پرڏيھي خبرون

ڪويت: پاڪستان سميت ٽن ماڻھن کي ڦاسي

انڊس نيوز، مانيٽرنگ ڊيسڪ
Hang (640x334)ڪويت جي وزارت انصاف جي مطابق، ٽن کي قتل ڪرڻ جي جرم ۾ سومر تي ڦاسي ڏني ويئي جن ۾ ھڪ پاڪستان به شامل آھي. ياد رھي ته مئي 2007 کان پوءِ ملڪ ۾ ڦاسي جو ھي پھريون واقعو آھي. ٻين ڄڻن ۾ ھڪ سعودي آھي ۽ ھڪ ٻيو بي وطن عرب شامل آھي، سڀن ڄڻن کي سيڪيورٽي ۽ عدالتي اھلڪارن جي سامھون سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
پاڪستاني شھري کي ھڪ ڪويتي جوڙي کي جڏھن ته سعودي شھري کي پنھنجي وطن جي شھري کي قتل ڪرڻ جي جرم ۾ ڦاسي ڏني ويئي، جڏھن ته بي وطن عرب کي پنھنجن پنجن ٻارن ۽ گھرواري کي قتل ڪرڻ جي جرم ۾ سزا ڏني ويئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button