تعليم ۽ نئين ٽھي
-
سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرن جي ڪميٽي جو اهم اجلاس ڄامشورو ۾ ٿي گذريو
سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرن جي ڪميٽي جو اهم اجلاس گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل جي صدارت هيٺ وي سي هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيز ترميمي بل 2013 تي تفصيلي غور ويچار ڪندي سفارشون تيار ڪيون ويون
وڌيڪ پڙھو -
استاد معاشري جو نهايت قابل احترام فرد آهي، ڊاڪٽر نذير اي مغل
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل ٽيچرز ڊي جي موقعي تي استادن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته استاد معاشري جو نهايت قابل احترام فرد آهي
وڌيڪ پڙھو -
مهراڻ يونيورسٽي نئين سال 2014ع جي جوڙيل داخلا پاليسي خلاف جساف جو مظاھرو
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نئين سال 2014ع جي جوڙيل داخلا پاليسي خلاف جساف مرڪز جي سڏ تي سنڌ، مهراڻ يونيورسٽين جي شاگردن سنڌيونيورسٽي کان ريلي ڪڍي نعريبازي ڪندي مختلف ڊپارٽمينٽن جو گشت ڪندي ريلي ڄامشورو شهر پهتي
وڌيڪ پڙھو -
ڪتاب پڙهڻ وارا ئي ليڊر ٿيندا آهن، نثار کھڙو
سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ڪتاب پڙهڻ وارا ئي ليڊر ٿيندا آهن ۽ آئي بي اي جا شاگرد خوش قسمت آهن جيڪي نثار احمد صديقي جي رهنمائي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن طالب علم قوم جو مستقبل آهن
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي رينڪنگ تي ڳڻتي جو اظھار، ئين سر جائزو وٺڻ جو مطالبو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي صدارت هيٺ سيل جو هڪ اهم اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ هيڪ رينڪنگ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پوزيشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هائير ايجوڪيشن ڪميشن اختيارين کان رينڪنگ جو نئين سر جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس ۾ بي.اي جا سيمسٽر امتحان شروع
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس ۾ بي.اي جا سيمسٽر امتحان شروع، ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر پاران سول انجنيئرنگ،ميڪنيڪل انجنيئرنگ،اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۽ پيٽروليم ۽ نيچرل گئس انجنيئرنگ شعبن ۾ امتحاني بلاڪن جو دورو ڪيو.پرو وائس چانسلر شاگردن کان امتحاني انتظامن بابت معلومات ورتي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تعليم جي شعبي ۾ ليڪچرار جي نتيجي جو اعلان ڪري ڇڏيو
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار جاگرافي ( مرد / عورت) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ هلندڙ مهيني اهل اميدوارن کان ورتل انٽرويو ۾ ڪامياب اميدوارن جي نتيجي جو اعلان ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جا امتحانن جو آغاز ٿي چڪو آھي، ڪنٽرولر
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي امتحانن واري ڪنٽرولر ڊاڪٽر حامد خان نيازي اعلان ڪيو آهي ته سيميسٽر سرءُ 2012 ميٽرڪ، ايف اي، ايف اي سي، ڊپلوما ان ايجوڪيشن، بي اي، بي ايس (سي ايس)، بي ايس (مائڪرو بائيولاجي ۽ ڪيمسٽري پروگرام جي امتحانن جو آغاز ٿي چڪو آهي ۽ سمورن اميدوارن کي ٽپال ذريعي سِلپ، ڊيٽ شيٽ ۽ رول نمبر موڪليا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌيونيورسٽي سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ سيمسٽر امتحانن جي فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ
سنڌيونيورسٽي جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد علي روشن پٺاڻ پنهنجي هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌيونيورسٽي سان لاڳاپيل سرڪاري ۽ نجي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ سيمسٽر امتحانن جا فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 14مئي تائين واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن کان پوءِ اميدوار هاڻي 14 مئي تائين ليٽ فيس کان سواءِ پنهنجا امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهندا.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ يونيورسٽي ۾ پھريون سيمسٽر 16 مئي کان شروع ٿي رھيو آھي
سنڌيونيورسٽي ۾ 2013 جي پهرئين سيمسٽر جا ريگيولر، امپروور ، فيليوئر توڙي 2012 جا اسپيشل سيمسٽر امتحان 16 مئي کان شروع ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ٻئي سيمسٽر جا (صبح ۽ شام) جي سمورن بيچلرس/ ماسٽرس (آنرس، پريويس۽ فائنل) جا امتحان پهرين جون کان لاڳاپيل انسٽيٽيوٽس ۽ شعبن ۾ شروع ٿيندا.
وڌيڪ پڙھو