قومي خبرون
-
اسان قومي اسيمبلي کي مضبوط ڪيو: ڊاڪٽر فهميده مرزا
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته پاڪستان کي جمهوريت، حاڪميت ۽ برابري تي ٻڌل "نعري" جي ذريعي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني، اسان هن اداري کي مضبوط ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
لاھور واقعي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو، وزير اعظم
وزيراعظم راجا پرويز اشرف جوزف ڪالوني، بادامي باغ لاهور جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي مسيحي برادري کي خاطري ڪرائي آهي ته ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن جوزف ڪالوني سان تعلق رکندڙ مسيحي وفد سان ڳالهائيندي چئي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي،راجه پرويز اشرف
وزير اعظم راجه پرويز اشرف چيوآهي ته اسلام پنهنجي پيروڪارن جي پاڻ آگاهي ۽ زميدارانه روين تي زور ڏئي ٿو ميڊيا سان لاڳاپيلن لاءِ ضروري آهي ته هو حساس معاملن جي رپورٽ ڪرڻ کان اڳ ضروري تصديق ۽ تحقيق ڪن
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت جمهوري قوتن سان گڏ ڳالهه ٻولهه تي يقين رکي ٿي: وزيراعظم راجا پرويز اشرف
وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سمورين سياسي ۽ جمهوري قوتن سان گڏ ڳالهه ٻولهه تي يقين رکي ٿي.
وڌيڪ پڙھو -
بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي شاهدن کي قتل جي ڌمڪي
بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي شاهدن کي قتل جون ڌمڪيون، هڪ انسپيڪٽر لاپتا، تفصيل موجب شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي شآهدن ٽن پوليس عملدارن انسپيڪٽر اشفاق، انسپيڪٽر اعجاز شاهه ۽ انسپيڪٽر الياس کي افغانستان جي نمبر تان فون ڪالز ذريعي ڌمڪي ڏني وئي
وڌيڪ پڙھو -
ڪيراڻي روڊ تي ڌماڪو، 64 شھيد، 130 کان وڌيڪ زخمي
ڪوئيٽا جي علائقي ڪيراڻي روڊ تي ھزاره ڪالوني ۾ ريمورٽ ڪنٽرول بم جي ڌماڪي ۾ عورتن سميت 64 ماڻھو شھيد، واقعي ۾ 130 کان وڌيڪ زخمي جڏھن ته 25 جي حالت نازڪ آھي. زخمين کي سي ايم ايڇ منتقل ڪري جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ چئلينجن کي موقعن ۾ تبديل ڪيو وڃي: وزيراعظم راجا پرويز اشرف
وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ چئلينجن کي موقعن ۾ تبديل ڪيو وڃي، معيشت جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ تيزي آندي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان جي آزادي مڪمل نٿي ٿي سگهي،قمر زمان ڪائره
طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير قمر زمان ڪائره ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان جي آزادي کي نامڪمل قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي شهيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي خواب کي تعبير ڏيڻي آهي
وڌيڪ پڙھو -
نيب جي چيئرمين ايڊمرل (ر) فصيح بخاري پاران صدر آصف علي زرداري کي خط
قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ايڊمرل (ر) فصيح بخاري صدر آصف علي زرداري کي خط لکيو آهي جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته عدليه ۽ ميڊيا جي هڪ حصي طرفان قومي احتساب بيورو آرڊيننس (اين اي او) جي خلاف ورزي ڪندي جاچ مڪمل ٿيڻ کانسواءِ ڪجهه سينئر سياستدانن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
منھنجي ڪٽنب جو ڪو به شخص ايندڙ اليڪشن ۾ حصو نه وٺندو، ڊاڪٽر طاھر القادري
منھاج القرآن جي سربراھ ڊاڪٽر طاھر القادري چيوآھي ته منھنجي ڪٽنب جو ڪو به شخص ايندڙ اليڪشن ۾ حصو نه وٺندو. لاھور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر طاھر القادري چيو ته پاڪستان عوامي تحريڪ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان به ڪيو تڏھن به منھنجي خاندان جو ڪو به فرد چونڊن ۾ حصو نه وٺندو
وڌيڪ پڙھو