مختصر خبرون

رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس اڃان تائين سوگهو ڪري نه سگهي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس اڃان تائين سوگهو ڪري نه سگهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ هوم سيڪريٽري، آءِ جي، ڊي آءِ جي اڄ عدالت ۾ طلب ، پ پ ايم پي اي 55 ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ سانحي جي متاثر عورتن وٽ پهتو، جوابدارن کي گرفتار ڪرائڻ جي خاطري، جوابدارن جي گرفتار لاءِ رسول آباد ۾ شٽربند هڙتال ،هنڱورجا ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته متاثر 4 ئي عورتن سان گڏ پارليامينٽ هائوس آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو اعلان پريل ميمڻ،
تفصيل موجب رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ پريل ميمڻ جي گهر م لڳل لکين روپين جي ڌاڙي 4 عورتن شازيا، آسيا ڪائنات ۽ سپنا سان اجتماعي واقعي کي 55 ڏينهن گذري ويا پر پوليس اڃان تائين ملوث جوابدارن کي سوگهو ڪري نه سگهي آهي جنهن ڪري جوابدار ضمانتون ڪرائڻ ۾ مصروف آهن. 55 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ تڪ جو پ پ ايم پي اي پير آف راڻيپور سيد فضل علي شاه جيلاني نيٺ رسول آباد پهچي متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ کين کي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ ٿيو آهي جنهن تي دلي صدمو ٿيو آهي هن واقعي ۾ ملوث وحشي صفت جوابدارن کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ آءِ جي سنڌ سان ڳالهائيندس. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نياڻين سان اهڙا واقعا ٿيڻ افسوسناڪ ۽ شرمناڪ عمل آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي هن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار ڪيڏا به بااثر ڇونه هجن انهن کي قانون جي گرفت ۾ اچڻو پوندو. هوڏانهن متاثر خاندان جي پريل ميمڻ جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ هوم سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي ، ڊي آءِ ۽ ايس ايس پي خيرپور کي سڀاڻي (اڄ) رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي متاثر خاندان جي پريل ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته لڄالٽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف نه ڪيو ويو ته مجبور ٿي متاثر 4 ئي عورتن سان گڏ اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس آڏو عيد کان پوءِ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪئي ويندي.ٻئي پاسي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي رسول آباد شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند ڪيو ويو. جڏهن ته مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن جسقم جي علي عثمان ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، عيسا ميمڻ، انور سهتو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي رهبر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو مظاهرين جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ٻئي پاسي هنڱورجا ۾ سگا، جسقم ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن عبدالسميع ڀنڀرو، غلام شبير تنيو، عطيق سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي نٽهڻ اس ۾ جوابدارن جي خلاف نعريبازي ڪئي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته رسول آباد سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتاري ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button