مختصر خبرون
-
ڀاءُ جي تشدد کان تنگ ٿي ناري عدالت ۾ پھتي
مورو شهر جي چهواڻ ڪالوني جي رهواسڻ نوجوان ناري شبانه ڌي عبدالغني چهواڻ ڀاءُ جي تشدد کان تنگ اچي گهران نڪري مورو جي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ احمد نواز ڊومڪي جي عدالت ۾ پهتي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ قائم 5 ڪاٽن فيڪٽريز مالڪن هڪ هٽي
هنڱورجا ۽ رسول آباد ۾ قائم 5 ڪاٽن فيڪٽريز مالڪن هڪ هٽي قائم ڪندي ڦٽين جو اگهه هڪ ڀيرو ٻيهر 7 سئو روپيه في مڻ تي ڪيرائي ڇڏيو آهي، آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: قومي شاهراه تي ڦر جي ڪوشش، پوليس ۽ ھٿياربندن ۾ مقابلو
هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراه تي 10 نامعلوم هٿياربندن پاران2 مختلف هنڌن تي مسافر گاڏين کان ڦر لٽ جي ڪوشش ، پوليس ۽ هٿياربندن جي وچ ۾ مقابلو
وڌيڪ پڙھو -
بجلي ءِ تيل جي اگھن جي واڌ خلاف پيپلز يوٿ طرفان احتجاجي مظاھرو ڌرڻو
شڪارپور ۾ بجلي ءِ تيل جي اگھن جي واڌ خلاف پيپلز يوٿ طرفان احتجاجي مظاھرو ڌرڻو ، ٽائرن کي باھيون روڊ بلاڪ
وڌيڪ پڙھو -
شڪارپور: ڊي او سوشل ويلفيئر کي ھٽايو وڃي، شھرين جو مطالبو
مونٽيسري اسڪول جي ڪرپشن جو ٻيو ڀانڊو بھ ڦاٽي پيو ، ڊي او سوشل ويلفيئر بغير ڪاميٽي اپروول جي ڀرتيون ڪري ڇڏيون ، ڳري رشوت عيوض 10 ٽيچرس ءِ 2 ڪلاڪ ڀرتي ، خريداري جي مد ۾ بھ 20 لک ھڙپ ڪري ويو ، سڄاڻ ڌرين طرفان جاچ جو مطالبو
وڌيڪ پڙھو -
سکر: مئٽر جو سپليمينٽري امتحان 21 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو
ثانوي و اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي امتحانن واري ڪنٽرولر اعلان ڪيو آهي ته سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ پارٽ ٽو(ڪلاس ڏهين) جي ڪيميسٽري، بائيولاجي، فزڪس، فوڊ اينڊ نيوٽريشن ۽ ڪلاٿنگ اينڊ ٽيڪسٽائل مضمونن جا سپليمينٽري پريڪٽيڪل امتحان 21 آڪٽوبر کان شروع ٿيندا
وڌيڪ پڙھو -
ناجائز اڏاوت جو نوٽس ورتو وڃي، ڀٽا روڊ جي رهواسڻ
سکر پريس ڪلب ۾ ڀٽا روڊ جي رهواسڻ بيواهه حاڪم زادي صحافين کي دانهيندي ٻڌايو ته علائقي جي بااثر شخص عبدالحڪيم عرف سرور منگي ناجائز طور سندن گهٽيءَ تي قبضو ڪري ان مٿان گيلري ٺاهي ڇڏي آهي، جنهن ڪري کين اچ وڃ ۾ سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
ڊي آءِ جي سکر شرجيل کرل سان سندس والد جي وفات تي تعزيت جو اظهار
ڊي آءِ جي سکر شرجيل کرل سان سندس والد جي وفات تي ڪالهه سکر جي صحافين پريس ڪلب جي صدر لالا اسد پٺاڻ ، امداد بوزدار، عمر سومرو، فريد سومرو، ۽ ٻين تڏي تي پهچي ساڻس گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت لاءِ گهري ان موقعي تي سندس چاچو ايم پي اي نعيم کرل ۽ ٻيا سوڳوار پڻ موجود هئا جن سان مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن پاران تعزيعت جو سلسلو جاري آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ڳڙھي خيرو مان برساتي پاڻي نه نڪري سگھيو، شھرين کي پريشاني
ڪيترائي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڳڙهي خيرو شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ، شهر جي حيدر شاھ محلي ، عيد گاھ محلي ، سول اسپتال روڊ ، ڊي ايس پي روڊ سميت مختلف هنڌن تي اڃان تائين برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب رهواسي سخت پريشان
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان مسلم ليگ ن تعلقي مورو پاران افطار پارٽي جو اھتمام
پاڪستان مسلم ليگ ن تعلقي مورو جي صدر غلام مرتضى آرائين ۽ ٻين عهديدارن کي شهر جي معزز شخصيت منظور تارڙِ پاران افطار پارٽي ڏني وئي، افطار پارٽي ۾ مسلم ليگ سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن ڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي تعلقي صدر غلام مرتضى آرائين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن هميشھ حق ۽ سچ جي سياست ڪئي آهي ۽ مسڪينن غريبن پورهيتن جي مدد ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو