قومي خبرون
-
نيٽو سپلاءِ جي بحالي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي;حنا رباني
پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته نيٽو سپلاءِ جي بحالي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ان جي پٺيان ڪو به ڳجهو معاهدو نه ڪيو ويو آهي، اڄ به خواهش آهي ته آمريڪا سلاله چيڪ پوسٽ حملي تي پاڪستان کان معافي وٺي، هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته صدر آصف زرداري کي شڪاگو ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ملڻ ان جو ثبوت آهي ته اڃا نيٽو جي سپلاءِ بحال ناهي ڪئي وئي، جيڪا پارليامينٽ جي قرارداد موجب بحال ڪئي ويندي. شڪاگو ڪانفرنس پاڪستان لاءِ اهميت رکي ٿي، نيٽو سپلاءِ بحال ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، نيٽو سپلاءِ جي بحالي کي رڳو آمريڪا سان لاڳاپن جي سلسلي ۾ نه ڏٺو وڃي، ڳالهيون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نيٽو سپلاءِ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
26 اپريل کانپوءِ وزيراعظم نااهل ٿي ويو آهي:قانوني ماهر
اڳوڻي چيف جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي چيو اهي ته وزيراعظم 26 اپريل تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نااهل ٿي ويو آهي، هاڻي سندس برطانوي دوري جي ڪا به قانوني حيثيت نه هوندي، نه وري هو حڪومتي سطح تي ڪو معاهدو ڪري سگهي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي پيو:جنرل خالد رباني
ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل خالد رباني چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي رهيو آهي، هڪ آمريڪي خابرو ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي ليفٽيننٽ جنرل خالد رباني چيو ته آمريڪا پاران افغان عسڪريت پسندن سان ڳالهين جي ڪوشش جي موجودگي ۾ پاڪستان مان اها اميد نه رکڻ گهرجي ته سرحد پار هن طرف سمورن هٿياربند گروپن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان طرف آڱر کڻڻ جو مطلب الزام ٻئي تي مڙهڻ آهي، آمريڪا پاڻ افغانستان کي طالبان کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، اتي اڃا به طالبان جو تعداد هزارن ۾ آهي، هن اتر وزيرستان ۾ حافظ گل بهادر گروپ سان گڏ امن معاهدي جو دفاع ڪندي چيو ته هن وقت اهو ڪا به مشڪل پيدا ڪندي نظر نٿو اچي
وڌيڪ پڙھو -
ايمن الظواھري جي پاڪستان ۾ موجودگي جو علم نه آھي، آمريڪا معلومات شيئر ڪري:حنارباني کر
اسلام آباد: پرڏيهي وزير حنا رباني کر واضع ڪيو آهي ته ايمن زواهري جي پاڪستان ۾ موجودگي جو علم نه آهي آمريڪا معلومات شيئر ڪري نيٽو سپلاءِ بحالي جي حوالي سان پرڏيهي وزارت کي عالمي پابنديون لڳائڻ متعلق ڪوئي علم نه آهي پارلياماني سفارشن جي روشني ۾ آمريڪا سان ڳالهيون شروع آهن ناڪامي جو تاثر ڏيڻ درست نه آهي. سومر تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ صحافين جي هڪ گروپ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي حنا رباني کر چيو ته پرڏيهي وزارت پارليامينٽ جي سفارشن جي گائيڊ لائن جي مطابق ڪم ڪري رهي آهي آمريڪا سان ابتدائي ڳالهيون ٿي رهيون آهن تنهن ڪري هي تاثر ڏيڻ درست نه آهي ته ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن.
وڌيڪ پڙھو -
ووٽر لسٽون 23 فيبروري تائين هر حال ۾ تيار ٿيڻ کپن، ڪنهن به وقت اليڪشن جو فيصلو ٿي سگهي ٿو: سپريم ڪورٽ
سپريم ڪورٽ جعلي ووٽر فهرستن جي حوالي سان ڪيس ۾ ضمني اليڪشن ۾ چونڊيل 23 پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي بوگس ووٽن کان پاڪ شفاف لسٽن جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن جو مئي تائين مڪمل ڪرڻ جو جواز قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو آهي ته ووٽر فهرستن جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ڏنل مدي ۾ واڌ نٿي ٿي سگهي، جمهوريت جو بنياد شفاف چونڊن تي منحصر آهي جيڪو شفاف ووٽر فهرستن جي ذريعي ممڪن آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا نيون ووٽر لسٽون مڪمل ڪري 23 فيبروري تائين عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪن. خميس ڏينهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ جسٽس طارق پرويز، جسٽس خلجي عارف حسين ۽ جسٽس سرمد جلال عثماني تي ٻڌل 4 رڪني بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي جوائنٽ سيڪريٽري شير افگن پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته ووٽر لسٽن جي تياري جو ڪم تيز ڪيو ويو آهي پر ان لاءِ مقرر مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي. چيف جسٽس چيو ته ووٽر فهرستن جو معاملو ان وقت سامهون آيو هو جڏهن بينظير ڀٽو آڪٽوبر 2007ع ۾ ان حوالي سان پٽيشن داخل ڪئي هئي تڏهن کان ايستائين اليڪشن ڪميشن ڇا ڪندي…
وڌيڪ پڙھو -
سيد شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳارو 83 سالن جي ڄمار ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو
حرن جو روحاني پيشوا، فنڪشنل مسلم ليگ جو سربراهه ۽ بزرگ سياستدان پير شاهه مردان شاهه (ثاني) پاڳارو 83 سالن جي عمر ۾ لنڊن جي ولنگٽن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌندي ئي اسپتال ۾ وڏي انگ مريد پهچي ويا، جڏهن ته ڪنگري هائوس، پير جو ڳوٺ ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پير پاڳاري جا مريد رات دير سان وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، ذريعن موجب لنڊن جي ولنگٽن اسپتال ۾ پير پاڳاري جي لاڏاڻي جي خبر سندس فرزند پير صبغت الله شاهه راشدي ۽ پير صدر الدين شاهه راشدي کي ٻڌائي وئي، ڊاڪٽرن موجب لاڏاڻي کان اڳ پير پاڳاري کي ساهه ۾ تڪليف تيز ٿي وئي، جنهن سبب کيس آءِ سي يو وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن پاران گهڻن ڪوششن باوجود پير پاڳاري دم ڌڻي حوالي ڪيو. ان موقعي تي اسپتال ۾ پير پاڳاري جا فرزند، ننهن، برطانيا ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر واجد شمس الحسن، سفارتي عملو، امتياز شيخ، پاڪستان مان ويل سندس 2 ڊاڪٽر ۽ وڏي انگ ۾ مريد پڻ موجود هئا
وڌيڪ پڙھو -
سيڪيورٽي ايجنسين کي سياست ۾ شامل نه ڪيو وڃي، الزامن سان ڪو فرق نه پوندو:رحمان ملڪ
وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس ۾ پاڪستان مان ڪا به گرفتار نه ڪئي وئي آهي، لنڊن پوليس معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي آفيس کي خط لکيو هو، الزامن سان ڪو به فرق نه پوندو، سيڪيورٽي ايجنسين کي سياست ۾ شامل نه ڪيو وڃي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي ته سيڪيورٽي ايجنسين جو نالو بدنام ڪيو ويندو آهي، سيڪيورٽي ايجنسين خلاف پروپيگنڊا کان پاسو ڪيو وڃي، سياست کي سياست وانگر ڪيو وڃي، سياست ۾ گار جو جواب گار ۾ ئي ملندو ۽ دوستي جو جواب دوستي ۾ ايندو
وڌيڪ پڙھو -
چڪوال ۾ آپريشن، ميجر سميت 4 اهلڪار شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا، 13 گرفتار
چڪوال جي جابلو علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گرينڊ آپريشن دوران دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ ميجر سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا، پوليس ۽ انٽيليجنس اهلڪارن جي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جي ڪمانڊر سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب پوليس ۽ انٽيليجنس اهلڪارن چڪوال جي پير چنبل جي پهاڙي علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي ۽ اغوا ڪيل اهلڪارن کي قيد ڪري رکڻ جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، پنڊ دادن خان جي پهاڙي علائقي ۾ ڪارروائي دوران دهشتگردن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد ٻنهي طرفن کان شديد فائرنگ ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
سڀ حڪومت ۾ آهيون، تحريڪ هلائڻ جي اعلان جو مطلب سمجهه ۾ نٿو اچي: وزيراعظم
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته هينئر سڀ جا سڀ حڪومت ۾ آهن، حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ جي اعلان جو مطلب سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪي اقتدار ۾ هوندا آهن انهن کي ڪنهن قسم جي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي، حڪومت ۾ هجڻ ئي انهن جي عوامي ۽ جمهوري طاقت جي عڪاسي هوندي آهي، انتهاپسندي اسان جي قدرن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، اسان کي انتهاپسندي جي خلاف وڙهڻ سان گڏوگڏ انتهاپسندي جي نظريي خلاف به جدوجهد ڪرڻي پوندي، شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته هڪ گهٽ نظريي کي هڪ اعليٰ نظريي سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. ايجنسيون حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت جي اجازت کانسواءِ فوج جو ڪو به قدم غير آئيني هوندو، ان کي بغاوت سمجهيو ويندو: چيف جسٽس
چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته آئين تحت هر شهري کي فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، وفاقي حڪومت جي هدايت يا اجازت کان سواءِ فوج جو ڪو به قدم غير قانوني ۽ غير آئيني هوندو ۽ ان جي ڪا آئيني حيثيت نه هوندي. فوج جو ڪو به غير آئيني قدم بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو. ڇنڇر ڏينهن سپريم ڪورٽ بلڊنگ ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به ملڪ جو آئين اعليٰ ترين دستاويز هوندو آهي جيڪو رياست جي مختلف ٿنڀن جي اختيارن ۽ جوڙجڪ جي تشريح ڪري ٿو. آئين ملڪ ۾ حڪمراني لاءِ فريم ورڪ ۽ ان جا بنيادي قدر فراهم ڪري ٿو.
وڌيڪ پڙھو