي شاه،ڊاڪٽر سجاد حيدر شاه،جاويد بوترابي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بي بي زينب عليه السلام جي روضي تي حملو پوري عالم اسلام تي حملو آهي،عالمي قووتون ملڪ شام ۾ فساد ڦيلائي رهيون آهن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ وڙهائن چاهين ٿيون،هنن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل دين اسلام جا دشمن آهن مسلمان انهن جي سازشين جو حصو نه بڻجن، اسين هن پر امن احتجاج ذريعي بي بي زينب عليه السلام جي روضي تي حملي جي ۽صحابي رسول پاڪ حضرت حجر بن ادي جي مزار جي بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button