مختصر خبرون

هنڱورجا:مليريا کان بچاءَ ۽ مڇرن جي خاتمي جي لاءِ 30 هزار کان وڌيڪ مڇر دانيون تقسيم

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
خيرپور ضلعي جي مختلف يوسيز ۾ مليريا کان بچاءَ ۽ مڇرن جي خاتمي جي لاءِ 30 هزار کان وڌيڪ مڇر دانيون ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ، ڊائريڪٽر مليريا پروگرام جي ڊاڪٽر ناهيد جمالي ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر احسان علي جي نگراني ۾ ڏنيون ويون آهن . اهڙو اظهار مليريا پروگرام جي ريجنل مينيجر ڊاڪٽر فرخ امتياز ڀنڀرو هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ ٻڌايو ته خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن ۾ هن کان اڳ هڪ لک کان وڌيڪ مڇر دانيون ورهائي چڪا آهيون جڏهن ته مليريا جا خاتمي جي لاءِ ضلعي ۾ سيمينار ۽ ورڪ چاپ ڪرايا ويا آهن 10 هزار نوجوانن کي مليريا جي خاتمي بابت خاص تربيت ڏني وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button