مختصر خبرون

جيئي سنڌ قومي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ بچايو ڪاميٽي جي ھڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

پريس رليز
حيدرآباد : جيئي سنڌ قومي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ آءِ ڊي پيز جي آمد خلاف سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران اعلانيل شٽربند هڙتال ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو، ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين چيو ته اسين سنڌ بچايو ڪاميٽي جي اعلانيل هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪريون ٿا ۽ سڀئي پارٽي جا ورڪر ۽ عهديدار سنڌ بچايو ڪاميٽي جي اعلانيل سڏ جي حمايت ڪري سڄي سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪرائي وڃي، هن چيو ته ڌاريا سنڌ جي وجود لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن.جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button