مختصر خبرون
-
مورو، ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال جاري
مورو ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن کي پگهارون نه مليون اڄ 6 ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال، وفد جي صورت ۾ نوان جتوئي ۾ جتوئي هائوس تي وفاقي وزير سان ملازمن جي ملاقات پگهارون ڏيارڻ جي اپيل، وفاقي وزير پاران خاطري، ڊي سي نوشهروفيروز سان ڳالهائي توهان جا مسئلا حل ڪرائيندس
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا : ايريگيشن جي ننڍن ملازمن پاران مسئلن جي حل لاءِورڪرس ڪاميٽي قائم
ايريگيشن جي ننڍن ملازمن پاران مسئلن جي حل ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ايريگيشن ورڪرس ڪاميٽي قائم ، جدوجهد تيز ڪري تمام ملازمن کي متحد ۽ منظم ڪرڻ جو اعلان
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد ۾ زميندار جي فش فارم ۾ نامعلوم زهر اڇلائي ڇڏيو
سول آباد ۾ زميندار جي فش فارم ۾ نامعلوم زهر اڇلائي ڇڏيو ، لکين روپين جو نقصان ، هنڱورجا ٿاڻي تي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ٻن ڀائرن خلاف باڊهه ٿاڻي ڪيس داخل
اليڪشن 2013ع ۾ اين اي 205 ۽ پي ايس 41 تان آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ٻن ڀائرن خلاف باڊهه ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل، تفصيل موجب گذريل رات باڊهه ۾ گوپانگ ۽ بروهي برادري جي ٻن نوجوانن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ گوپانگ برادري جو هڪ نوجوان هٿ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا:مليريا کان بچاءَ ۽ مڇرن جي خاتمي جي لاءِ 30 هزار کان وڌيڪ مڇر دانيون تقسيم
خيرپور ضلعي جي مختلف يوسيز ۾ مليريا کان بچاءَ ۽ مڇرن جي خاتمي جي لاءِ 30 هزار کان وڌيڪ مڇر دانيون ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ، ڊائريڪٽر مليريا پروگرام جي ڊاڪٽر ناهيد جمالي ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر احسان علي جي نگراني ۾ ڏنيون ويون آهن .
وڌيڪ پڙھو -
مورو جي رهواسي پريمي جوڙي مائٽن جي قتل جي ڊپ کان ڪراچي ۾ پناھ وٺي ڇڏي
دادوــ مورو جي رهواسي پريمي جوڙي مائٽن جي قتل جي ڊپ کان دادو ۾ ميڊيا سان ڳالهائڻ بعد ڪراچي ۾ پناه ورتي ممتاز عالماڻي ۽ عائشه عالماڻي ميڊيا ک ٻڌايو ته اسان مائٽن جي رضا مندي ۽ پهنجي راز خوشي سان شادي ڪئي آهي عائشه الهجڙيو عالماڻي جي ڌي آهي جنهن کي چاچي حڪيم پاليو آهي جيڪو هن شادي مان خوش نه آهي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: 8 سالن جو نينگرراند ڪندي کوھ ۾ڪِري پيو
مورو ڀرسان ڳوٺ شفيع محمد ڪوريجو ۾ 8 سالن جو نينگر محمد علي پٽ عبدالغفار ڪوريجو راند ڪندي کوھ ۾ڪِري پيو جيڪو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ڪافي ڳولا ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڪلاڪ بعد هٿ ڪيو ويو نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف مورو شهر جي سنڌ ڪالوني ۾ لنڊڪي شاخ ۾ 10 سالن جو معصوم فرهاد ڪلهوڙو ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڪڍي گهر آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
وڌيڪ پڙھو -
ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال
مورو ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ روڊن تي نڪري آيا احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جو گشت ڪندا مورو ميڊيا آفيس آڏو پهتا جتي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا
وڌيڪ پڙھو -
مورو: پراڻي دشمني تان 50 سالن جو ھڪ ڳوٺاڻو قتل
مورو ڀرسان قمرالدين ٿاڻي جي حد رِند مُوري ڳوٺ احمد لاشاري ۾ پراڻي دشمني تان وڳڻ برداري جا ماڻهو هٿيارن جا مُنهن کولي ڇڏيا ۽ لاشاري برادري جي 50 سالن جو محمد هاشم لاشاري کي قتل ڪري فرار ٿي ويا جنهن جو اطلاع حد پوليس کي ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي مورو اسپتال آندو
وڌيڪ پڙھو -
روھڙي: شر برادري جو عورتن کي مارڪٽ ڪرڻ خلاف احتجاج
روهڙي جي علائقي ٻيڙي چوڪ جي رهواسي شر برادري پاران گهر تي حملي ۽ عورتن کي مارڪٽ ڪرڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ۾ شامل عورتن مسمات پٺاڻي،نصيبان،مبارڪان،بشير احمد ۽ ٻين چيو ته گذريل رات دير سان جوابدارن گهر تي حملو ڪري مسمات پٺاڻي،مبارڪان ۽ ٻين کي زخمي ڪيو
وڌيڪ پڙھو