مختصر خبرون

خيرپور جي عدالت جي حڪم تي سوراهه پوليس طرفان ناحق باندي بڻائيل عورت بازياب

خيرپور (انّا) خيرپور جي عدالت جي حڪم تي سوراهه پوليس طرفان ناحق باندي بڻائيل عورت بازياب، عدالت ۾ والد جو ساٿ ڇڏي مڙس سان گڏ رهڻ جي خواهش، هڪ لک جي ضمانت بعد مڙس حوالي. تفصيل مطابق سوراهه ٿاڻي جي پوليس سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج آفتاب احمد آرائين جي عدالت جي حڪم تي ناحق باندي بڻائيل مسمات نظيران بڙدي کي اربع ڏينهن تي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪرائيو. جتي مسمات نظيران پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڄاڻائيو ته هوءَ پنهنجي مڙس محمد صفر بڙدي سان خوش آهي ۽ ساڻس گڏ رهڻ چاهي ٿي. عدالت اهڙو بيان قلمبند ڪرڻ بعد سندس مڙس کان هڪ لک روپيه جي ضمانت وٺڻ بعد کيس مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عدالت ۾ غلام نبي بڙدي درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻائيو هيو ته سندس ڌيءَ مسمات نظيران کي پنهنجي مڙس محمد صفر بڙدي ناحق قيد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي. اهڙي درخواست بعد عدالت سرچ وارنٽ جاري ڪندي سوراهه پوليس کي حڪم ڏنو هيو ته ناحق باندي بڻائيل مسمات نظيران کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button