مختصر خبرون

سوڀوديرو: سڱاوتي تقرار تان پوليس جمعدار قتل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
صوڀوديرو ٿاڻي جي حد مڏ جي ڳوٺ غلام قاسم منڱڻيجو ۾ سڱاوتي تقرار تان پوليس جمعدار قتل سندس سئوٽ فوجي اهلڪار شديد زخمي ، پنو عاقل جي اسپتال م داخل، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو
تفصيل موجب صوڀوديرو ٿاڻي جي حد مڏ شريف جي ڳوٺ غلام قاسم منڱڻيجو ۾ منڱڻيجا برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ هلندڙ سڱاوتي تقرار سبب هڪ ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻي ڌر جي صوڀوديرو ٿاڻي تي مقرر پوليس جي جمعدار محمد رمضان منڱڻيجو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته فائرنگ ۾ سندس سئوٽ فوجي اهلڪار خادم حسين منڱڻيجو گوليون لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي پهريان صوڀوديرو اسپتال ۽ بعد ۾ پنو عاقل فوجي ڇاوڻي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي صوڀوديرو پوليس پهچي مقتول پوليس جمعدار جو لاش صوڀوديرو اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي. جڏهن ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ سندس گهرن تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار ڌر پنهنجا گهر خالي ڪري هليا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button