خبرون
-
ڪوٽڏيجي قلعي ڀرسان آرٽ گيلري ۽ نمائشي سينٽر جو افتتاح
هيريٽيج فائونڊيشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن ۽ چيف ايگزيڪيٽوِ مئڊم ياسمين لاري ۽ ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ گڏجي فائونڊيشن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ڪوٽڏيجي قلعي ڀرسان آرٽ گيلري ۽ نمائشي سينٽر جو افتتاح ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
”ڏهرڪي شهر نڌڻڪو ڇو؟“ جي نالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي
پنجن سالن دوران ٽائون انتظاميه پاران ڪابه ترقياتي اسڪيم نه رکي وئي سڄو پيسو ڪرپشن جي ور چڙهي ويو. ملازمن جون پگهارون هڙپ ڪيون ويون
وڌيڪ پڙھو -
پي ايس ٽي جا آرڊر نه ملڻ واري عمل خلاف احتجاج 181 ڏينهن ۾ داخل
ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي باجود پي ايس ٽي جا آرڊر نه ملڻ واري عمل خلاف سکر پريس ڪلب آڏو انوکا احتجاج ڪندڙ عبدالرشيد چني ڪالهه 181 ڏينهن تي حڪمرانن کي الله جا واسطا ڏيندي آرڊر ڏيڻ ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافي تي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
صالح پٽ ۾ پوليو خلاف مهم جو آغاز تقريب ۾ ڊي سي ، ڊي ايڇ او سکر نه آيا
صالح پٽ ۾ پوليو خلاف مهم جو آغاز تقريب ۾ ڊي سي ، ڊي ايڇ او سکر نه آيا ويڪسينيٽرن جو صحولتون نه هجڻ جون دانهون ڊاڪٽر ڪبير (ڊبليو ايڇ او) اي ڊي سي ون مبين احمد خان ، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مصر ۾ پوليو جو وائرس ظاهر ٿيڻ واري ڳالهه کي وٺي سکر ضلعي کي هٿ سان بدنام ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
منھنجي ڪٽنب جو ڪو به شخص ايندڙ اليڪشن ۾ حصو نه وٺندو، ڊاڪٽر طاھر القادري
منھاج القرآن جي سربراھ ڊاڪٽر طاھر القادري چيوآھي ته منھنجي ڪٽنب جو ڪو به شخص ايندڙ اليڪشن ۾ حصو نه وٺندو. لاھور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر طاھر القادري چيو ته پاڪستان عوامي تحريڪ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان به ڪيو تڏھن به منھنجي خاندان جو ڪو به فرد چونڊن ۾ حصو نه وٺندو
وڌيڪ پڙھو -
ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر ڊويزن جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو مظاھرو ڪيو
ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر ڊويزن جي ملازمن جي وڏي انگ گذريل ڏهن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو برڪت علي، اطهر علي، فياض پٺاڻ، سيد ضرار حسين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
ڏهرڪي : سسئي پليجو داد سنڌي پبلڪ لائبريري جو افتتاح ڪيو
ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو مونو ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ڏهرڪي ۾داد سنڌي پبلڪ لائبريري جو افتتاح ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ايندڙ چونڊن ۾ پي پي جي اميدوارن کي شڪست ملندي، سيد محرم علي شاهه
فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه سڳيون ۾ پارٽي ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪندڙ پي پي جي اميدوارن کي شڪست ملندي فنڪشنل ليگ اميدوار اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا.
وڌيڪ پڙھو -
نالي وارو صوفي فنڪار نظر محمد جانوري لاڏاڻو ڪري ويو
سنڌ جو نالي وارو صوفي فنڪار ۽ مزاحيه اداڪار نظر محمد جانوري ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ۽ سرڪار پاران ڪابه سارسنڀال نه لهڻ جي ڪري ڪاري ڪامڻ سبب ڪالهه گمبٽ جي اسپتال ۾ 50 سالن جي ڄمار ۾ هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو
وڌيڪ پڙھو -
پنهنجي ملڪ کي پوليو فري ملڪ قرار ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺڻ گھرجن، طاهر حسين سانگي
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي چيو آهي ته دنيا اندر تمام گهٽ ملڪ آهن جيڪي اڃان پوليو فري قرار نه ڏنا ويا آهن جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي
وڌيڪ پڙھو