پرڏيھي خبرون

  • نوجوان ڊاڪٽر اسانجي ملڪ جو سرمايو آهي، پاڪستاني سفير محمد بخش سانگي

    ڪرغز اسٽيٽ ميڊيڪل اڪيڊمي ڪرغزستان جي ڪانووڪيشن جي تقريب 3 سنڌي شاگرد ن سميت 89 پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين ايم ڊي ميڊيسن مڪمل ڪري ورتي. تفصيل موجب ڪرغز اسٽيٽ ميڊيڪل اڪيڊمي جي ڪا نووڪيشن جي تقريب ٿي

    وڌيڪ پڙھو
  • نائيجيريا: مسافر کڻي ويندڙ تباھ، 150 اجل جو شڪار

    نائيجيريا جي سڀ کان وڏي شھر لاگوس ۾ ھڪ مسافر جھاز ڪري تباھ ٿي ويو آھي، حڪومت مطابق پرائيويٽ ڪمپني جي ان جھاز ۾ ھڪ سو پنجاھ مسافر سوار ھئا ۽ حادثي ۾ ڪوبه مسافر زنده ناھي بچيو

    وڌيڪ پڙھو
  • آمريڪا پاڪستان کان معافي وٺڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

    آمريڪا سلاله چيڪ پوسٽ تي حملي تي پاڪستان کان فوجي سطح تي معافي وٺڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان نيٽو سپلاءِ جي بحالي تي آمريڪا کان وڌيڪ ساڍا 36 ڪروڙ ڊالر ساليانو وٺندو، جڏهن ته پاڪستان سلاله چيڪ پوسٽ تي حملي تي آمريڪا کان معافي ۽ ڊرون حملا بند ڪرڻ جي مطالبن تان هٿ کڻي ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڀارتي سپريم ڪورٽ اجمل قصاب جي موت واري سزا تي عمل روڪي ڇڏيو

    ڀارتي سپريم ڪورٽ ممبئي حملي ڪيس ۾ اجمل قصاب جي موت جي سزا تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته جيستائين عدالتي وڪيل راجو رام چندرن ڪيس ۾ پنهنجي راءِ نه ڏي اجمل جي سزا تي عملدرآمد نه ڪيو وڃي. عدالت مهاراشٽر حڪومت کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ اجمل قصاب جي ڦاسي جي خلاف درخواست تي منع نامو جاري ڪندي 25 جنوري 2012 کان باقاعده ڪيس ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي اجمل قصاب کي 26 نومبر 2010 تي ممبئي حملن جي الزام ۾ عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي جنهن جي توثيق ممبئي هاءِ ڪورٽ هلندڙ سال 21 فيبروري تي ڪئي هئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪنهن کي ڪو مسئلو آهي ته عدالت ۾ وڃي:وزيراعظم

    وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حيرت آهي ته جن جي حڪومت ٻه ڀيرا ڪرپشن جي الزام ۾ وئي اهي به اسان تي ڪرپشن جا الزام هڻي رهيا آهن، جنرل ضياءَ، جنرل مشرف ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪندڙ به ڪالاباغ ڊيم ٺاهي نه سگهيا، عوام کي سبز باغ ڏيکاريا ويا، ملڪ تي گهڻو وقت حڪمراني آمرن ڪئي آهي پر پوءِ به انهن تي ڪرپشن جا الزام ناهن لڳا، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪي خدشا آهن ته اهي عدالتن ۾ وڃن، عدالتون آزاد آهن، حڪمراني جو حق عوام ڏي ٿي، جيڪي حڪمراني جا خواهشمند آهن اهي عوام جي فيصلي جو انتظار ڪن، سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، متحده کي واپسي تي ڀليڪار چئون ٿا، ڪراچي صنعتي مرڪز آهي ۽ رهندو، معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام تمام ضروري آهي. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي بهتر پاليسين سان ملڪ ۾ فصل بهتر ٿيو آهي ۽ پهرين جڏهن اسان آياسين ته ان وقت ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ هئي پر ڪڻڪ جو بهتر اگهه ڏيڻ کانپوءِ هاڻي ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ اٽو موجود آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ ۾ لاڳاپن بابت ڪي به ثبوت ناهن: آمريڪا

    آمريڪا چيو آهي ته آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ ۾ لاڳاپن بابت وٽن ڪي به ثبوت ناهن،جڏهن ته پاڪستان کي امداد جي فراهمي ٻنهي ملڪن جي قومي سلامتي جي مفاد ۾ آهي. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مارڪ ٽونر چيو ته پاڪستان کي ملندڙ امداد ان جي جمهوري ادارن جي تعمير ۽ انفرا اسٽرڪچر توڙي معيشت جي ترقي لاءِ آهي. هن چيو ته امداد جو وڏو حصو ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڏنو ويو آهي،جڏهن ته امداد جي فراهمي سان پاڪستان وڌيڪ جمهوري ۽ مضبوط ملڪ بڻجي سگهي ٿو. آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ وچ ۾ لاڳاپن بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان وٽن ڪي به ثبوت موجود ناهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 12 مئي تي ٿيل واقعن پرويز مشرف جي ساک کي نقصان پهچايو: وڪي ليڪس

    وڪي ليڪس تازي انڪشاف ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ 12 مئي تي ٿيل واقعن صدر پرويز مشرف جي ساک کي گهڻو نقصان پهچايو مشرف پاران اهڙن واقعن جي ذميواري حليف جماعت متحده قومي موومينٽ بدران اپوزيشن جماعتن تي وجهڻ جي ڪوششن جو ابتو نتيجو نڪتو وڪي ليڪس جي جاري ڪيل سفارتي پيغام موجب 21 مئي 2007 تي اسلام آباد جي آمريڪي سفارتخاني مان واشنگٽن کي موڪليل هڪ ڳجهي پيغام ۾ ٻڌايو ويو ته 2007 چونڊن جو سال آهي پاڪستان 1999 ڀيٽ ۾ گهڻو تبديل ٿي چڪو آهي مشرف ڪجهه مهينا اڳ جيترو مضبوط هو هاڻي ناهي رهيو ڳجهي خط ۾ لکيو ويو ته مشرف دور ۾ قيادت جي بحران جا 2 بنيادي سبب هئا. مشرف جي ڌر وارن ماڻهن چيف جسٽس جي معاملي کي بري طرح هينڊل ڪيو خاص ڪري احتجاج وارن شروعاتي ڏينهن ۾ صورتحال خراب رهي

    وڌيڪ پڙھو
  • چوڌري ڀائرن جي خواهش هئي ته فوج زرداري کي صدر ٿيڻ نه ڏي: وڪي ليڪس

    وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته چوڌري ڀائرن آصف علي زرداري جي صدر بنجڻ جي حق ۾ نه هئا ۽ سندن خواهش هئي ته فوج زرداري کيصدر بڻجڻ نه ڏئي. انٽر نيٽ تي ڳجها آمريڪي دستاويز شايع ڪندڙ ويب سائيٽ وڪي ليڪس موجب 2008ع ۾ آمريڪي سفير اين پيٽرسن هڪ ڳجهي پيغام ۾ واشنگٽن کي آگاه ڪيو ته مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن هڪ ملاقات ۾ پرويز مشرف جي با عزت طريقي سان اقتدار مان الڳ ٿيڻ لاءِ مختلف صورتن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ مشرف جي استعفيٰ کان پوءِ سندس سلامتي جي ذميواري چيف آف آرمي اسٽاف کڻندو. نئون بڻجڻ صدر اقتدار جي منتقلي کان پوءِ پرويز مشرف کي دبئي وڃڻ ڏيندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • آمريڪا ملا عمر سان سڌو ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو: برطانوي اخبار

    برطانوي اخبار ٽيليگراف پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا طالبان سربراهه ملا عمر سان سڌو ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪي عملدارن طريقيڪار طئي ڪري ورتو آهي، اخبار موجب آمريڪا ملا عمر سان سڌيون ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، ايجنٽ کان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرائيندڙ ماڻهن تائين اهم ملاقاتون ڪرڻ جو خواهشمند آهي اخبار موجب پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ مقرر آمريڪي نمائندو مارڪ گراسمين مسٽري مفاهمت جي نالي سان مشهور آهي، هليري ڪلنٽن ۽ آمريڪي دفاعي وزير طالبان سان ڳالهين جو سگنل پهريان ڏئي چڪا آهن. آمريڪي عملدار ملا عمر جي پرسنل سيڪريٽري طيب اغا سان ملاقات ڪري چڪا آهن،

    وڌيڪ پڙھو
  • جاپان جي وزيراعظم آگسٽ ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

    جاپان جي وزيراعظم نائوتوڪان هلندڙ سال آگسٽ ۾ پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو انڪشاف اتحادي پارٽي پيپلز نيو پارٽي جي اڳواڻ شيز وڪاڪيمي جاپان جي ميڊيا اختيارين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيز وڪاڪيمي چيو ته چيني وزيراعظم هلندڙ سال جي آگسٽ ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. واضح رهي ته جاپاني وزراعظم خلاف گذريل هفتي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر طرفان عدم اعتماد واري تحريڪ ناڪام ٿي وئي هئي، جڏهن ته حڪمران جماعت آگسٽ ۾ ٻي اضافي بجيٽ پيش ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي جنهن ۾ 11 مارچ تي بدترين زلزلي سبب متاثر ٿيل علائقن جي نئين سر تعمير واري ڪمن لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويندا

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button