مختصر خبرون
-
باڊهه ۾ مڪمل طور شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي
باڊهه: سنڌ ۾ ڌارين جي آمد خلاف سنڌ بچايو ڪاميٽي جي اعلانيل هڙتال جي سڏ تي باڊهه ۾ مڪمل طور شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، جنهن ڪري شهر ۾ ڪاروبار بند رهيو ۽ گاڏيون روڊن تان غائب رهيون.
وڌيڪ پڙھو -
مورو: وفاقي وزير غلام مرتضى خان جتوئي جو اباڻو شهر نوان جتوئي مسئلن جي ور چڙهي ويو
وفاقي وزير غلام مرتضى خان جتوئي جو اباڻو ۽ هڪ لک جي آبادي رکندڙ شهر نوان جتوئي مسئلن جي ور چڙهي ويو، ٻه سال اڳ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان جوڙايل ناقص مٽيريل سان ڊرينيج سسٽم هنڌان هنڌان ٽٽي پيو شهر توڙي گلين ۾ گندي پاڻي جا تلاءُ لڳي ويا
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس اڃان تائين سوگهو ڪري نه سگهي
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس اڃان تائين سوگهو ڪري نه سگهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ هوم سيڪريٽري، آءِ جي، ڊي آءِ جي اڄ عدالت ۾ طلب ، پ پ ايم پي اي 55 ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ سانحي جي متاثر عورتن وٽ پهتو، جوابدارن کي گرفتار ڪرائڻ جي خاطري
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ قومي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ بچايو ڪاميٽي جي ھڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو
حيدرآباد : جيئي سنڌ قومي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ آءِ ڊي پيز جي آمد خلاف سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران اعلانيل شٽربند هڙتال ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو، ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين چيو ته اسين سنڌ بچايو ڪاميٽي جي اعلانيل هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪريون ٿا
وڌيڪ پڙھو -
رمضان ۾ لوڊشيڊنگ گهڻائن واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو
رمضان ۾ لوڊشيڊنگ گهڻائن واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو، نوشهروفيروز ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب درزين جي جي احتجاجي مظاهرو. عوام سخت پريشان، سحري ۽ افطار وقت به بجلي نه هئڻ ڪري روزائتن کي تڪليف سان منهن ڏيڻو پوي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
مورو: جتوئي خاندان مسلم ليگ ”ن“ کان مايوس ٿي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جا چوٻول
مورو جي جتوئي خاندان مسلم ليگ ”ن“ کان مايوس ٿي پ پ ۾ شامل ٿيڻ بابت مورو شهر ۽ آسپاس جي علائقي جي ماڻهن ۾ چوٻول زور شور سان بحث جو موضوع بڻيل آهن. وفاقي وزير غلام مرتضيٰ خان جتوئي کانسواءِ جتوئي خاندان جا سمورا فرد پ پ ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه: اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ مظاھرو
اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف صبغت الله ٻگهيو ۽ عنايت الله ٻگهيي چيو آهي ته اسان يو سي ڪاراڻي سان واسطو آهي پر اسان کي آفر آرڊر نه پيا ڏنا وڃن، هنن وڌيڪ چيو ته اسان اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجمتاعي ڏاڍائي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجمتاعي ڏاڍائي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي خيرپور پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جو ڪوبه پتو نه پيو، پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻجي وئي، گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان لڄالٽ جو شڪار عورتن جي هٿ آيل موبائل فون پوليس گم ڪري ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: پاڪستان مسلم ليگ ن پاران محمد اسماعيل راهو کي سنڌ جو صدر مقرر ڪرڻ جي خوشي ۾ ريلي
پاڪستان مسلم ليگ ن پاران محمد اسماعيل راهو کي سنڌ جو صدر ۽ نهال هاشمي کي سنڌ جو جنرل سڪيريٽري مقرر ڪرڻ جي خوشي ۾ مورو ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ڪارڪنن محمد اسماعيل ڪورائي، غلام مرتضى آرائين، رميز عباسي، ابراهيم عمراڻي، نثار سيال، سعيد سهتو، منظور تارڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: سعيد احمد شيخ کي مورو جو نئون ڊي ايس پي مقرر ڪيو ويو
مورو ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه هجڻ ۽ عوامي شڪايتن تي سخت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر ڊي ايس پي مورو محمد ايوب هاليپوٽو کي هٽائي سندس جاءِ تي سعيد احمد شيخ کي مورو جو نئون ڊي ايس پي مقرر ڪري ڇڏيو جنهن اچڻ جارچ سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو