مختصر خبرون

خيرپور: اشتهاري قرار ڏنل عطا محمد مهراڻي ميرواهه ڀرسان گرفتار

خيرپور (انّا) خيرپور پوليس قتل ڪيس جي اشتهاري قرار ڏنل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جيل حوالي. تفصيل مطابق عدالتي حڪمن جي تعميلات ڪندڙ اسپيشل پوليس فورس جي انسپيڪٽر مهدي رضا آرائين، وڏي منشي محمد شهبان سولنگي، قمبر علي ناريجو، علي نواز شر ۽ ٻين هڪ ڳجهي اطلاع تي ميرواهه ٿاڻي جي هڪ قتل جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل ۽ عدالت مان اشتهاري قرار ڏنل عطا محمد ولد مير حسن مهراڻي کي هاءِ اسڪول ميرواهه ڀرسان گرفتار ڪري خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪرائيو. جنهن بعد کيس سينٽرل جيل خيرپور اماڻيو ويو. واضح رهي ته جوابدار خلاف ميرواهه ٿاڻي تي زميني تڪرار تان 6 جون 2009 تي فائرنگ ڪري عبدالجبار ولد خادم حسين جانوري کي قتل ڪرڻ جي الزامن هيٺ ڪيس داخل هيو. جنهن ۾ خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج آفتاب احمد آرائين جي عدالت کيس مسلسل غيرحاضر رهڻ سبب اشتهاري قرار ڏيئي ڇڏيو هيو اهڙي ليٽر ملڻ بعد اسپيشل پوليس کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائڻ بعد جيل اماڻي ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button