خبرون
-
آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي: پرويز رشيد
لاهور : اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته هن سال آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي، جنهن جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته سڄي قوم هڪ جهنڊي جي هيٺان متحد آهي،
وڌيڪ پڙھو -
وڏي وزيرپاران خيرپور جي بار لاءِ 15 لک جو اعلان ۽ وڪيلن جي لاءِ 500 ، 500 گز پلاٽ ڏيڻ جو اعلان
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي وڪيلن هميشه جمهوريت جي بحالي ۽ بهتر عدالتي نظام جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي جڏهن ته ان سلسلي پيپلز پارٽي پڻ هميشه جمهوري توڙي عدالتي ادارن جي مضبوطي لاءِ جدجهد ڪندڙن جو ساٿ ڏنو.
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت ۽ عمران خان پنهنجا پنهنجا شوق پورا ڪن، کين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، خورشيد احمد شاه
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه چيو آهي ته عمران خان ۽ حڪومت ڌر 14 آگسٽ کي سياست جو حصو نه بڻائين ڇاڪاڻ ته اهو قومي ڏهاڙو آهي، حڪومت طرفان ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي ته ان وقت سوچيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
اتر وزيرستان جا آپريشن متاثرن سان ھمدردي آھي، انھن کي ڪيمپن ۾ ترسايو ويندو، قائم علي شاهه
سنڌ جي وڌي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اتر وزيرستان جا آپريشن متاثر اگر قوامي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ آهن ته کين همدردي ڪندا سين ۽ انهن کي ڪئمپن ۾ ترسايو ويندو ايندڙ متاثرن جي چيڪنگ دوران ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري مختلف جيلن ڏانهن اماڻيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور : حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي موقعي تي سچل سرمست يادگارڪاميٽي پاران ايوارڊ ڏناويندا
حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي موقعي تي سچل سرمست يادگارڪاميٽي پاران مختلف صنفن تي مختلف اديب، شاعر، سگهڙ ، ملهه پهلوان، گلوڪار، صوفي راڳي، ڪارڪن ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ۽ ٻيا سچل ايوارڊ ڏنا ويندا
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: ڪچي جي ڳوٺ گبول ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ
باڊهه ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ گبول ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ، 3 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي، هڪ عورت جي مبينا تذليل ڪئي وئي، سخت تشدد ڪري 3 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻايو ويو، ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج، جوابدارن جي ڌر هئڻ جا الزام
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: جوابدار اڃان تائين گرفتار ٿي نه سگهيا،عورتن سان وڏو ناحق ٿيو، ماروي ميمڻ
رسول آباد سانحي جا جوابدار اڃان تائين گرفتار ٿي نه سگهيا، ايس ايس پي خيرپور پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جوڙيل ٽيم به پلجي وئي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪٿي به ڪاروائي نه ڪئي فريادي کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ، مٿي سطح تي ڪنهن به نوٽيس نه ورتو
وڌيڪ پڙھو -
نوشهروفيروز جي ميونسپل عملي کي پوري پگهار نه ملڻ سبب ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو
نوشهروفيروز جي ميونسپل عملي کي پوري پگهار نه ملڻ سبب ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو، ڪم بند شهر ۾ گهندگيءَ جا ڍير پاڻي روڊ رستن تي وهڻ لڳو شهرين کي مشڪلات.
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: ايف آءِ آر باجود جوابدار گرفتار نه ٿيا، جوابدار ڌمڪيون پيا ڏين، بابو ميمڻ
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل ناحق واري ايف آءِ آر بابو ميمڻ جي فرياد تي چار سڃاتل ۽ 3 اڻ سڃاتل جوابدارن جي خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيو جو هن وقت تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انهن جي درن تي به نه وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: شاعر حضرت سچل سرمست جو 193 هون عرس مبارڪ سڀاڻي کان درازا شريف ۾ شروع ٿي رهيو آھي
گهنڊ کول ديدار وکائو آيا مخ ويکڻ ! سنڌ جي صوفي بزرگ ، هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جو 193 هون عرس مبارڪ سڀاڻي کان درازا شريف ۾ شروع ٿي رهيو آهي ميلي جي تقريبات جو افتتاح وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاه درازا پهچي حضرت سچل سرمست جي مزار تي چادر چاڙهي ڪندو .
وڌيڪ پڙھو