مختصر خبرون
-
مورو: افغاني پٺاڻن جي اچڻ سان سنڌ ۾ منشيات ۽ هٿيارن جو ڪاروبار وڌندو، سنڌ بچايو ڪاميٽي
سنڌ بچايو ڪاميٽي مورو جو اجلاس ايس يو پي جي ميزباني ۾ سنڌ هائوس ٽي ٿي گذريو جنهن ۾ جسقم، جسقم آريسر، جست، جسم، سنڌي ادبي سنگت، مورو جمهوري اتحاد جي اڳواڻن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي ۾ شامل جماعتن تي مشتمل مشاورتي ڪاميٽي جوڙي وئي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: جيئي سنڌ تحريڪ مورو طرفان جست جي ڪارڪن بلاول تي پولیس پاران تشدد خلاف مظاھرو
جيئي سنڌ تحريڪ مورو طرفان جست جي ڪارڪن بلاول تي اي ايس آءِ عمر سهتي پاران بلا جواز تشدد ڪرڻ جي خلاف شاهنواز ڀٽي، احساب چانديو، عابد علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ريلي
وڌيڪ پڙھو -
سکر: هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان شريف دوران سيپڪو انتظاميا طرفان ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري
سکر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان شريف دوران سيپڪو انتظاميا طرفان ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، روزيدار ۽ عام صارفين پريشاني جو شڪار، تفصيل موجب وفاقي حڪومت طرفان رمضان شريف دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ واري هدايتن باوجود سيپڪو انتظاميا رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سحري ۽ افطاري جي وچ واري ٽائيم ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: ايس ايس پي خيرپور ايس ايڇ او هنڱورجا کي رسول آباد واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ايس ايس پي خيرپور عثمان غني صديقي ايس ايڇ او هنڱورجا کي رسول آباد واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن ڏس ۾ ايس ايڇ او هنڱورجا امانت علي بروهي ميڊيا ٻڌايو ته هاڻ محمد پريل عرف بابو ميمڻ جنهن وقت به آيو سندن مرضي موجب ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
سکر جي بئنڪنگ ڪورٽ خيرپور جي ڊزن کان وڌيڪ باقيدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا
سکر جي بئنڪنگ ڪورٽ خيرپور جي ڊزن کان وڌيڪ باقيدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي پيش ڪرائڻ جو حڪم.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور جي عدالت جي حڪم تي سوراهه پوليس طرفان ناحق باندي بڻائيل عورت بازياب
خيرپور جي عدالت جي حڪم تي سوراهه پوليس طرفان ناحق باندي بڻائيل عورت بازياب، عدالت ۾ والد جو ساٿ ڇڏي مڙس سان گڏ رهڻ جي خواهش، هڪ لک جي ضمانت بعد مڙس حوالي.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور جي عدالت ٽن اهلڪارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا
خيرپور جي عدالت ٽن اهلڪارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کين عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ ڊي آءِ جي سکر، ايس پي خيرپور ۽ گهوٽڪي کي ليٽر جاري.
وڌيڪ پڙھو -
مورو: سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران 9 جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين سنڌ جا نيشنل هاءِ ويز بند ڪرڻ جو اعلان
سنڌ بچايو ڪاميٽي مورو جو اجلاس ايس يو پي جي ميزباني ۾ سنڌ هائوس ٽي ٿي گذريو جنهن ۾ جسقم، جسقم آريسر، جست، جسم، سنڌي ادبي سنگت، مورو جمهوري اتحاد جي اڳواڻن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي ۾ شامل جماعتن تي مشتمل مشاورتي ڪاميٽي جوڙي وئي
وڌيڪ پڙھو -
اي سيڪشن ٿاڻي تي ڊي ايس پي سميت ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز خلاف ڪيس داخل
اي سيڪشن ٿاڻي تي ڊي ايس پي سميت ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز خلاف ڪيس داخل، پوليس عملدارن گهر ۾ گهري ڦرلٽ بعد پٽ کي اغوا ڪري ويا آهن، فريادي جو مئوقف، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: اشتهاري قرار ڏنل عطا محمد مهراڻي ميرواهه ڀرسان گرفتار
خيرپور پوليس قتل ڪيس جي اشتهاري قرار ڏنل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جيل حوالي. تفصيل مطابق عدالتي حڪمن جي تعميلات ڪندڙ اسپيشل پوليس فورس جي انسپيڪٽر مهدي رضا آرائين، وڏي منشي محمد شهبان سولنگي، قمبر علي ناريجو، علي نواز شر ۽ ٻين هڪ ڳجهي اطلاع تي ميرواهه ٿاڻي جي هڪ قتل جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل ۽ عدالت مان اشتهاري قرار ڏنل عطا محمد ولد مير حسن مهراڻي کي هاءِ اسڪول ميرواهه ڀرسان گرفتار ڪري خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪرائيو.
وڌيڪ پڙھو