پرڏيھي خبرون

12 مئي تي ٿيل واقعن پرويز مشرف جي ساک کي نقصان پهچايو: وڪي ليڪس

Wikileaks 0011واشنگٽن : وڪي ليڪس تازي انڪشاف ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ 12 مئي تي ٿيل واقعن صدر پرويز مشرف جي ساک کي گهڻو نقصان پهچايو مشرف پاران اهڙن واقعن جي ذميواري حليف جماعت متحده قومي موومينٽ بدران اپوزيشن جماعتن تي وجهڻ جي ڪوششن جو ابتو نتيجو نڪتو وڪي ليڪس جي جاري ڪيل سفارتي پيغام موجب 21 مئي 2007 تي اسلام آباد جي آمريڪي سفارتخاني مان واشنگٽن کي موڪليل هڪ ڳجهي پيغام ۾ ٻڌايو ويو ته 2007 چونڊن جو سال آهي پاڪستان 1999 ڀيٽ ۾ گهڻو تبديل ٿي چڪو آهي مشرف ڪجهه مهينا اڳ جيترو مضبوط هو هاڻي ناهي رهيو ڳجهي خط ۾ لکيو ويو ته مشرف دور ۾ قيادت جي بحران جا 2 بنيادي سبب هئا. مشرف جي ڌر وارن ماڻهن چيف جسٽس جي معاملي کي بري طرح هينڊل ڪيو خاص ڪري احتجاج وارن شروعاتي ڏينهن ۾ صورتحال خراب رهي 11 کان 14 مئي تائين ڪراچي جي واقعن مشرف جي ساک کي گهڻو متاثر ڪيو مشرف پاران انهن واقعن جو اپوزيشن ۽ چيف جسٽس تي معاملو وجهڻ جي ڪوشش عوام کي غصي ۾ آندو خط ۾ ٻڌايو ته لال مسجد سانحو، عدالتي بحران ۽ ملڪ ۾ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ جي موجودگي ۾ فوج جي اعليٰ قيادت سياستدانن کي اقتدار جي پرامن منتقلي کي ضروري سمجهي رهي هئي ته جيئن پاڪستان جي عوام ۽ بين الاقوامي برادري ۾ پاڪستان جي ساک کي ٻيهر بحال ڪري سگهجي.

مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button