مختصر خبرون
-
هنڱورجا مان اغوا ٿي ويل ڊاڪٽر ٽي ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود بازياب نه ٿي سگھيو
هنڱورجا مان اغوا ٿي ويل ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جو اڳواڻ ۽ گاد شريف اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کي ٽي ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود پوليس انتظاميه مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ۽ پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو نه وري اغوا جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ تي مورو ۾ جسقم ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو
جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ تي مورو ۾ جسقم ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي اڪرم چانڊيو، امين ڪلهوڙو، محرم دل، غلام حيدر چانڊيو ۽ ٻين ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
نوجوان صحافي غلام نبي مڱريو ڪاري سائي سبب انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل
ٽنڊو محمد خان جو نوجوان صحافي غلام نبي مڱريو ڪاري سائي سبب انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل ، صوبائي حڪومت کي واهر ڪرڻ جي اپيل، خبر موجب ٽنڊو محمد خان جو نوجوان صحافي ۽ يونين آف جرنلسٽ ٽنڊو محمد خان جي آفيس سيڪريٽري غلام نبي مڱريو کي ڪاري سائي سبب انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: فنڪشنل ايم اين اي کي حضرت سچل سرمست جي 192 هين عرس مبارڪ جي تقريبات ۾ نظر انداز ڪيو پيو وڃي، مظاھرو
حضرت سچل سرمست جي 192 هين عرس مبارڪ جي تقريبات ۾ سچل يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي پاران فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري کي عرس مبارڪ جي ڪنهن به پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏيڻ خلاف فنڪشنل مسلم ليگ جي ڪارڪنن سيد عباس علي شاهه لڪياري ، ميان بشر فاروقي ، عبدالعزيز ڀنڀرو، عزيز سهتو، ديدار اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنڱورجا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
ڳوٺ جبيرجي جي رهواسين پارن ڳوٺ جي اسڪول تي با اثر ماڻهن پاران قبضي خلاف مظاھرو
ڳوٺ جبيرجي جي رهواسين پارن ڳوٺ جي اسڪول تي با اثر ماڻهن پاران قبضي خلاف ڳوٺاڻن غلام مصطفيٰ ، انور لاکو صادق ٻگھيو، عبد الرحمان ملو علي گوهر سمون جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
سچل سرمست جو 192 هون عرس مبارڪ سڀاڻي درازا شريف ۾ شروع ٿي رهيو آهي
دنيا جي عظيم صوفي بزرگ ۽ هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست رح جو 192 هون عرس مبارڪ سڀاڻي درازا شريف ۾ شروع ٿي رهيو آهي عرس مبارڪ جي تقريبات جو وزيراعلي سنڌ سچل سائين جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي افتتاح ڪندو.
وڌيڪ پڙھو -
سوڀوديرو: سڱاوتي تقرار تان پوليس جمعدار قتل
صوڀوديرو ٿاڻي جي حد مڏ جي ڳوٺ غلام قاسم منڱڻيجو ۾ سڱاوتي تقرار تان پوليس جمعدار قتل سندس سئوٽ فوجي اهلڪار شديد زخمي ، پنو عاقل جي اسپتال م داخل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ تحريڪ دادو پاران لياري ۾ ڪڇي برادري جي قتل عام خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
جئي سنڌ تحريڪ دادو پاران لياري ۾ ڪڇي برادري جي قتل عام خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هnيو هنن چيو ته لياري ۾ سازش تحت ڪڇي برادري جي ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي لڏايو پيو وڃي لياري ۾ ڪڇي برادري ۽ بلوچ برادري کي پاڻ ۾ وڙهايو پيو وڃي اها سازش ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو
وڌيڪ پڙھو -
انٽي ڪرپشن پوليس ڄامشورو خزانه آفيس دادو خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو
انٽي ڪرپشن پوليس ڄامشورو خزانه آفيس دادو جي آفيسرن ۽ ملازمن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر اعجاز زرداري، غلام مصطفيٰ لنڊ،علي بخش ميمڻ، نظير ڀٽو،غلام نبي لغاري فارووق آلکاڻي پير شمس ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو -
غوث علي شاھ کي پاڪستان جو صدر صدر بنايو وڃي، ن ليگ سکر
پاڪستان مسلم ليگ ن جي سکر ڊويزن جي عهديدارن جو هڪ هنگامي اجلاس حاجي عبدالطيف آرائين جي صدرات ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ڪارڪنن عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ متفق راءِ سان هڪ ڪرداد پاس ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي قيات کان پُر زور مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان مسلم ن صوبي سنڌ جي صدر سيد غوث علي شاھ کي صدر پاڪستان جي عهدي جي لاءِ نامزد ڪيو وڃي
وڌيڪ پڙھو