پرڏيھي خبرون
-
بوسٽن ڌماڪا: مفرور ملزم جو تعلق چيچنيا سان آھي
آمريڪي پوليس سومر جو بوسٽن ميراٿن ۾ ٿينڙ بم ڌماڪن ۾ ملوث شخص کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪاروائي شروع ڪري ڏني آھي. جڏھن ته بوسٽن جا ڀرواس علائقن ۾ ٽئرفڪ مڪمل طور تي ته بند ڪئي ويئي اھي، اتي ڪنھن گاڏي کي اچڻ يا وڃڻ جي اجازت ناھي.
وڌيڪ پڙھو -
عراق ۾ سياسي جلسي تي حملي ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا
عراق جي صوبي دياله جي گاديءَ واري ھنڌ بقوبه ۾ ھڪ سياسي جلسي ۾ گرنيڊ ۽ آپگھات حملي جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا جڏھن ته 22 ڄڻا زخمي ٿيا آھن. ھن حملي ۾ پھريان جلسي جي جڳھ تي شامياني تي گرنيڊ اڇلايو ويو جنھن کان پوءِ ھڪ آپگھات حملو ڪندڙ پنھنجي پاڻ کي حملي ۾ اڏائي ڇڏيو.
وڌيڪ پڙھو -
اتر ڪوريا آمريڪا تي ايٽمي حملي جي منظوري ڏيئي ڇڏي
اتر ڪوريا جو چوڻ آھي ته پنھنجي فوج کي آمريڪا تي ايٽمي حملي ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آھي. بيان ۾ چيوويو آھي ته ڪوريا ۾ ھڪ کان ٻن ڏينھن ۾ جنگ شروع ٿي سگھي ٿي.
وڌيڪ پڙھو -
ڏکڻ آفريڪا جا 13 فوجي مارجي ويا
جوھانسبرگ:ڏکڻ آفريڪا جا 13 فوجين جي مارجڻ بعد سيٽرل آفريڪن ريپبلڪ مان پنھنجي 200 فوجين کي واپس گھرائي ورتو آھي. اھا ڳالھھ ڏکڻ آفريڪي نيشنل ڊفينس جي ترجمان اڱاري ڏينھن آمريڪي خابرو ايجنسي کي ٻڌائي.
وڌيڪ پڙھو -
پنھنجن ڇھھ ٻارن کي قتل ڪندڙ جوڙو مجرم قرار
برطانيه جي ھڪ عدالت پنھنجن ڇھن ٻارن کي ساڙيندڙ والدين کي مجرم قرار ڏئي ڇڏيو. برطانيه جي ھڪ جيورو ڊربي شائر جي ھڪ جوڙي مڪ فلپاٽ ءُ ميررڊ فلپاٽ ۽ انھن جي ساٿي پال موزلي کي ڇھن ٻارن جي قتل جو مجرم قرار ڏيئي ڇڏيو آھي.
وڌيڪ پڙھو -
برما: باھ لڳڻ سان تيرنھن ٻارڙا مارجي ويا
برما ۾ حڪومت مطابق رنگون شھر جي ھڪ اسڪول ۾ باھ لڳڻ سان تيرنھن ٻارڙا مارجي ويا آھن. پوليس جي ترجمان ٿيٽ لوين خابرو ايجنسي اي ايف پي کي ٻڌايو ته باھ رنگون جي ٻه منزله عمار ۾ لڳي جيڪو ھڪ مسجد جو حصو آھي
وڌيڪ پڙھو -
شام "خوني مھيني” ۾ ڇھ ھزار ماڻھو مارجي ويا
مارچ 2013 ۾ شام ۾ ٻن سالن کان ھلندڙ بغاوت ۾ سڀ کان وڌيڪ خوني مھينو ثابت ٿيو آھي جنھن ۾ ڇھ ھزار کان مٿي ماڻھو مارجي ويا آھن. برطانيه ۾ قائم ھڪ تنظيم جي جمع ڪيل معلومات مطابق مارچ 2013 ۾ شام ۾ چوڏنھن سو کان وڌيڪ باغين سميت ڇھ ھزار ماڻھو مارجي ويا آھن
وڌيڪ پڙھو -
ڪويت: پاڪستان سميت ٽن ماڻھن کي ڦاسي
ڪويت جي وزارت انصاف جي مطابق، ٽن کي قتل ڪرڻ جي جرم ۾ سومر تي ڦاسي ڏني ويئي جن ۾ ھڪ پاڪستان به شامل آھي. ياد رھي ته مئي 2007 کان پوءِ ملڪ ۾ ڦاسي جو ھي پھريون واقعو آھي. ٻين ڄڻن ۾ ھڪ سعودي آھي ۽ ھڪ ٻيو بي وطن عرب شامل آھي
وڌيڪ پڙھو -
حامد ڪرزئي قطر جي دوري کان پوءِ وطن واپس پھچي ويو
ڪابل: افغان صدر حامد ڪرزئي قطر جي ٻن ڏينھن جي دوري کان پوءِ وطن واپس پھچي ويو. ميڊيا جي مطابق افغانستان امن عمل ۾ بھتري لاءِ ان دوحه ۾ طالبان پاران سياسي دفتر قائم ڪرڻ جي امڪان تي ڳالھ ٻولھ ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
دبئي: مقصد ۽ منزل تي پهچڻ ۾ ڪير به روڪي نٿو سگهي،سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم
سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم جو اجلاس فورم جي چيئرمين ممتاز علي بروهي جي صدارت هيٺ 15 مارچ 2013ع تي دبئي ۾ ٿي گذريو. اجلاس جي ڪارروائي جون ذميواريون فورم جي سيڪريٽري جنرل صدرالدين پنهور ادا ڪيون.
وڌيڪ پڙھو